سومر, 16 سيپٽمبر 2019

سهڻي نبي صلي الله عليه وآله وسلم جا سنيها

  • انداز قلم

مهاڳ:انساني تاريخ جو اهو عظيم گوهر جيڪو سڀني نبين جو سردار، محرومن، مسڪينن جو آسرو، انسان کي پنهنجي رب تائين رسائيندڙ، سڀني سچارن جو ساٿي، دنيا جي امانتدارن جو سردار، مڪي جي صحرائن کي الله جي عبادتن جو مرڪز بنائڻ وارو،

سيرت معصومين عليهم السلام

بتن بجائي حقيقي رب جو عاشق بڻائيندڙ، معاشري ۾ امن ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جهڙو عظيم رشتو جوڙي قبيلائي رسمن ۽ رواجن کي ٽوڙيندڙ ۽ انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بشارت ۽ خوف ڏياريندڙ اسان جو نبي پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  آهي .

 اهڙو پيغمبر جيڪو ننڍپڻ ، جواني ۽ پيريءَ ۾ بهترين انسان جنهن جو اخلاق سڀني پاڪ انسانن کان پاڪيزه ۽ جيڪو حق کي دليلن سان واضح ڪندڙ ۽ جاهلن جي لاءِ راھ روشن ڪندڙ گناهن ۽ فتني ۾ وڪوڙيل دلين کي هدايت ڏيندڙ، ۽ حق جا جھنڊا بلند ڪندڙ نوراني انسان حضرت محمد مصطفى  صلي الله عليه وآله وسلم جي سنيهن ۽ خطن جو هن مختصر تحرير ۾ جائزو پيش ڪندا سين.

جيڪڏهن رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي مڪاتيب ۽ سَنيهن کي معنا ۽ محتوا جي لحاظ سان ڏٺو وڃي ته اسان رسول پاڪ  صلي الله عليه وآله وسلم  جي لکڻين کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪري سگھون ٿا

1. اسلام جي دعوت

2. شرعي حڪمن جو بيان

3. عطا ۽ بخشش

4. صلح نامه

5. امان نامه

6. پناھ نامه

7. دشمنن لاءِ لکيل خط

اسان مختصر طور تي انهن سڀني جي وضاحت ڪندا سين

1. اسلام جي دعوت

رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جيڪي دعوت ناما مختلف ملڪن جي بادشاهن ڏانهن لکيا آهن انهن خطن ۾ توحيد ۽ اسلام جي طرف دعوت چٽي نموني سان نظر اچي ٿي ۽ انهن خطن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  ڪنهن به ملڪ جي بادشاھ کي پنهنجي خط ۾ بادشاھ ناهي لکيو بلڪه سرواڻ ۽ سرپرست لکيو آهي ڇو جو رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جو اهو يقين هو ته بادشاهي ۽ حڪومت جو حق رڳو مسلمانن جو آهي (1) ۽ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم   انهن دعوت نامن ۾ سڀني بادشاهن کان هي طلب ڪيو آهي ته وڏائي ۽تڪبر کي ڇڏي ڏيو ۽ اسلام جي آئين جا پيروڪار ٿيو ۽ انهن سڀني دعوتنامن جي شروعات ۽ آخر ۾ هي جملو واضح طور تي موجود آهي ته “ والسلام علي من اتبع الهدي”  ۽ ڪجھ دعوت نامن ۾ رسول پاڪ  صلي الله عليه وآله وسلم  جن هن نڪتي ڏانهن به اشارو ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان اسلام کي قبول ڪيو ته توهان جي حڪومت پنهنجي جڳھ تي باقي رهندي ۽ گھڻين دعوت نامن ۾ هن نڪتي کي وڏي اهميت ڏني آهي ته جيڪڏهن توهان اسلام قبول نه ڪندؤ ته سڀني ماڻهن جي گناهن جو بار اوهان جي ذمي هوندو (2) ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي دعوت نامن ۾ بلاغت جي پهلو کي به نظر ۾ رکيو آهي ۽ هميشه پنهنجي دعوت نامن کي مد مقابل جي سمجھ مطابق لکندا هئا . ان ڪري رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جا جيڪي دعوت نامه غير عربن ڏانهن آهن اهي انتهائي مختصر ۽ سادن لفظن  سان لکيل آهن

رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي دعوت نامن ۾ جيڪي پاڻ اهل ڪتاب يهودين ۽ نصارا ڏانهن لکيا آهن انهن ۾ انهن جي ديني علامتن ۽ آئينن وسيلي پنهنجي رسالت جو دليل پيش ڪندي الله جي هيڪڙائيءَ  جي دعوت ڏني آهي يهودين ڏانهن دعوت نامي ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي ته تورات جنهن کي توهان تسليم ڪري رهيا آهيو انهيءَ ۾ منهنجي رسالت جو ذڪر هن نموني سان آهي (3)

) مُّحَمَّدٌ رَّسُولُ اللَّهِ وَالَّذِينَ مَعَهُ أَشِدَّاء عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَاء بَيْنَهُمْ تَرَاهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِّنَ اللَّهِ وَرِضْوَانًا سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم مِّنْ أَثَرِ السُّجُودِ ذَلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرَاةِ وَمَثَلُهُمْ فِي الْإِنجِيلِ كَزَرْعٍ أَخْرَجَ شَطْأَهُ فَآزَرَهُ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوَى عَلَى سُوقِهِ يُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِيَغِيظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْهُم مَّغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا (( سوره فتح آيت 29 )

اهڙي آيت تورات ۽ انجيل ٻنهي ڪتابن ۾ موجود آهي . ان ڪري جيڪڏهن تورات تي يقين رکو ٿا ته منهنجي رسالت جي گواهي ڏيو

عيسائين ڏانهن دعوت نامي ۾ لکيو آهي ته

 )قُلْ يَا أَهْلَ الْكِتَابِ تَعَالَوْاْ إِلَى كَلَمَةٍ سَوَاء بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ أَلاَّ نَعْبُدَ إِلاَّ اللّهَ وَلاَ نُشْرِكَ بِهِ شَيْئًا (

اهي اهل ڪتاب توهان ۽ اسان جي درميان هيءَ ڳالھ گڏيل آهي ته الله سائين کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ نه ان جو ڪو شريڪ قرار ڏيون  ( سوره آل عمران آيت 64 )

2. شرعي حڪمن جو بيان

رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي خطن ۾ شرعي حڪمن کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو آهي

1. عبادي ( جن ۾ عبادت جو حڪم آهي)

2. اقتصادي

عبادي حڪمن ۾ نماز، روزر، حج، ۽ انهن جي مقدمن کي بيان ڪيو آهي عبادي حڪمن جي وضاحت ۽ تفصيل اقتصادي حڪمن جي نسبت گھٽ آهي شايد ان جو سبب رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  ۽ ان جي ساٿين مسلمانن کي عملي طور تي عبادي حڪمن جي تعليم ڏني آهي پر حڪمَ ۽ اقتصادي مسئلا مثلا زڪوات جا حڪم، جنگي غنيمت جي حڪمن وغيره کي اهم اقتصادي حڪمن مان شمار ڪيو آهي . ۽ انهن کي پنهنجي خطن ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.

نموني طور تي اسان عمروبن حزم(4)  جيڪو رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جو يمن ۾ نمائندو هو ان ڏانهن حڪمن جي سلسلي ۾ هڪ تفصيلي نامو لکيو آهي جنهن ۾ اقتصادي حڪمن کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي نامن ۾ انهن معاملن جي به تائيد ڪئي آهي جيڪي عام ماڻهن جي درميان ٿيندا هئا ۽ اسلام جي قانونن مطابق هوندا هئا انهن تائيد نامن کي رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جن هنن جملن سان بيان ڪيو آهي  لا داع ، ولا غائلا، ولا خبيثه، بيع المسلم للمسلم هي سڀ جملا واپار جي صحيح هجڻ تي دلالت ڪن ٿا بس جيڪڏهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي انهن خطن تي نظر وڌي وڃي جن ۾ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  حڪمن کي بيان ڪيو آهي انهن ۾ مالي مسئلن کي سختيءَ سان انجام ڏيڻ جي تاڪيد فرمائي آهي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي اها تاڪيد ان حقيقت ڏانهن اشارو آهي ته ڪنهن به حڪومت جي لاءِ مالي مسئلا ۽ مادي شيون به اهميت رکندڙ آهن.

3. عطا ۽ بخشش

جيڪڏهن ڪائنات جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم  جي عطا ۽ بخشش تي نظر ڪجي ته اها سڄي انسانيت جي لاءِ هئي، پوءِ اهو انسان مسلمان هجي يا مشرڪ ڪافر هجي يا ڪو ٻيو ۽ جيڪڏهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي مڪاتيب ۽ خطن تي نگاھ ڪجي ته سندس ڪيترائي مڪاتيب ان پهلو ( عطا ۽ بخشش) کي بيان ڪن ٿا ان عطا ۽بخشش مان خيبر مان هٿ آيل ڪڻڪ ۽جوَ جيڪي رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جي فرمان مطابق رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھروارين ۾ هڪ سو اسي ڀيرا ۽ سندس نياڻي حضرت فاطمه سلام الله عليها ۾ اسي مرتبه تقسيم ٿي. اسامه بن زيد کي پنج دفعا، ۽ مقداد بن اسود کي چاليھ دفعا، انهيءَ خط جا گواھ حضرت عثمان ۽ حضرت عباس بن عبد المطلب هئا(5)

اهڙي نموني رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي عطا ۽ بخشش بني عريض جي يهودين لاءِ پڻ هئي جن کي ڪڻڪ جوَ ۽ کجين جا ڏھ ڏھ اٺ فصل لهڻ مهل ڏنا ويندا هئا ۽ اهڙي نموني سان رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جي عطا ۽ بخشش قيس همداني کي ڪجھ مقدار ۾ مَڪئي ۽ ڪشمش جي صورت ۾ ڏني ويندي هئي . ان جي مرڻ کان پوءِ ان جي خاندان جي حوالي پڻ ڪئي ويندي هئي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي بخشش ڪڏهن اهڙي زمين هوندي هئي جنهن ۾ زراعت ڪئي ويندي هئي  جنهن کي عرب جي اصطلاح ۾ “اقطاع” چيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ جانور ۽ غلام جيڪي ان زمين تي هوندا هئا انهن کي عطا ڪئي ويندي هئي جيڪي ان زمين کي آباد ڪندا هئا (6) ۽ رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي گھڻي عطا ۽ بخشش اسلام قبول ڪرڻ ، نماز پڙهڻ ، زڪوات ڏيڻ ۽ غنيمت جو پنجون حصو ڏيڻ جي مقابلي ۾ هوندي هئي ۽ رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي ڪجھ عطا ۽ بخشش جو ذڪر امان نامن ۽ پناه نامن ۾ پڻ ٿيو آهي پاڻ جڏهن به ڪنهن ٽولي کي پناھ ڏيندا هئا ته اسلام قبول ڪرڻ ، واجب شين کي ادا ڪرڻ ، جي بنياد تي سندن بخشش هوندي هئي ۽ پناھ ڏيڻ وارن کي خصوصيتن جي بنا تي عطا ۽ بخشش ڪئي آهي انهن بخششن ۾ چشما ، زمين جا ڪجھ ٽڪڙا، ۽ کجين جا ڪجھ وڻ آهن جن جو ذڪر رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي مڪاتيب ۽ سَنيهن ۾ هنن جملن. ( لايحاقه فيها) (فمن حاق له فيها)   (هذا ما اعطي رسول الله) سان ڪيو آهي جيڪي سندس عطا ۽ بخشش تي دلالت ڪن ٿا .

4. صلح نامه

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي صلح نامن منجھان هڪ صلح نامو صلح حديبيه آهي جنهن ۾ ظاهري طور تي رعايتون قريش کي ڏنل آهن مثال طور جيڪڏهن انهيءَ صلح جي شرطن تي نگاھ ڪئي وڃي ته هڪ شرط هيءَ آهي ته جيڪڏهن قريش مان ڪو به سرپرست جي اجازت کان سواءِ حضرت محمد  صلي الله عليه وآله وسلم  وٽ ايندو ته انهيءَ کي مڪي واپس ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم  جي ساٿين منجھان ڪو به قريش وٽ آيو ته ان کي واپس نه ڪيو ويندو.

پر جيڪڏهن ان صلح نامي جي نتيجن ۽ آثارن تي نظر وڌي وڃي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جو هي صلح مدبرانه ۽ سياسي ۽ اجتماعي حالتن کان آگاهيءَ جو پڻ دليل آهي آثارن منجھان ڪجھ اثرن کي نموني طور پيش ڪريون ٿا .

1. مسلمان صلح حديبيه کان پوءِ رسمي طور تي سڃاتا ويندا هئا ڇو جو صلح کان پهريان مشرڪ مسلمانن کي ڪجھ به نه سمجھندا هئا ۽ مسلمانن کي هميشه جي لاءِ نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا .

2. جيڪا ديوار مسلمانن ۽ مشرڪن جي درميان ڪفر جي صورت ۾ هئي اها ديوار صلح جي ذريعي ٽٽي پئي مڪي ۽ مديني جي رفت آمد جي ڪري ٻنهي طرفن جا افراد آزادنه طور تي هڪ ٻئي سان گفتگو ۽ پنهنجي مذهب جي حق ۾ دليل پيش ڪندا هئا نتيجي ۾ مڪي ۾ اسلام ڦهلجڻ لڳو جيڪو صلح کان پهريان مسلمانن جو تعداد حج جي لاءِ هڪ 1800 هو اهو ٻن سالن جي فاصلي ۾ 10000 جي عدد تائين پهتو .(7)

3. انهيءَ صلح جي نتيجي ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  مختلف علائقن ۾ مختلف تبليغي گروھ تيار ڪيا جيڪي اسلام جي حقانيت بيان ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا 

5. امان نامه

اسان جڏهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي لکيل امان نامن تي نظر وجھون ٿا ته هڪ اڌ جاين(8)کان سواءِ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جنهن کي به امان ڏنو ته اهو اسلام قبول ڪرڻ جي شرط سان  آهي نموني  طور اسان ڪجھ امان نامن جو ذڪر ڪريون ٿا رسول پاڪ  صلي الله عليه وآله وسلم معاويه بن جرول جي لاءِ جيڪي امان نامو لکيو آهي ته هڪ ان شرط سان ته نماز پڙهي، زڪوات ادا ڪري ، غنيمت جو پنجون حصو ۽ رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم  جو حصو ادا ڪري ۽ مشرڪن کان پري رهي ته اسلام جي پناھ ۾ ايندو.

۽ ڪڏهن امان نامن ۾ امان وٺندڙ جي اجتماعي ، اقتصادي ۽ سياسي حالتن کي نظر ۾ رکندي انهن سان خاص رعايت ڪئي ويندي هئي مثلا پاڻ  صلي الله عليه وآله وسلم  جو لکيل امان نامو خزاعه قبيلي جي لاءِ، جنهن منجھان مسلمانن جو تعداد بلڪل گھٽ هو ۽ ڪافرن جي اڪثريت هئي  رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  جو هيءُ امان نامو نرم لهجي ۽ اطمينان بخش ۽ دوستاڻو هو ڇو جو قبيلو خزاعه هڪ وڏو قبيلو هو جيڪو عربستان جي سر زمين جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل هو(9) پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  انهيءَ محبت واري امان نامي سان انهن کي اسلام جي قريب ڪرڻ پئي چاهيو ته جيئن مسلمانن کي انهن جي هٿان نقصان نه پهچي  ڇو جو ان قبيلي جا افراد اسلام کان اڳ قدرتمند ۽ طاقتور هئا .

مسعودي لکي ٿو ته خزاعه قبيلي جي سردارن ۽ چڱن مڙسن الله جي گھر جي سرپرستي ٽي سو سال _300) انجام ڏني (10) ۽ ان کي پنهنجو فرض سمجھندا هئا .ان ڪري انهن کي اهي رعايتون عطا ڪيون ويون.

ڪتاني لکي ٿو ته : رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي سڀني تحريرن ۾ سڀني پهلوئن کي نظر ۾ رکندا هئا ته جيئن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي ڪنهن تحرير جي ڪري بري نيت رکندڙ ماڻهو عوام کي نقصان نه پهچائي سگھن .

6. پناھ نامه

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي مڪاتيب ۽ خطن تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو ته پناھ نامن جو تعداد گھٽ مقدار ۾ ناهي ان پناھ نامن ۾ ڪلمه  ذمه (پناھ ڏيڻ) استعمال ٿيو آهي . ۽ پناھ حاصل ڪندڙن ۾ مسلمان ۽ غير مسلم سڀئي شامل آهن . اهي پناھ نامه جيڪي عيسائين جي لاءِ آهن جيڪڏهن انهن جي متن تي نگاھ ڪئي وڃي ته ٻين شرطن سان گڏ متن ۾ اسلام قبول ڪرڻ پناھ ڏيڻ واري جي طرفان هڪ بنيادي شرط آهي ۽ مسلمانن جي نسبت پاڪ دلي ۽ سٺي سوچ پناھ نامن جي شرطن منجھان هڪ شرط آهي

اهي پناھ ناما جيڪي مسلمانن جي لاءِ لکيا ويا آهن اهي مسلمان آهن جيڪي اسلام ۽ سندس قانونن جي نسبت استقامت نه رکندا هئا ۽ جيڪو پناھ نامن جي متن ۾ غير مسلمانن جي لاءِ ذڪر ٿيو آهي انهيءَ ۾ وضاحت سان اسلام تي باقي رهڻ ، اسلام جي واجبات جو پابند رهڻ، ۽ اسلامي حڪمن کي تسليم ڪرڻ پناھ نامن جي شرطن ۾ شامل آهن .

 البته جڏهن اسان رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي پناھ نامن تي نگاھ ڪريون ٿا ته ڪجھ پناھ ناما اهڙا به آهن جن ۾ پناھ نامي وٺڻ واري کي ڪجھ رعايتون به ڏنل آهن ( انهن منجھان هڪ پناھ نامو)  هڪ باغي گروھ جي لاءِ لکيو آهي جنهن باغي گروھ جي لاءِ( عباد الله العتقاء ) جي تعبير استعمال ٿئي آهي جيڪي انهيءَ عربستان ۾ ڦورو جي نالي سان مشهور هئا.ان پناھ نامي جي متن ۾ لکيل آهي ته اسلام قبول ڪرڻ، نماز ادا ڪرڻ ، ۽ زڪوات ادا ڪرڻ سان اسلام جي پناھ ۾ اچي ويا آهن ۽ هنن جو سرور ۽ سرپرست حضرت محمد  صلي الله عليه وآله وسلم  آهي ان ڪري انهن جي وچ ۾ جيڪو غلام آهي اهو آزاد ٿي ويو ۽ هنن منجھان ڪنهن کي به پنهنجي قبيلي جي طرف وڃڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ويندو . ۽ هر اهو خون جيڪو هنن وهايو آهي يا اهو مال جيڪو ٻين کان کسيو ۽ ڦريو آهي هنن جو آهي ۽ جيڪڏهن هنن جو ڪنهن تي ڪو حق آهي ته اهو به هنن کي موٽائي ڏنو ويندو هنن تي ڪنهن به قسم جو ظلم يا ستم نه ڪيو ويندو ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  نامي جي آخر ۾ والسلام عليڪم سان خطاب ڪيو آهي .

هي اهو گروھ هو جيڪو مسلمانن وانگر مشرڪن جي سردارن جي ظلم کان تنگ ٿيل هو ۽ انهن جا دشمن هئا البته مسلمان ۽ ان گروھ جي خواهشن ۾ فرق هو مسلمانن جي جنگ مشرڪن سان اسلام جي خاطر هئي پر انهن جي جنگ مشرڪن سان اجتماعي. اقتصادي ۽ مادي نابرابري جي بنا تي هئي .(11 ) پر مسلمانن سان هنن جو گڏ ٿيڻ ان ڪري هو جو مشرڪ ٻنهي جا گڏيل دشمن هئا

رعايت جا ڪارڻَ

هن گروھ “تهامه”  نالي هڪ جڳھ ۾ پناھ ورتي هئي ۽ انهيءَ گروھ جو تعلق مختلف قبيلن سان هو جنهن جا خانداني مٽ مائٽ قبلي خزاعه ۾ ڦهليل هئا جيڪڏهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  انهن سان سختي سان پيش اچي ها ته هو پنهنجي خاندان ۽ قبيلي سان ملي ڪري اسلام جي مقابلي ۾ اچي وڃن ها ۽ مسلمانن کي انهيءَ دشمن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڏي قيمت عطا ڪرڻي پوي ها ان ڪري رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  ٻين پناه نامن جي نسبت هن پناھ نامي ۾ وڌيڪ رعايت ڪئي آهي ان ڪري اها نابرابري رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  رڳو ان ڪري ڪئي ته اسلامي معاشري کي نقصان کان بچائي سگھي

اهڙي نموني سان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جي ان رعايت جي جھلڪ ڪجھ هن ريت به نظر اچي ٿي ته جنگ خندق ۾ پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم  جو پناھ نامو جيڪو سقيف قبيلي وارن لاءِ لکيو هو (جڏهن دشمن سان قبيلي سقيفه جا سپاهي هم پيمان هئا ) ته رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  انهن سان پيمان نامو ڪري دشمنن سان ڪيل معاهدو ختم ڪرايو ۽ اسلام ۽ مسلمانن کي وڏي خطري کان آزاد ڪرايو ۽ رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جيڪو پناھ نامو قبيلي سقيف لاءِ  لکيو ان ۾ گھڻيون رعايتون هيون ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جي نظر ۾ اهو موضوع ايتري قدر اهميت رکندڙ هو جو پاڻ سڳورن  صلي الله عليه وآله وسلم  هڪ جدا فرمان تاڪيد ڪندي جاري فرمايو ته ڪير به “حريم وج” (قبيلي ثقيف جي سر زمين جو نالو) جي ويجھو نه وڃي ۽ ڪير به طائف جي عوام جي اجازت کان بغير اتان گذرڻ جو حق نٿو رکي.  هي سڀ ڪجھ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم  ان ڪري ڪري رهيا هئا جو پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم  ان قبيلي جي دليري ، پائداري ۽ استقامت کي ڏسي چڪا هئي ۽ عرب قبيلن منجھان هي آخري قبيلو هو جنهن اسلام کي قبول ڪيو ۽ قبيلي ثقيف جا ئي افراد هئا جيڪي رسول صلي الله عليه وآله وسلم  جي رحلت کان پوءِ  اسلام جي واٽ تي پايدار رهيا ۽ اسلام جو دفاع ڪندا رهيا .

7. دشمنن ڏانهن لکيل خط

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  جا جيڪي مشرڪن ڏانهن لکيل خط آهن انهن تي نظر ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته پاڻ  صلي الله عليه وآله وسلم  مشرڪن سان سخت ڪلمات ۽ تنبيھ ڀريل جملن سان مخاطب ٿيا آهن مثال طور رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  مڪي جي مشرڪن جي جواب ۾ جيڪو جنگ خندق کان پهريان خط لکيو ان ۾ پاڻ  صلي الله عليه وآله وسلم  مشرڪن سان مخاطب ٿيندي لکيو ته: توهان کي تلوار ۽ نيزي سان جواب ڏينداسين ،توهان جي سرن کي تن کان جدا ڪندا سين ۽ توهان جي گھرن کي ويران ڪنداسين  ۽ مڪي جي مشرڪن کان اهو به طلب ڪيو ته جيسيتائين توهان بت پرستيءَ تان هٿ نه کڻندؤ ته توهان سان مقابلو ڪندا رهنداسين ۽ اهڙي نموني سان رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  ابو سفيان جي خط جي جواب ۾ جنگ خندق جي دوران جيڪو خط لکيو اهو خط طنز ۽ تحقير سان ڀريل هو ان ۾ پاڻ  صلي الله عليه وآله وسلم  لکيو ته : اي ابو سفيان ! تو لکيو آهي ته جيسيتائين تون اسان جي بنيادن کي ختم نه ڪندي مديني کان واپس نه ويندي تون ڄاڻ ته خدا جو فرمان آهي تون هرگز ائين نه ڪري سگھندي ۽ ڄاڻ ته اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جو تنهنجي بتن کي اهڙي نموني سان ختم ڪيو ويندو  جو ٻيهر تون انهن جو نالو به نه وٺندي .

 اهڙي نموني سان مسيلمه بن ثمامه بن ڪبير وائلي جيڪو مسيلمه ڪذاب سان مشهور آهي(13) رسول صلي الله عليه وآله وسلم  ان جي لکيل خط جي جواب ۾ فرمايو : تو ان ڳالھ جو ذڪر ڪيو آهي ته زمين کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪريون هڪ حصو تنهنجو ۽ هڪ حصو منهنجو ۽ منهنجي قبيلي وارن جو هوندو، تون ڪذاب (ڪوڙو)  آهين. رهي زمين جي ڳالھ ته زمين الله جي آهي الله تعالى پنهنجي بندن منجھان جنهن کي چاهي عطا ڪري ۽ آخرت پرهيزگارن جي لاءِ آهي.

 

حوالا

1. تراتيب الادرايه، ج1 ص 142

2. پيام پيامبر ،ترجمه فارسي ،باب اول، بخش نامه، ص 42 کان 46 تائين  

3. ڪتاب صناعتين ، ابو هلال عسڪري، ص  160_161 

4.پيام پيامبر ،ترجمه فارسي ،باب اول، بخش نامه، ص 55

5. ساڳيو ص 13

6. مفاتيح العلوم، حوارزمي ، ص 59 ۽ 60

7.اعلام الورى ، طبرسي ص 98

8. مثال قبيله سقيفه جي لاءِ يا وري ڪنهنجي لاءِ ڪجھ خاص مدت لاءِ امان نامو آهي ته ان مدت ۾ اسلام قبول ڪن يا هتان کان هليا وڃن. اهڙن خطن ۾ اسلام قبول ڪرڻ شرط ناهي.

9. الاعلام ،زرڪلي، ج2 ص 348 * 349

10. مروج الذهب ،ج2 ص 42

11. المسالک والممالڪ ،اصطخري ص 126 ۽ معجم البلدان  ج3 ص 984

12. تاريخ تمدن اسلامي جرهي زيدان ج1 ص

. 253

13.پيام پيامبر ،ترجمه فارسي ،باب اول، بخش نامه، ص 53

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید