اڱارو, 23 جولاءِ 2019

 سائڻ خديجه سلام الله عليها بنت خويلد بن اسد بن عبدالعزي بن قصي هڪ عقلمند، گهري سوچ رکندڙ ۽ پاڪيزه روح جي مالڪ بيبي هئي.(1)

سندن حسب ۽ نسب، خانداني ۽ طهارت جي لحاظ کان جزيرة العرب  خاص طور قريش ۾ مڙني کان مٿانهون هو .(2)

سائڻ خديجه سلام الله جي امڙ فاطمه بنت زائد قريش جي شاهوڪار خاتون هئي ۽ اسلام کان اڳ به  طاهره جي لقب سان مشهور هئي.(3)

سائڻ خديجه سلام الله عليها عام الفيل کان 15 سال ۽ هجرت کان 68 سال پهريان مڪي مڪرمه ۾ اک کولي ۽ 65 سال جي شرافت ۽ عظمت سان ڀريل زندگي گذارڻ کان پوءِ آخرڪار ڏهين رمضان المبارڪ، بعثت جي ڏهين سال ۽  پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي مديني منوره ڏانهن هجرت کان 3 سال پهريان رحلت فرمائي.

سائڻ خديجه سلام الله عليها جي ابي ۽ امڙ جو نسب ڪجھ پيڙهن سان لوي بن غالب تائين پهچي ٿو جيڪو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي وڏڙن منجهان هڪ آهي، ان ڪري سائڻ خديجه سلام الله عليها پيءَ ۽ ماءُ جي طرفان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي هم نسب آهي.(4)

سائڻ خديجه سلام الله عليها جڏهن شام جي تجارتي سفر ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي اعلى اخلاقي صفتن کان آگاھ ٿي ۽ يهودي ۽ عيسائي عالمن کان نبوت ۽ رسالت جون خبرون ٻڌيون ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم سان اُڪير ٿي پين ۽ ساڻن محبت سان پنهنجو مقام ۽ مرتبو وڌايائون، پوءِ اها ڪوشش ڪئي ته پنهنجو سڀ ڪجھ

پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم تان نثار ڪري ڇڏين.

آخرڪار سائڻ خديجه سلام الله عليها پنهنجي هڪ ٻانهيءَ يا ٻيءَ راءِ مطابق پنهنجي ڀيڻ کي پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ موڪليو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جو اظهار ڪيو.(5)

بني عبدالمطلب وڏي شان ۽ شوڪت سان بيبي خديجه سلام الله عليها جي گهر پهتا حضرت ابو طالب نڪاح جو خطبو پڙهيو.(6)

بيبي خديجه سلام الله عليها نڪاح کان پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ آئي ۽ فرمايو: سيدي الى بيتك بيتي بيتك و انا جاريتك.(7)

ترجمو: اي منهنجا سردار پنهنجي گهر هليا اچو، منهنجو گهر اوهان جو گهر آهي ۽ آءٌ اوهان جي ٻانهي آهيان.

اسلام کان اڳ سائڻ خديجه جا لقب

1. سندس ولادت کان تمام گهڻو پهريان حضرت عيسى عليه السلام تي نازل ٿيندڙ ڪتاب انجيل ۾ سائڻ جو ذڪر “مبارڪه” (برڪت ڀري بيبي) ۽ بهشت ۾ حضرت مريمI جي همدم سان ٿيو آهي. جيئن الله سائين، رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جي واکاڻ ڪندي حضرت عيسىA کي فرمايو: نسله من مباركة و هي مونس امك في الجنة.(8)

ترجمو: سندس نسل مبارڪه (برڪتن ڀري بيبي) منجهان اڳتي وڌندو جيڪا بهشت ۾ تنهنجي ماءُ جي همدم هوندي .

2. اسلام کان اڳ جڏهن گھڻي ڀاڱي عورتون اجاين ريتن ۽ رسمن ۾ وڪوڙيل هيون ۽ پاڪيزه عورتون اڻ لڀ هيون، بيبي خديجه سلام الله عليها زندگيءَ جي هر موڙ تي پاڪ رهڻ جي ڪري طاهره جي لقب سان مشهور هئي.

3. ان زماني ۾ حضرت خديجه سلام الله عليها جي هر عام ۽ خاص ماڻهو وٽ ايڏي عزت هئي جو ماڻهو کيس “سيدة نسوان”(9) عورتن جي سردار بيبي جي لقب سان سڏيندا هئا.

فداڪاري ۽ ايمان

حضرت خديجه سلام الله عليها سڀني انساني فضيلتن ۽  روحاني ڪمالن جي مالڪ هئي ۽ سندس اهي فضيلتون ۽ ڪمال ئي رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم سان ڳنڍجڻ جو سبب بڻيا.

ايمان ۽ عقيدي سبب ان مقام تي فائز ٿيون جو الله، ان جو رسول8 ۽ مقرب ملائڪ ساڻس محبت ڪندا هئا ۽ سندس ايمان تي فخر ڪندا هئا ۽ کيس ڪائنات جي بهترين عورتن ۾ شمار ڪندا هئا .

رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم سندس فضيلت بيان ڪندي فرمائن ٿا: اي خديجه الله سائين تنهنجي وجود جي ڪري ڏينهن ۾ ڪافي ڀيرا ملائڪن تي فخر ڪندو آهي.(10)

بيشڪ سائڻ پنهنجي ايمان ۽ فداڪارين جي ڪري اهو مرتبو ۽ مقام حاصل ڪيو جو الله سائين مٿس سلام موڪليو .

سائڻ خديجه سلام الله عليها اهنج ايذاء برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سماجي ۽ سياسي حالتن سبب رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جي روح کي زخمي ڪرڻ واري هر سختيءَ جو رخ موڙي ڇڏيو ۽ کين روحاني سفر جاري رکڻ ۾ مدد ڏني ۽ پاڻ ڪريم8 لاءِ چين ۽ سڪون جو ماحول پيدا ڪيو .

سائڻ خديجه سلام الله عليها قرآن جي نظر ۾

حضرت خديجه پهرئين ام المومنين آهي جنهن کي قرآن رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم جي گھرواري جي عنوان سان ساراهيو آهي ۽ جيتوڻيڪ سورت ضحى جي اٺين آيت ۾ سندس ذات پاڪ ۽ صفتن ڏانهن اشارو ٿيو آهي.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم سان شادي کان پهريان عربستان جي سڀ کان وڏي مالدار خاتون هئي، جنهن وٽ تقريبن  8000 (اٺ هزار)  اُٺ هئا ۽ سندس واپاري قافلا ڏينهن  رات طائف، يمن، شام، مصر ۽ ٻين ملڪن ڏانهن اچ وڃ ۾ رُڌل هئا. ڪيترائي نوڪر ڪاروبار جي سار سنڀال ۾ لڳل هوندا هئا.

پاڻ سڳورن صلى الله عليه و آله وسلم سان شادي کان پوءِ سڄي ملڪيت سندن خدمت ۾ رکيائون ته جيئن پاڻ سڳورا8 جهڙي نموني چاهن الله جي راھ ۾ خرچ ڪن.

الله سائين، رسول اڪرم8 تي پنهنجي نازل ڪيل نعمتن کي بيان ڪندي فرمائي ٿو:

وَ وَجَدَكَ عائِلاً فَأَغْنى‏”.(11)  ۽ الله تو کي غريب ڏٺو ته مالدار بڻايائين.

شيعه ۽ اهل سنت جي تفسيرن ۾ چٽي نموني بيان ٿيو آهي ته پيغمبر اڪرم8 کي غني ٺاهڻ مان مراد سائڻ خديجه سلام الله عليها جو مال آهي،جنهن پنهنجي هر شيء وڏي خلوص سان دين مبين جي ترقي لاءِ پاڻ سڳورن8 جي حوالي ڪئي.(12) 

عفت ۽ پارسائي

قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي :“ مَنْ عَمِلَ صالِحاً مِنْ ذَكَرٍ أَوْ أُنْثى‏ وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْيِيَنَّهُ حَياةً طَيِّبَة”.(13)

جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مرد ھُجي يا عورت ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون،

قرآن ڪريم پاڪ زندگي جي حاصلات لاءِ نيڪ عمل، پاڪدامني ۽ ايمان کي لازم قرار ڏنو آهي ۽ اهي سڀئي خاصيتون سائڻ خديجه سلام الله عليها جي سيرت ۾ اسان کي چٽيون ۽ واضح ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جڏهن ته اسلام کان اڳ ۾ سائڻ جي عفت ۽ پاڪدامني نموني عمل هئي ۽ سائڻ طاهره جي لقب سان مشهور هئي. ۽ هر عام ۽ خاص جي زبان تي سندس فضائل ۽ خاصيتون هيون . ان جي باوجود جو اڻ مَئي مال جي مالڪ هئي ۽ ڪيترائي ماڻهو وٽس رشتو کڻي آيا. پر خدا جي عشق سان ٽمٽار دل عفت ۽ پاڪدامني واري زندگي گذاري ڇڏي ۽ اها ئي عفت ۽ پاڪدامني سندن حيات طيبه يا پاڪيزه زندگي جو سبب بڻي.

روحاني ڪاڄ

 يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَ ابْتَغُوا إِلَيْهِ الْوَسيلَة.(14)

“اي ايمان وارو خدا (جي مخالفت) کان ڊڄو ۽ ان جي قريب ٿيڻ جو وسيلو تلاش ڪريو”

شادي هڪ اهڙو ته معنوي ۽ روحاني پيچ آهي جنهن جي ذريعي سائڻ سلام الله عليها، رسول اڪرم8 جي زندگيءَ ۾ شامل ٿي . ڪجھ روحاني سببن جي ڪري سائڻ جي رسول اڪرم8 سان شادي ٿي ۽ انهن جي شادي ۾ ڪنهن به مادي سبب جوعمل دخل نه هو. سائڻ جڏهن رسول8 جي اخلاق. ڪردار ۽ اعلى صفتن کان آگاه ٿي ته کين پنهنجي شادي جي لاءِ چونڊيو. ۽ جڏهن نڪاح جو خطبو پڙهندي حضرت ابو طالب عليه السلام بني هاشم جا فضائل بيان ڪيا ته سائڻ جي سوٽ ورقه ابن نوفل چيو ڪير به توهان جي فضائل جو انڪاري نه آهي. اسان دل جي گهراين سان چاهيون ٿا ته توهان جي شرافت واري رسي سان ڳنڊجي پئون.(15) ان روحاني شادي جو ثمر خلقت جي ناياب گوهر، ڪوثر قرآن، سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي روپ ۾ رونما ٿيو . انهيءَ املھ ماڻڪ ۽ سندس اولاد جي نور سان پوري ڪائنات جرڪي رهي آهي .

اسلام ۽ ايمان

قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي :“ إِنَّ الَّذينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ يَهْديهِمْ رَبُّهُمْ بِإيمانِهِم(‏16) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل انجام ڏنا الله سائين انهن جي سندن ايمان جي ڇانوري ۾ هدايت ڪندو”

 سائڻ خديجهJ جا صالح عمل ۽ پختو ايمان سبب ٿيا ته سائڻ اها پهرين عورت بڻجي جيڪا پنهنجي عمل سان ثابت ڪري ته سندس الله ۽ ان جي رسول تي ڪيترو ايمان آهي.

سائڻ ايمان جي اهڙي اعلى درجي تي پهتي جو رسول اڪرم8 سندن فضيلت بيان ڪندي فرمايو: بهشت جون بهترين عورتون چار آهن خديجه ڌيءَ خويلد، فاطمه ڌيءَ محمد8، مريم ڌيءَ عمران ۽ فرعون جي گهرواري آسيه ڌيءَ مزاحم.(17)

نماز قائم ڪرڻ

جئين ته قرآن فرمائي ٿو:“ وَ لكِنَّ الْبِرَّ ... وَ أَقامَ الصَّلاةَ وَ آتَى الزَّكاة(18)

بلڪه نيڪي اها آهي ته....نماز قائم ڪري ۽ زڪات ادا ڪري”

سائڻ خديجه سلام الله عليها جو عظمت وارو ايماني جلوو نماز قائم ڪرڻ جي روپ ۾ پڻ جلوي گر ٿيو. رسول اڪرم8 جي ذات تي پختي ايمان کان پوءِ سائڻ خديجهJ حضرت علي عليه السلام ۽ زيد بن حارثه سان گڏجي رسول اڪرم جي امامت ۾ نماز جماعت ادا ڪئي ۽ نماز قائم ڪرڻ کي پنهنجي سڀ کان پهرين ذميواري سمجهندي هئي:“ الَّذينَ إِنْ مَكَّنَّاهُمْ فِي الْأَرْضِ أَقامُوا الصَّلاة(19) ،

 اهڙا افراد جن کي جڏهن زمين تي قدرت عطا ڪريون ته نماز قائم ڪندا”.

بعض روايتن ۾ آيو آهي ته اها پهرين نماز جيڪا رسول اڪرم8 قائم ڪئي سا نماز ظهر ۽ جمعي جي ڏينهن واري نماز آهي.

سائڻ خديجه جو نماز قائم ڪرڻ هڪ طرف کان سندن قلبي اطمينان کي ثابت ٿو ڪري ته ٻئي طرف کان خدا جي سامهون سندن بندگي کي ظاهر ٿو ڪري.(20)

 

هجرت

حضرت بيبي خديجه جي متعلق ٻين قرآني نڪتن مان هڪ نڪتو سائڻ جي پيغمبر اڪرم8 سان هجرت آهي:“ وَ الَّذينَ آمَنُوا وَ هاجَرُوا وَ جاهَدُوا في‏ سَبيلِ اللَّهِ ... لَهُمْ مَغْفِرَةٌ وَ رِزْقٌ كَريمٌ(21)  ۽ جن ايمان آندو۽ هجرت ڪئي ۽ الله جي راھ ۾ جهاد ڪيائون...انهن لاءِ بخشش ۽ نيڪ روزي آهي”.

قريش جي ڪافرن ۽ مشرڪن رسول اڪرم8 ۽ مسلمانن جي خلاف پاڻ ۾ هڪ معاهدو ڪيو ته مسلمانن سان سماجي ۽ اقتصادي بائيڪاٽ ڪيو وڃي. پر پيغمبر اڪرم8 بني هاشم، بني عبدالمطلب ۽ بني عبد مناف سان گڏجي بعثت جي ستين سال پهرئين محرم جي رات شعب ابي طالب ڏانهن هجرت ڪئي ۽ سائڻ خديجه سچائي سان رسول اڪرم8 تي فداڪاري ڪئي ۽ اسلام ۽ مسلمانن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏي پيماني تي رسول اڪرم8جي حمايت ڪئي. ۽ ڪجھ مسلمانن جي پيغمبر اڪرم8 جي حڪم سان حبشه ڏانهن هجرت ۽ اسلام جي ترويج لاءِ هڪ مضبوط مورچو ٺاهڻ ۽ ڪافر ۽ مشرڪ سردارن کي مايوس ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڄي ملڪيت ۽ دولت خرچ ڪئي. شعب ابي طالب ۾ سائڻ ۽ سندس پيڪاڻي مائٽن طرفان مسلمانن ۽ پيغمبر اڪرم8 جي مدد، مسلمانن جي دلين جي مضبوط ٿيڻ جو سبب بڻي. ان سڄي مدد ۽ فداڪاري جي ڪري جيڪا مثالي فداڪاري هئي پيغمبر اڪرم8 هميشه سائڻ خديجه کي ڏاڍو ياد ڪندا هئا ۽ سائڻ خديجهJ جي خدا سان حقيقي محبت جي نشاني ان جو خالص پيغمبر اڪرم 8جي پيروي ڪرڻ آهي.(22)

صبر ۽ ثابت قدمي

سائڻ جي زندگي جي ٻين مشهور نڪتن مان رسول جي مقصدن تائين پهچڻ واري راھ ۾ بيبي جي ثابت قدمي ۽ صبر آهي. جهڙي ريت قرآن ڪريم فرمائي ٿو:“يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اصْبِرُوا وَ صابِرُوا وَ رابِطُوا وَ اتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُون‏”(23) ، اي ايمان وارو (مشڪلاتن ۽ نفساني خواهشن جي مقابلي ۾) صبر ڪريو ۽ دشمنن جي مقابلي م استقامت ڪريو ۽ خدا کان ڊڄو شايد سوڀ ماڻيو”.

سائڻ خديجهJ جو ان حال ۾ پيغمبر اڪرم8 سان وفادر هجڻ جڏهن مشرڪن سندن ڳالھ قبول نه پئي ڪئي پيغمبر8 جي قلب جي قوت جو سبب پئي بڻيو ۽ سائڻ جو ان سان ساٿ ماڻهن کي خدا ڏانهن سڏڻ وقت سندن ثابت قدمي جو سبب پئي بڻيو.

حوالا

1) محمد بن سعد،طبقات، جلد 1، ص 127

2) محمد بن سعد،طبقات، جلد 1، ص129

3) عماد زاده، زنان پيامبر اسلام، ص304

4) شيخ عباس قمي، سفينه البحار، ج 1 ، ص 279

5) محمد تقي مجلسي، بحار الانوار، بيروت ص379

6) محمد تقي مجلسي، بحار الانوا ر، ج 16، ص20

7) عباس قمي، سفينه البحار، ج1، ص379

8) محمد تقي مجلسي، بحار الانوار، ج21، ص352

9) ذبيح الله محلاتي، رياحين الشريعة، تهران، دارالڪتب الاسلامية، ج2، ص207

10) علي اڪبر ، تحليل سيده فاطمه زهرا، ص37

11) سورت ضحى، آيت8

12) علي اڪبر ، سيماي زنان در قرآن، ص23

13) سورت نحل، آيت97

14) سورت مائده، آيت35

15) آيت الله سبحاني، فروغ ابديت، ج1، ص164

16) سورت يونس، آيت 9

17) شيخ صدوق. خصال، ص195

18) سورت بقره، آيت 177

19) سورت حج، آيت 41

20) يعقوبي، تاريخ يعقوبي، ج1، ص378

21) سورت انفال، آيت74

22) ­سورت آلعمران، آيت 31

23)  سورت آلعمران، آيت200

هي سوال شيعت جي حوالي سان هڪ وڏي اهميت جو حامل آهي ته ان جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ ۽ وري ڪهڙي سببن ڪري هڪ خاص مذهب

مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید