اڱارو, 23 جولاءِ 2019

حضرت علي عليه السلام جي خاموشيءَ جا اسباب

  • انداز قلم

مهاڳ: سقيفي مان ايندڙ دلخراش صدا ۽ آواز جيڪو اڄ به بيدار دلين ۽ زنده ضمير انسانن سان ٽڪرائجي چوي ٿو ته آءُ ان شخص جو آواز آهيان جيڪو تاريخ جو سڀني کان وڌيڪ مظلوم،

سيرت معصومين عليهم السلام

 

 ۽ طاقت ۽ توانائي رکڻ جي باوجود بي وس ۽ لاچار هيو، ها اهو آواز  ۽ صدا مومنن جي امير علي ابن ابي طالب عليه السلام جي آهي. جنهن کان بيعت وٺڻ لاءِ کيس ننگين تلوارن جي سائي ۾ پيش ڪيو. ويو انهيءَ مهل مومنن جي امير ، مرسل اعظم جي قبر اطهر ڏانهن منهن ڪري فرياد بلند ڪئي ته اي منهنجا ڀاءَ! مان ڇا ڪريان قوم مونکي حقير سمجھي منهنجو چيو نه مڃيو ايستائين جو منهنجي قتل جوسانباهو ڪيو (1)

اهو علي (عليه السلام) جنهن جي نالي کان وڏا وڏا سورهيه ۽ سورما ڏڪندا هئا، اهو علي (عليه السلام) جنهن نبوت جو بازو بڻيو ۽  ڪافرن جي ڌمڪين کان بي خوف و خطر بڻجي اسلام کي آفاقي دين بڻايو، يهود ۽ نصارى جي آواز کي دٻائي، اسلام کي ڪاميابين سان مالامال ڪيو (2) ان علي عليه السلام، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت کان بعد خاموش بڻجي گوشه نشيني کي اختيار ڪيو ۽ عمومي محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ ڇڏي ڏني ايستائين جو جڏهن سندس ڳلي ۾ رسي وجھي، ناموس جي بي حرمتي ڪري، گھر کي باھ سان جلايو ويو،  تڏهن به خاموش رهيو

پنهنجي عظيم گھرواريءَ جي شهادت کان پوءِ جڏهن معاشري جي اذيتن کان تنگ ٿيو ته پنهنجي دل جي درد کي اڪيلائيءَ ۾ کوهن ۾ منهن ڏئي بيان ڪندو رهيو

مولا حق متعلق هي فرمائيندي نظر ٿو اچي ته : علي (عليه السلام)کي پنهنجي جان جو قسم ! حق جي خلاف هلڻ وارن ۽ گمراهي ۾ ڀٽڪندڙن خلاف جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي سستي نه ڪندس  (3)

ته پوءِ پنهنجي حق غصب ٿيڻ تي به خاموش ڇو؟ ڪهڙي سبب جي ڪري علي (عليه السلام) جهڙو بهادر ۽ سورمو خاموشيءَ کي پنهنجي زندگي جو طريقو سمجھي ٿو ؟ 

سڀ کان پهريان جيڪو سوال انسان جي ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا علي عليه السلام پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي يا پنهنجو حق خود انهن جي حوالي ڪري ڇڏيو؟ ان سوال جي جواب ۾ چئي سگھجي ٿو ته: هي هڪ عقلي ۽ عمومي قانون آهي ته جڏهن به ڪنهن صاحب شعور جي خلاف ڪوئي عمل انجام ڏنو ويندو آهي سڀ کان پهريان ان جو عڪس العمل هي هوندو آهي ته مد مقابل جي توجيھ ۽ ڀڄڻ جي سڀني رستن کي بند ڪندو آهي جنهن کي اسان اتمام حجت چوندا آهيون ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڪاروائي شروع ڪندو آهي، بلڪل ائين ئي امام علي عليه السلام به احتجاج جو اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ۽ ان شي ۾ مصلحت ڏٺي ته واضح ۽ کليل نموني اختلاف، اعتراضن ۽ احتجاج کي بيان ڪندي غاصب خلافت جي ناجائز ڪرتوتن تي خاموش نه رهي (4)

ڪڏهن علي عليه السلام واضح طور تي خلافت واري حق کسجي وڃڻ کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته: پالڻهار جو قسم! ابو قحافه جي پٽ خلافت جي قميص کي پائي ڇڏيو جڏهن ته هو به سمجھي ٿو ته خلافت جي لاءِ منهنجي حيثيت اها ئي آهي جيڪا جنڊ ۾ موجود ڪِل َ جي هوندي آهي (5)

۽ ائين ئي خلافت جي غصب ٿيڻ کي دردناڪ فرياد جي صورت ۾ خطبي شقشقيه ۾ فرمايو آهي، ته ڪڏهن وري سخت لهجي جو سهارو وٺندي فرمايو آهي : بيشڪ انهن ٻنهي (عمر ۽ ابوبڪر ) خلافت جي ٿڻن کي پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.

ليڪن جڏهن علي عليه السلام ڏٺو ته اعتراضن ۽ دليلن جو ڪو به فائدو ناهي ۽ هي قوم قرآن ڪريم جي هن آيت:

) صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ فَهُمْ لا يَعْقِلُونَ ( (6)

جو مصداق بڻجي چڪي آهي ۽  کيس سڌيءِ واٽ تي نٿو آڻي سگھجي ان مهل مولا سڪوت ۽ خاموشي اختيار ڪئي، ليڪن ان جو مطلب اهو ناهي ته علي عليه السلام هر معاملي ۾ سڪوت ۽ خاموشي اختيار ڪئي هجي بلڪه فقط خلافت ۽ جانشيني کان منهن موڙي ڇڏيو جيڪو سندن مسلم حق هيو (7)

 جڏهن به اسلام کي ضرورت پئي ته مولا ڪنهن به قسم جي مدد کان نه ڪيٻايو انهيءَ سلسلي ۾ مولا جي سياسي ۽ حڪومتي مشورن کي ڏسي سگھجي ٿو جيڪي مولا پنهنجي مخالفن کي ڏنا ليڪن اهي ڪهڙا سبب هيا  جن جي ڪري مولا 25 سال خاموشي اختيار ڪئي . اسان هن مختصر لکڻيءَ ۾ علي عليه السلام جي خاموشي جي اسباب کي سندن سچيءَ زبان مان جاري ٿيل فرمانن وسيلي بيان ڪندا سين .

1. رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي وصيت:

هڪ اهم سبب جنهن جي ڪري مومنن جي امير قيام نه ڪيو بلڪه خاموشي اختيار ڪئي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وصيت هئي جنهن لاءِ مولا وضاحت سان فرمائن ٿا ته: منهنجي خاموشي قيام بزدلي يا موت جي خوف  ڪري نه هئي بلڪه پنهنجي ڀاء (رسول الله (ص) ) سان ڪيل واعدي جي ڪري آهي ، اهو واعدو جيڪو رسول الله مونکان ورتو ته اي علي (ع) ! اگر ماڻهو تنهنجو ساٿ ڏين ته قيام ڪجان ورنه قيام نه ڪجان (8)

هڪ ٻي جاءِ تي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن علي عليه السلام سان مخاطب ٿي فرمايو ته: اي علي ( عليه السلام ) مان توکي پاڻ کان بعد صبر جي تلقين ڪيان ٿو (9)

مولا رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي وصيت ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿا ته: مان پنهنجي حالات تي نظر ڪئي ته منهنجي لاءِ هر قسم جي بيعت وٺڻ کان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي اطاعت مقدم نظر آئي (10)   

2. دوستن ۽ مددگارن جي گھٽتائي

تاريخ تي گهري نظر وجھبي ته معلوم ٿيندو گھڻين نبين ۽ ولين پنهنجي دوستن ۽ مددگارن جي گھٽتائي سبب قيام نه ڪيوآهي،  جيئن قرآن مجيد جناب نوح جي  دوستن ۽ حامين جي لاءِ هن نموني حڪايت ڪئي آهي

) فَدَعا رَبَّهُ أَنِّي مَغْلُوبٌ فَانْتَصِرْ) (11)

پالڻهار مان ڪمزور آهيان تون ئي منهنجي مدد ڪر.

بلڪه قرآن مجيد جي طرف رجوع ڪرڻ سان اسان کي اهڙا گھڻا ئي مقام ملندا جتي نبين دوست ۽ حامي نه هجڻ جي ڪري قيام ناهي ڪيو جهڙوڪ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم 13 سال مڪي ۾ رهيا ليڪن حامي ۽ مددگار نه هجڻ جي ڪري قيام نه ڪيو ۽ خاموش رهيا ۽ ايستائين جو ان زماني جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان تنگ اچي هجرت فرمائي (12)

مومنن جي امير به نبين جي ان سنت کي پنهنجي لاءِ نمونه عمل قرار ڏنو اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اشعث بن قيس مولا کان سوال ڪيو ته مولا اوهان پنهنجو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ تلوار جو سهارو ڇو نه ورتو؟ ته ان مهل مولا عليه السلام فرمايو ته : اي اشعث منهنجي سامهون ڇهن نبين جو مثال موجود آهي ته جناب لوط، جناب نوح، جناب ابراهيم، جناب هارون ،جناب موسى  ( عليهم السلام ) ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن ساٿين ۽ مددگارن جي گھٽتائي  جي ڪري قوم جي نافرماني ۽  طغياني خلاف قيام نه ڪيو جو انهن وٽ هئي  مان به انهيءَ سبب جي ڪري قيام ناهي ڪيو  (13)

3. پاڪيزه نسلن جي بقا

هي هڪ الاهي قانون آهي ته:

)  لَوْ تَزَيَّلُوا لَعَذَّبْنَا الَّذينَ كَفَرُوا مِنْهُمْ عَذاباً أَليماً ( (14)

اگر اهي (ايمان دار، ڪافرن کان) الڳ ٿي وڃن ها ته ڪافرن کي دردناڪ عذاب طور ڏيون ها)  انهيءَ مهل تائين عذاب الاهي نازل ناهي  ٿيندو جيستائين مومن، جيڪي ڪافرن جي نسل ۾ آهن هن دنيا ۾ نه اچن انهيءَ جي ڪري امام صادق عليه السلام فرمايو ته مومنين جي صلب ۾ جيڪي ڪفار قرار ڏنا ويا آهن اهڙي نموني سان ڪفار جي نسل۾ پڻ مومن قرار ڏنا ويا آهن جيستائين اهي مومن ڪفار کان الڳ نه ٿيندا الله سائين ڪافرن تي عذاب نازل نه ڪندو (15) بس اهو ڪيئن ممڪن آهي ته علي عليه السلام جيڪو حڪمت ۽ الاهي نظام جو نگهبان آهي اهو ان حڪمت ۽ الاهي قانون جي مخالف ڪندي تلوار جي وسيلي قيام ڪري، ان ڪري مولا پاڪيزه نسلن جي بقا خاطر قيام کي ڇڏي ڏنو . 

4. اتحاد مسلمين

مولا عليه السلام فرمائن ٿا ته: مان پنهنجي ميراث (خلافت) لٽجندو ڏسي رهيو هيس ايستائين جو پهرين جو زمانو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو ۽ ان کان پوءِ خلافت ابن خطاب کي ڏنائين ايستائين جو  ان قوم جو ٽيون شخص به وچ ۾ چادر پائي اٿي بيٺو ۽ ان سان گڏ ان جا رشتيدار گڏ ٿي ويا ۽ الله جي مال کي اهڙي نموني سان ڳهي رهيا هيا جيئن اٺ بهار جي مند ۾ گاھ کائيندو آهي (16)

ان ايتري وڏي اعتراف (ميراث جي لٽجڻ) باوجود هن عظيم انسان جي سامهون اها ڪهڙي شيءِ هئي جنهن سببان خاموشيءَ سان خلق جو نظارو ڪندو رهيو ، جڏهن ته پاڻ الاهي حڪمن کي انجام ڏيڻ ۾ اترو ته پابند هيو جو ٿورڙي به ڪوتاهي برداشت نه ڪندو هئو ايستائين جو پاڻ فرمايائون ته: خدا جو قسم مان مظلوم جو انتقام ظالمن کان وٺڻ ۽ ظالمن جي نڪ ۾ نڪيلي وجھي انهن کي حق قبول ڪرائيندس، توڙي جو ظالمن جي لاءِاها شي ڪيتري به ڳوري ڇو نه هجي (17)

اسلامي شريعت ۽ ماڻهن جي حقن جي ايتري پابند شخصيت آخر خاموش ڇو ؟ ان ڳالھ جو سبب فقط مسلمانن جو اتحاد جي بقا هئي، مسلمانن جي طاقت ۽ قدرت جيڪا نئين نئين سڄي دنيا تي واضح ۽ روشن ٿي هئي انهيءَ اتحاد ۽ ڪلمه وحدت جو نتيجو هئي ۽ مسلمانن بعد ۾ انهيءَ وحدت جي ڪري اچرج ۾ وجھندڙ ڪاميابيون حاصل ڪيون انهيءَ سبب مولا عليه السلام فرمايو ته: مون علي (عليه السلام ) جو ان عظيم مصيبت (خلافت جي غصب ٿيڻ)  تي صبر ڪرڻ مسلمانن کي اختلاف جو شڪار بنائڻ کان بهتر آهي  (18)

علي عليه السلام جهڙو صابر انسان اتحاد مسلمين کي ايترو ته اهم ۽ ضروري سمجھي پيو جو وصيت ڪندي فرمايائين ته: اي انسانو ! فتني ۽ فساد جي موجن کان نجات جي ٻيڙي تي سوار ٿي پاڻ بچايو، اختلاف ۽ انتشار جي راهن کان منهن موڙيو(19)

ان ڪري جو اسلام جي بقا ۽ دوام مون علي ( عليه السلام) جي نزديڪ  سڀني شين کان وڌيڪ عزيز ۽ محبوب آهي . (20)

5. مسلمانن جي مرتد ٿيڻ جو خوف

قرآن مجيد جون ڪجھ آيتون ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم امت جي مستقبل متعلق گھڻو فڪر مند هيا ۽ هميشه امت جي مرتد ٿيڻ جي خوف کان پريشان رهند اهيا ان ڪري جو پاڻ ڪيترائي دفعا ڏسي چڪا هيا ته امت کي جتي به اهڙو ڪو موقعو ملي ٿو ته سڌي واٽ ڇڏي ڏين ٿا ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ان جو مثال احد واري جنگ ۾ ڏسي چڪا هيا  جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي شهادت جي خبر ڦهلجي وئي هئي ته ڪجھ صحابي منافقن جي سردار عبد الله بن ابي وسيلي ابو سفيان کان امان نامو حاصل ڪرڻ ٿي گھريو (21)

رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت جي خبر  ٻڌڻ کان پوءِ  نوان مسلمان ٿيل قبيلا ، دين اسلام کان منهن موڙي ويا ۽ ارتداد جو جھنڊو بلند ڪري ، ماليات ڏيڻ بند ڪيو (22)

اگر اهڙي حالات ۾ مولا قيام ڪن ها ته اسلام باقي ۽ دائمي رهي نه سگھي ها ۽ ڇو جو مولا جو هدف حڪومت کي حاصل ڪرڻ نه هيو ان ڪري اگر ٿوري به ڪوتاهي ٿئي ها ته اسلام کي محدود ۽ ڪمزور بڻايو وڃي ها، جنهن ڪري مولا پنهنجي اک ۾ چڀندڙ ڪنڊي يا نڙيءَ ۾ ڦاٿل هڏي کان به شديد مصيبت تي ته صبر ڪيو ليڪن ڪنهن به صورت ۾ اسلام تي ڪو حرف اچڻ برداشت نه ڪيو ۽ صبر ڪندي زندگي گذاري 25 سال خلافت کسجڻ تي خاموشي اختيار ڪئي

دعا آهي ته الله سائين اسان کي حق سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عنايت فرمائي.

حوالا

 [1] . منهاج البراعة، ج9 ، ص 152

2 . نهج البلاغه، خطبو 172

3. نهج البلاغه، خطبو 24

4 . فروغ ولايت، ص 16

5 . نهج البلاغه، خطبو 3

6. سورت بقره، آيت 171

7. در مڪتب امير المومنين،  ص 110

8 . بحار الانوار، ج 29، ص 19

9. مفتاح السعادة،  ج3، ص 19

10. نهج البلاغه، خطبو 37

1[1]. سورت قمر، آيت 10

12. منهاج البراعة، ج4، ص 157

13. احتجاج طبرسي ج1 ص 187

14 . سورت فتح آيت 25

15. شرح نهج البلاغه، مدرس وحيدج 9 ص 37

16. نهج البلاغه، خطبو 3

17. نهج البلاغه، خطبو 134

18. شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد، ج1 ص 308

19. نهج البلاغه، خطبو 5

20. شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد،ج6 ص 21

21. تحقيق عميق پيرامون امام علي،  ص 212

22. فروغ ولايت، ص 144

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید