سومر, 16 سيپٽمبر 2019

مولا علي عليه السلام ۽ يتيم پروري

  • انداز قلم

هڪ ڏينهن مولا علي عليه السلام ڏٺو ته هڪ خاتون پاڻي جي مشڪ ڀري کنيو ٿي وڃي.

سيرت معصومين عليهم السلام

 

پاڻ عليه السلام ان کان مشڪ ورتي، ۽ گهر تائين پهچائي ڏني، رستي ۾ کائنس سندس حالتن بابت پڇيو. ان خاتون وراڻيو:

علي عليه السلام منهنجي گهر واري کي ڪنهن ذميواري کي انجام ڏيڻ لاءِ موڪليو هو، هو ويو ته سهي پر موٽيو نه، کيس شهادت نصيب ٿي. هينئر منهنجا يتيم ٻار آهن، جن جي پورت ته نٿي ڪري سگهان پر وس آهر انهن کي پالڻ لاءِ ماڻهن جو ڪم ڪار ڪيان ٿي.

مولا موٽي آيا، اها رات ڏاڍي ڏکي گذاريائون. صبح جو راشن جو ٿيلو ڀري ان خاتون جي گهر روانه ٿيا. رستي ۾ جن به ڏٺو انهن مولا کي التماس ڪئي ته اهو ٿيلو اسان کڻي هلون. حضرت فرمايو پئي: قيامت ڏينهن منهنجا عمل ڪير کڻندو؟

نيٺ ان خاتون جي گهر پهتا، دروازو کڙڪايائون، خاتون پڇيو: ڪير؟ مولا وراڻي ڏني: جنهن توهان جي ڪالھ مدد ڪئي هئي، پاڻي جي مشڪ پهچائي هئي، توهان جي ٻارن لاءِ کاڌو آندو اٿم، دروازو کوليو!

خاتون دروازو کوليو، ۽ چيو: الله تو کان راضي ٿئي، منهنجو ۽ علي جو فيصلو به پاڻ ئي ڪندو. حضرت اندر آيا. ۽ خاتون کي چيائون: ماني پچائينديين يا ٻارن کي سنڀالينديين. خاتون جواب ڏنو: ماني سٺي پچائي سگهان ٿي، اوهان منهنجي ٻارن کي سنڀاليو، خاتون اٽو مليو، مولا پنهنجي آندل گوشت مان ڪباب ٺاهي کجورن سان ٻارن کي کارائيندو ويو. وڏي مهر ۽ محبت ۽ شفقت سان ٻارن کي گرھ پئي ڏنائين. هر بار ائين پئي چيائين: ٻارو! علي کي معاف ڪجو، جيڪڏهن توهان جي حق ۾ ڪوتاهي ڪئي هجيس ته.

جڏهن اٽو ملجي ويو ته پاڻ تنور کي ٻاريائون ۽ ان حالت ۾ جو پنهنجو چهرو باھ جي ويجهي آڻي رهيا هئا، چئي رهيا هئا: اي علي باھ جو مزو چک! هي ان جي سزا آهي جيڪو يتيمن جي حال احوال کان بي خبر هجي.

اتفاق سان هڪ اهڙي مائي ان گهر پهتي جيڪا مولا کي سڃاڻيندي هئي، ان جئين ئي مولا کي ڏٺو ته گهر مالڪياڻي کي چوڻ لڳي: افسوس هجي تو تي، هي ته ملڪ جو حاڪم، مومنن جو امير علي ابن ابي طالب آهي.

خاتون وڏي شرمندگي سان تڪڙو چوڻ لڳي: اي امير المومنين مان شرمنده آهيان، مون کي معاف ڪريو!

مولا فرمايو: تنهنجي ۽ تنهنجي ٻارن جي حق ۾ جيڪا ڪوتاهي ٿي آهي، ان تي مان اوهان کان شرمنده آهيان.

(بحار الانوار، ج41، ص52)

مولا اوهان کان پوءِ يتيمن جي ڪير واهر ڪندو!

السلام عليک يا امير المومنين.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید