سومر, 16 سيپٽمبر 2019

نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو خاندان سان سهڻو سلوڪ

  • انداز قلم

مهاڳ : اسلام هڪ فطري دين آهي جنهن انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ سعادت ماڻڻ لاءِ سندس زندگي لاءِ هڪ جامع ۽ ڪامل قانون پيش ڪيا آهن ۽ انهن قانونن کي نه فقط لفظ ۽ ٿيوري جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي بلڪه ان کي وڌيڪ دلچسپ،

سيرت معصومين عليهم السلام

دلڪش بڻائڻ ۽ آساني سان ياد ڪرائڻ لاءِ عملي ۽ پريڪٽيڪل جي صورت ۾ پيش ڪيا ۽ عملي نمونا به بيان ڪرڻ لاءِ الله سائين نبي موڪليا. سڀني نبين کان وڌيڪ عظمت وارو نبي اهو آهي جنهن کي زندگي جي سڀني رخن ۽ جهتن لاءِ آئيڊيل ۽ نمونو بڻايو ويو ۽ پاڻ سڳورن لاءِ ارشاد ٿيو: ( ولقد کان لکم في رسول الله اسوة حسنة)  (1)مسلمانو توهان لاءِ الله جي رسول جي زندگي ۾ عمل جو بهترين نمونو آهي خاندان معاشري جي بنياد آهي، مختلف خاندان گڏ ٿي هڪ معاشري کي جنم ڏين ٿا تنهنڪري خاندان جيترو مضبوط ۽ محڪم هوندو معاشرو به ايترو مضبوط، صحيح ۽ سالم هوندو پر جيڪڏهن خاندان صحيح سالم نه هجن يا گهروارن جا هڪٻئي سان رابطا پيار، محبت، احترام ۽ شفقت تي مشتمل نه هجن ته اهو معاشرو تزلزل جو شڪار ٿيندو.

مٿين ڳالهين جي اهميت ۽ عظمت کي نظر ۾ رکندي اسان هن پتڪڙي لکت ۾ رسول اڪرم جي سيرت مطابق پاڻ سڳورن جو خاندان سان سهڻي سلوڪ کي بيان ڪرڻ چاهيون ٿا جئين سندس نوراني سيرت جي روشني ۾ خاندان کي مضبوط بڻائڻ جا ڪارڻ ڳولي ڪري پنهنجي معاشري کي پرسڪون ۽ سعادتمند بڻايون.

خاندان جوڙڻ جي اهميت

ظاهر آهي ته ڪنهن به خاندان ۽ معاشري جي وجود جو پهريون ڏاڪو هڪ مرد ۽ عورت جي شاديءَ جو رشتو آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ان پاڪ ۽ مقدس رشتي جي بنياد بابت فرمائن ٿا:( ما بني في الاسلام بناء احب الي الله عز و جل من التزويج)  اسلام ۾ ڪا به عمارت الله کي ايتري پسند نه آهي جيتري نڪاح جي (وسيلي جڙندڙ) عمارت پسند آهي.

پاڻ سڳورن جتي نڪاح جي اهميت بيان ڪئي آهي اتي طلاق جي تمام گھڻي مذمت ڪئي آهي ۽ کيس بدترين جدائي جو عنوان ڏنو آهي:( ما من شيء ابغض الي الله من بيت خرب في الاسلام بالفرقه يعني بالطلاق) (2) الله سائين کي ڪو به گهر ايترو ناپسند نه آهي جيترو طلاق وسيلي برباد ٿيندڙ گهر نا پسند آهي.

رسول اڪرم نڪاح کي پنهنجي بهترين سنت ڪوٺيندي ان کي اپنائڻ جي دعوت ڏني آهي. امام علي عليه السلام رسول اڪرم جي ان سنت بابت فرمائن ٿا : (  تزوجوا فان التزويج سنه رسول اکرم فانه کان يقول من کان يحب ان يتبع سنتي فان من سنتي التزويج) (3) شادي ڪريو ڇو جو شادي ڪرڻ توهان جي رسول جي سنت آهي پاڻ سڳورا فرمائيندا هئا جيڪو به منهنجي سنت جي پيروي ڪرڻ چاهي ٿو ان کي گهرجي ته شادي ڪري.

انهيءَ بنياد کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پاڻ سڳورن شادي جا اهڙا معيار بيان ڪيا آهن جيڪي ان جي هميشه رهڻ  جو سبب بڻجن. پاڻ سڳورن جو فرمان آهي(  اذا جائکم من ترضون خلقه و دينه فزوجوه الا تفعلوه تکن فتنه في الارض و فساد کبير) (4) جڏهن توهان وٽ ڪو اهڙو ماڻهو رشتي گهرڻ جي لاءِ اچي جنهن جي اخلاق ۽ دين کي پسند ڪندا هجو ته ان کي رشتو ڏيو نه ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو.

ان سان گڏو گڏ اسلام ظاهري خوبصورتي ۽ مال ملڪيت جي بنياد تي شادي ڪرڻ کان منع ڪيو آهي ڇو جو انهن شين ۾ دوام نه آهي. تنهنڪري جيڪا شادي انهن شيب جي بنياد تي هجي انهيءَ ۾ به دوام نه هوندو. پر جيڪڏهن شادي اخلاق ۽ دين جي بنياد تي ڪئي وڃي ته اها شادي زندگي جي آخري پساهن تائين قائم رهندي.

گهروارين سان سلوڪ

عورت، گهرواري ۽ زندگي جي سفر جو ساٿي هجڻ جي لحاظ سان خاندان جو هڪ اهم رڪن آهي. مختلف معاشرن ۾ ان سان مختلف سلوڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ڪي حد کان وڌي وڃن ٿا ته ڪي وري کيس پورو مقام نه ٿا ڏين. پر اسلام ڇو جو هڪ فطري دين آهي جنهن جا قانون فطرت جي تقاضي جي عين مطابق آهن تنهنڪري سندس ٻڌايل قانون به فطرت مطابق زندگي گذارڻ ڏانهن راهنمائي ڪن ٿا. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نظر ۾ بهترين انسان اهو آهي جيڪو پنهنجي گهروارين لاءِ بهترين هجي( خيرکم خيرکم لاهله و انا خير لاهلي) (5) توهان مان بهترين انسان اهو آهي جيڪو پنهنجي گهروارن لاءِ ڀلو هجي ۽ مان پنهنجي گهروارن لاءِ سڀني کان ڀلو آهيان.(6)

اسان هتي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو پنهنجو گهروارين سان سهڻي سلوڪ کي بيان ڪريون ٿا

1_ سادگي جو تاڪيد

خاندان جي جوڙ جڪ ۾ جن شين جو اهم ڪردار آهي ان ۾ ايمان، سهڻو اخلاق ۽ ڪردار جو وڏو عمل دخل آهي تجربو گواھ آهي ته ڪامياب زندگي جو تعلق مادي وسيلن جي گهڻائي ۽ ڪثرت سان نه آهي جنهن جو بهترين شاهد معاشري جي امير طبقي ۾ واقع ٿيل طلاق جي فيصد آهي. بلڪه ڪاميابي جو دارومدار سهڻي اخلاق ڪردار ۽ سلوڪ سان آهي ڀلي کڻي وسائل گهٽ ئي ڇو نه هجن.

مثال طور تي امام علي عليه السلام  ۽ جناب زهرا عليها السلام  تمام گهٽ وسيلن سان پنهنجي گڏيل زندگي جي شروعات ڪئي پر ڇو جو ٻئي سادگي پسند ۽ بهترين اخلاق جا مالڪ هئا تنهنڪري اها شادي تمام مسلمانن لاءِ نمونو بڻجي وئي.

2_ پردي جو تاڪيد

جسم کي ڍڪڻ ۽ مناسب ڪپڙا اوڙڻ هڪ فطري عمل آهي جيڪو تمام قومن ۾ پاتو وڃي ٿو.اسلام به ڇو جو هڪ فطري دين آهي جنهن جا تمام حڪم فطرت جي گهرجن جي مطابق آهن، تنهنڪري ان به پردي جي تمام گهڻي فضيلت بيان ڪئي آهي ۽ الله سائين جي نظر ۾عورت جي هڪ بهترين صفت، مناسب حجاب ۽ پردو آهي.

الله سائين پردي جو فلسفو اهو بيان ڪيو آهي ته پردو عورت جي حفاظت لاءِ آهي تنهنڪري الله سائين پنهنجي نبي کي اهو حڪم ڏنو آهي ته پاڻ ڪريم پنهنجي گهروارين ۽ مومنن جي عورتن کي پردي جو حڪم ڏين)يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ قُل لِّأَزْوَاجِكَ وَبَنَاتِكَ وَنِسَاء الْمُؤْمِنِينَ يُدْنِينَ عَلَيْهِنَّ مِن جَلَابِيبِهِنَّ ذَلِكَ أَدْنَى أَن يُعْرَفْنَ فَلَا يُؤْذَيْنَ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا ) (7) اي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي زالن کي چؤ ته (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن ته) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي ته اُھي سڃاتيون وڃن پوءِ کين ايذاءُ نه ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

پاڻ ڪريم پنهنجي گهروارين کي پردي ڪرڻ ۽ نامحرم ڏانهن نگاھ ڪرڻ کان روڪيندا هئا جناب ام سلمه جو بيان آهي ته مان ۽ ميمونه، رسول اڪرم وٽ هيوسين جو ابن مڪتوم آيو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: پردو ڪريو. اسان عرض ڪيوسين: اي الله جا رسول! ڇا هونابينا ۽ انڌو ناهي؟ اسان کي ڏسي نٿو سگهي. فرمايائون: اهو سچ آهي ته هو نابينا ۽ انڌو آهي پر توهان کي ته اکيون آهن.(8)

3_گهروارين ۾ عدالت ۽ انصاف

خانداني هر عمارت جي تعمير ۽ بنياد، عدالت ۽ انصاف تي آهي. جنهن عمارت، اداري ۽ خاندان ۾ انصاف نه هجي اهو هميشه نٿو رهي سگهي. امام علي فرمائن ٿا: ( العدل اساس به قوام العالم) (9) عدالت ۽ انصاف تي سڄي ڪائنات جي بنياد آهي.

الله سائين انهيءَ بنياد تي هڪ کان وڌيڪ گهرواريون رکڻ وارين کي عدالت ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو انصاف نٿو ڪري سگهي ته ان کي هڪ کان وڌيڪ شاديون نه ڪرڻ گهرجن. جئين ته قرآن مجيد فرمائي ٿو:( فانکحوا ما طاب لکم من النساءِ مثنى و ثلاث و رباع فان خفتم الا تعدلوا فواحده) (10) ته پوءِ جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ شادي ڪريو.

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي عملي سيرت، گهروارين ۾ عدالت ۽ انصاف جو اعلى نمونو آهي.  پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم نه صرف مديني يا گهر ۾ گهروارين ۾ انصاف ڪندا هئا بلڪه جڏهن سفر تي ايستائين جو جڏهن حج جي سفر تي هئا تڏهن به سڀني گهروارين کي وٺي ويا ۽ اتي به هر رات هڪ گهر واري سان گذاريندا هئا (11) ۽ اهڙي ريت پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم گهروارين ۾ عدالت ۽ انصاف جو بهترين مثال قائم ڪيو جيڪو سڀني مسلمانن لاءِ پيروي جوڳو آهي.

 

4_ڪم ڪار جي ونڊ ورڇ

الله سائين مرد ۽ عورت مان هر هڪ کي مختلف صلاحيتون عطا ڪيون آهن ۽ ٻنهي جي جسماني جوڙ جڪ به مختلف رکي آهي اهو ان ڪري جو ٻنهيءَ جون ذميواريون مختلف آهن. جسماني ۽ صلاحيتن جو مختلف هجڻ معاشري جي حسن ۾ واڌارو ڪري ٿو. عورت ۽ مرد ملي ڪري هڪٻئي جي گهٽتاين کي پورو ڪن ٿا. امام علي عليه السلام  ان اختلاف بابت فرمائن ٿا:( لا يزال الناس بخير ما تفاويتوا فذا استووا هلکوا) (12) جيستائين ماڻهن ۾ مختلف صلاحيتون ۽ مختلف هنر ۽ فن آهن انهن ۾ ڀلائي آهي پر جيڪڏهن سڀ هڪ ٿي ويا ته هلاڪ ٿي ويندا. مطلب ته جيڪڏهن معاشري جا سڀ فرد مولوي يا ڊاڪٽر ٿي ويا ته بک مري ويندا.

هاڻي فطرت جو تقاضو هي آهي ته مرد ۽ عورت مان هر هڪ کي اهڙي ذميواري ڏني وڃي جيڪا انهن جي جسماني ۽ معنوي مزاج مطابق هجن. عورت گل وانگر نازڪ مزاج مخلوق آهي. اهو ئي سبب آهي جڏهن علي عليه السلام ۽ جناب زهرا عليها السلام  گهر جي ڪم ڪار جي تقسيم ۽ ونڊورڇ لاءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ آيا ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم انهن مان هر هڪ سندس صلاحيتن مطابق ڪم جي چونڊ ڪئي: (فقضي علي فاطمه بخدمه ما دون الباب و قضي علي علي بما خلفه) رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جناب فاطمه عليها السلام  لاءِ گهر جي اندر ۽ علي جي لاءِ گهر جي ٻاهر وارن ڪم جي چونڊ ڪئي. علي عليه السلام ۽ جناب زهرا انهيءَ ونڊورڇ تي ڏاڍا راضي ٿيا.

5_گهر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائڻ

عورت جو گهريلو ڪم جيڪڏهن مرد جي ٻاهرين ڪمن کان وڌيڪ نه هجي ته گهٽ به نه آهي پر ان جي باوجود معاشري ۾ ڏٺو وڃي ٿو ته سندس محنت جو قدر نٿو ڪيو وڃي.

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ٻيا معصوم نه صرف ٻاهر جو ڪم انجام ڏيندا هئا بلڪه گهر جي ڪم ڪار ۾ گهروارين جي مدد ڪندا هئا. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سفارش تي علي عليه السلام گهر جي ڪمن ۾ جناب زهرا عليها السلام  جو هٿ ونڊائيندا هئا. ان بابت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:( کان اميرالمومنين يحتطب و يستقي و يکنس و کان فاطمه تطحن و تعجن و تخبز) ( 13) علي ڪاٺيون آڻيندا هئا پاڻي ڀريندا هئا ۽ صفائي ڪندا هئا ۽ جناب زهرا عليها السلام  چڪي پيهنديون هيون اٽو ڳوهينديون هيون ۽ مانيون پچانينديون هيون.

6_محبت جو اظهار

ازدواجي زندگي جي بنياد محبت ۽ الفت تي رکيل آهي.ان بنياد تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نه صرف پنهنجي گهروارين سان عملي طور تي محبت ڪندا هئا بلڪه ان جو اظهار به ڪندا هئا. جئين ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي:(  قول الرجل للمراه اني احبک لا يذهب من قلبها)  (14)  مڙس جو پنهنجي گهرواري کي اهو چوڻ ته مان توسان پيار ڪريان ٿو اهو ان جي دل ۽ دماغ مان ڪڏهن به نه وسرندو.

بنيادي طور تي عورت عقل کان وڌيڪ احساسي مخلوق آهي جنهن جي زندگي جي بنياد سندس احساسات۽ جذبات تي آهي تنهنڪري نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته عورت معشوقه هجڻ ڪري زندھ آهي ان ڏانهن توجھ ڪرڻ سندس زندگي جو باعث آهي(15)

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو ٻارن سان سهڻو سلوڪ

اسلام جي نگاھ ۾ انسان هن ڌرتي تي الله سائين جو نمائندو آهي. خوش نصيب آهي اهو خاندان جيڪو الله جي سفير جي خدمت جو فخر حاصل ڪري. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نيڪ ٻار کي الله جي رحمت جي خزاني جو هڪ گل سمجهندا هئا. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي: ( الولد الصالح ريحانه من الله قسمها بين عباده) (16) نيڪ اولاد الله طرفان خوشبودار گل آهن جيڪي الله سا.ئين پنهنجي ٻانهن ۾ ونڊيا آهن.

عملي طور تي پنهنجي اولاد کي گل سمجهندا هئا، تنهنڪري امام حسين ۽ امام حسين بابت فرمائيندا هئا ( ريحانتاي الحسن والحسين) (17) حسن ۽ حسين منهنجا گل آهن.

ٻار کي نه صرف دنيا لاءِ ساراهيو ويو آهي بلڪه آخرت ۾ به ان جا ڪيترائي فائدا آهن. روايتن ۾ ٻار ۽ اولاد کي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي جو ڪارڻ ٻڌايو ويو آهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي) اذا مات المومن انقطع عمله الا من ثلاث صدقه جاريه او علم ينتفع به او ولد صالح يدعو له) (18) جڏهن مومن هن دنيا تان هليو وڃي ٿو سندس اعمال نامو بند ٿي وڃي ٿو سواءِ دائمي صدقي جي يا ان علم جي جنهن مان استفادو ڪيو وڃي يا ان نيڪ اولاد جي، جيڪو ان لاءِ دعا ڪري.

ٻارن سان سهڻي سلوڪ بابت ڪجھ نمونا پيش ڪجن ٿا

1_سهڻو نالو رکڻ

هر انسان جو تعارف ۽ سڃاڻپ سندس نالي سان ٿئي ٿي. اهو نالو ئي آهي جنهن سان سڄي زندگي بلڪه مرڻ کان پوءِ به هڪ انسان کي ياد ڪيو وڃي ٿو. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم نالي جي انهيءَ مقام ۽ مرتبي ڪري سهڻي نالي رکڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي آهي. ۽ اولاد جو پهريون حق ڄاڻايو آهي جئين ته سندس فرمان آهي( ان اول ما ينحل احدکم ولده، اسم الحسن فليحسن احدکم اسم ولده) (19) توهان جو پنهنجي اولاد لاءِ پهريون هديو سهڻو نالو آهي تنهنڪري توهان کي گهرجي ته پنهنجي اولاد جو سهڻو نالو رکو.

ٻئي جاءِ تي سهڻن نالن جا مختلف نمونا بيان ڪندي فرمائن ٿا:( سموا اولادکم اسماءِ الانبياءِ و احسن الاسماءِ عبدالله و عبدالرحمن)  (20) پنهنجي اولاد جا نالا نبين جي نالن تي رکو ۽ بهترين نالا عبدالله ۽ عبد الرحمان آهن.

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي ڏهٽن جي نالن بابت فرمائن ٿا:(  ان ريحانتي الحسن والحسين سميتهما باسم سبطي بني اسرائيل شبرا و شبيرا) (21) حسن ۽ حسين منهنجا ٻه گل آهن جن تي بني اسرائيل جي پٽن جا نالا رکيا آهن جيڪي شبر ۽ شبير هئا.

2_ٻارن سان راند روند

راند روند ٻار جي لاءِ هڪ فطري شي آهي جنهن لاءِ هو سڀني کان وڌيڪ وقت خرچ ڪري ٿو. ٻار ڪيترائي ڪلاڪ بغير ٿڪڻ جي راند روند ڪري سگهي ٿو، ان خوش ۽ جذبي جو راز هي آهي ته راند روند سان سندس دلچسپي هڪ اندروني جذبي هيٺ آهي.

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ٻار جي ان نفسياتي ۽ فطري گهرج ڏانهن خاص توجهه ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم عبدالله بن جعفر جي ڪم ڪار جي جاءِ ڀرسان گذريا جتي هو مٽي مان ٻارن لاءِ رانديڪا ٺاهي رهيو هو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم انهن لفظن سان سندس حق ۾ دعا ڪئي: ( اللهم بارک له في صفقه يمينه) (22) اي الله! سندس رزق روزي ۾ برڪت عطا فرما.

جابر بن عبدالله نقل ڪن ٿا: ته مان هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس مون ڏٺو ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم حسن عليه السلام  ۽ حسين عليه السلام  کي پنهنجي پٺي مبارڪ تي سوار ڪري ساڻن راند ڪري رهيا هئا.

ڪڏهن ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم نماز کي طولاني ڪري ڇڏيندا هئا ڇو جو کيس پسند نه هئو ته ان ٻار کي تڪليف ٿئي جيڪوسندس ڪلهن تي سوار ٿيندو هو. ان مان خبر پوي ٿي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جيتوڻيڪ نماز کي دين جو ٿنب ڪوٺيندا هئا پر پوءِ به حسنين عليها السلام  کي راضي ڪرڻ لاءِ سجدي کي طول ڏيندا هئا جئين هو پنهنجي مرضي سان لهي وڃن.

3_ٻارن سان محبت

ٻار کي بنيادي طور تي ڌيان ۽ توجهه جي سخت ضرورت هوندي آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ٻار جي ان گهرج ڏانهن به نهايت گهڻو ڌيان ڏنو آهي ۽ ٻار سان محبت کي نيڪي سڏيو آهي جيڪا قيامت ڏينهن به ڪم ايندي. سندن فرمان آهي:( من قبل ولده کتب الله له عز و جل حسنه و من فرحه فرحه الله يوم القيامه) (23) جيڪو پنهنجي ٻار کي هڪ چمي ڏيندو الله سائين ان لاءِ نيڪي لکندو ۽ جيڪو کيس خوش ڪندو الله سائين کيس قيامت ڏينهن خوش ڪندو.

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت ۾ ملي ٿو ته حسن عليه السلام  ۽ حسين عليه السلام  کي جهولي ۾ ويهاري ڪري واري واري سان چمندا هيا. جڏهن ڪو سوال ڪندو هو ته اي الله جا رسول! ڇا اوهان انهن سان محبت ڪندا آهيو ته فرمائيندا هئا مان ڇو انهن سان محبت نه ڪريان جڏهن ته مون کي دنيا ۾ ڪا به شي انهن گلن کان وڌيڪ پسند نه آهي.

اسلام نه صرف ٻارن سان محبت ۽ ان جي اظهار جو حڪم ڏنو آهي بلڪه ان سان اهو به فرمايو آهي ته سڀني ٻارن سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪريو ڪڏهن ائين نه ٿئي جو هڪ سان ته پيار ۽ محبت ڪئي وڃي جڏهن ته ٻئي کي نظر انداز ڪيو وڃي انهيءَ عمل جو نتيجو انتهائي خطرناڪ نڪرندوآهي. روايت ۾ آهي ته هڪ شخص پنهنجي هڪ ٻار کي ته چمي ڏني پر ٻئي ڏانهن توجهه نه ڪئي تنهن تي نبي ڪريم فرمايو:(هلا ساويت بينها) (24) ڪيڏو سٺو ٿئي ها جو ٻنهي سان هڪڙي انداز سان پيار جو اظهار ڪرين ها. جئين ته سندن سيرت ۾ ملي ٿو ته:(  کان النبي اذا اصبح مسح علي روس ولده و ولد ولده) رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ روزانو صبح جو پنهنجي ٻارن ۽ پنهنجي اولاد جي ٻارن جي سر تي هٿ گهمائيندا هئا. (25)  

4_ٻارن تي سلام ڪرڻ

ٻارن کي اهميت ڏيڻ سندس مانُ وڌائڻ آهي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت هئي ته ننڍن وڏن کي سلام ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا مان ڪڏهن به ان ڪم کي ترڪ نه ڪندس.

جيتوڻيڪ خاندان ۾ ماءُ ۽ پيءَ به شامل آهن انهن جي باري ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي سهڻي سلوڪ جو ذڪر ٿيڻ گهرجي ها پر اختصار کي نظر ۾ رکندي اسان هن لکت کي اتي ئي پورو ڪريون ٿا. دعا آهي ته ڪريم رب اسان کي نبي ڪريم جي سهڻي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

حوالا

1. سورت احزاب، آيت 21

2. وسائل الشيعه، ج15، ص267

3. خصال، ص614

4. اصول ڪافي، ج5، ص 347

5. نظام خانواده در اسلام، ص 62

6. نظام خانواده در اسلام، ص 62

7. سورت احزاب، آيت 59

8. مستمسڪ العروه، ج14، ص 47

9. بحار الانوار، ج75، ص 83

10. سورت نساءِ، آيت 3

11. معارف و معاريف، ج10، ص 527

12. بحار الانوار، ج75، ص 385

13. بحار الانوار، ج43، ص 151

14. وسائل الشيعه، ج20، ص 23

15. لذات فلسفه، ص 141

16. اصول ڪافي، ج6، ص 2

17. بحار الانوار، ج43، ص 264

18. بحار الانوار، ج97، ص 22

19. بحارالانوار، ج104، ص 130

20. بحارالانوار، ج14، ص 92

21. ساڳيو حوالو، ج104، ص 98

22.مسدرڪ الوسائل، ج16، ص 389

23.اصول ڪافي، ج6، ص 49

24. مڪارم الاخلاق، ص 113

25. عده الداعي، ص 207

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید