ڇنڇر, 25 مئي 2019

توحيد جي حقيقت سائڻ زهرا  سلام الله عليها جي نظر ۾

  • انداز قلم

مهاڳ: معرفت جي آسمان ۾ ڪابه اهڙي معرفت نه آهي جيڪا توحيد جي سج کان وڌيڪ نوراني هجي، ۽ ڪابه معرفت خدا جي وحدانيت ۽ ان جي اسمن ۽ صفتن جي معرفت جي بلندي تي نه آهي، بلڪه ٻيون سڀ معرفتون توحيد جي چشمي کان ئي سيراب ٿين ٿيون.

سيرت معصومين عليهم السلام

تنهنڪري جيڪو فڪر خدا جي وحدانيت کان دور رهيو سو گمراهي ۽ ضلالت جي انڌيرن ۾ هلاڪ ٿي ويو. ان ڪري انسان جي فڪر ۽ عمل ۾ گمراهيءَ جو سبب توحيد جي معرفت کان دور هجڻ آهي، ڇاڪاڻ ته توحيد ئي انسان جي سعادت ۽ ڀلائي جو ڪارڻ آهي ۽ شرڪ سندس زندگيءَ ۾ شقاوت ۽ بد بختيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه شي ڪونه ٿو آڻي. اهو ئي سبب آهي جو دين اسلام جيتري اهميت توحيد کي ڏني آهي اوتري ڪنهن ٻئي موضوع کي ناهي ڏني.

حقيقت توحيد

توحيد جي اهميت لاءِ ايترو ڪافي آهي جو الله سائين توحيد کان بهتر ۽ افضل ڪو ڪلام خلق نه ڪيو، ۽ لا اله الّا الله جهڙي با عظمت ۽ جلال واري ٻي ڪا به ڳالھ نه ڪئي، ان ڪري پاڻ سڳورا (ص) فرمائي رهيا آهن: ما قلتُ و لا قال القائلون قبلي مثل لا اله الّا الله. (1)  ”لا اله الّا الله“ جهڙو ڪلام نه مون چيو ۽ نه ئي مون کان پهرين اچڻ وارن نبين. يعني خدا ئي ان عظيم ڪلام کي خلق ڪيو جنهن کان پوءِ سڀ نبي ان توحيدي ڪلمي جي تعليم ڏيندا رهيا.

توحيد جي اهڙي با عظمت معرفت جي حقيقت ۽ گهرائي کي بيان ڪرڻ يا قلم سان قيد ڪرڻ هر انسان جي وس جي ڳالھ نه آهي بلڪه اها ئي هستي ان معرفت جو عظيم درس ڏئي سگھي ٿي جنهن جي علم جو سرچشمو خدا کان نازل ٿيندڙ وحي هجي هڪ اهڙي هستي جيڪا يا ته مدينة العلم (علم جو شهر) هجي يا باب العلم (علم جي شهر جو دروازو)، ان بابُ العلم جو هڪ عظيم مثال حضرت زهرا (س) جن آهن. جنهن جي باري ۾ جابر بن عبد الله پاڻ سڳورن (ص) کان روايت ڪن ٿا: ان اللهَ جعل عليا و زوجته و ابنائه حُجَجُ اللهِ عَليٰ خَلقِهِ وَ هُم اَبوابُ العِلمِ في امّتي، مَن اهتَديٰ بِهِم هُديٰ اِليٰ صراط مُستَقيم (2)

بتحقيق الله سائين علي (ع) ۽ سندن گھرواري (حضرت زهرا سلام الله عليها) ۽ سندن فرزندن کي مخلوق تي حُجت قرار ڏنو آهي ۽ اهي منهنجي امت ۾ علم جا دروازا آهن، جنهن به کانئن هدايت ورتي ان سئين واٽ ڏانهن رهنمائي پاتي.

اهڙي عظمت واري بيبيءَ (س) پنهنجي خطبه فدڪيه ۾ خدا جي حمد ۽ ثنا کان پوءِ ان جي وحدانيت جي گواهي ڏني آهي ۽ توحيد جو عظيم درس ڏيندي فرمايو آهي ته: ...وَ أَشْهَدُ أَنَّ لَا إِلَهَ إِلَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لَا شَرِيكَ لَهُ، كَلِمَةٌ جَعَلَ الْإِخْلَاصَ تَأْوِيلَهَا، وَ ضَمَّنَ الْقُلُوبَ مَوْصُولَهَا، وَ أَنَارَ فِي الْفِكْرِ مَعْقُولَهَا، المُمتنعُ عَنِ الأَبصٰارِ رُؤيَتُه وَ عَنِ الأَوهٰامِ كَيفِيَتُه وَ عَنِ الأَلسُنِ صِفَتُه (3)

آءُ گواهي ڏيان ٿي ته ناهي ڪو معبود سواءِ ان الله جي جيڪو واحد (اڪيلو) آهي جنهن جو ڪو به شريڪ نه آهي، جنهن (توحيد جي) ان ڪلمي جي تاويل کي اخلاص قرار ڏنو ۽ دلين منجھ ان ڪلمي جي حقيقت کي رکي ڇڏيو، جنهن ان ڪلمي جي عقلي بيان کي (انسان جي) فڪر ۾ روشن ڪري ڇڏيو، اهو خدا جنهن جو ديدار اکين سان ممڪن ناهي، ۽ جنهن جي ڪيفيت کي وهمي (۽ خيالي)  قوتون تصور نٿيون ڪري سگھن ۽ زبانون ان جي وصف ڪرڻ کان قاصر آهن.توحيد جي گواهي ۾ سائڻ زهرا (س) جن اهم نڪتن جي طرف اشارو ڪيو آهي انهن کي تفصيل سان هيٺ بيان ڪجي ٿو:

توحيد ۽ اخلاص ۾ رابطو

حضرت فاطمه زهرا (س) هن خطبي ۾ خدا جي حمد ۽ ثنا ڪرڻ کان پوءِ خدا جي وحدانيت جي گواهي ڏني آهي ۽ اها گواهي اهڙي انداز ۾ ڏني آهي جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته توحيد جا ٻه پهلو آهن، هڪ ظاهري پهلو ۽ ٻيو باطني.

توحيد جي شهادت جو ظاهري پهلو ڌڻي تعاليٰ جو واحد ۽ اڪيلو هجڻ آهي جيڪو لا اله الّا الله مان ظاهري طور تي سمجھ ۾ اچي ٿو پر ان جي هڪ باطني حقيقت آهي جنهن ڏانهن اشارو ڪندي سائڻ فاطمه زهرا (س) فرمائن ٿيون ته: وحدانيت جي گواهي جي تاويل ۽ باطني حقيقت، اخلاص آهي.

جيتوڻيڪ عام اصطلاح ۾ اخلاص مان ”عمل جو خالص هجڻ“ مراد ورتي ويندي آهي، يعني انسان سندس عمل ۾ خالص نيت رکندو هجي ۽ ڏيکاءُ جي ڪري انجام نه ڏيندو هجي. پر هن خطبي ۾ توحيد جي حقيقت کي اخلاص چوڻ مان سائڻ زهرا (س) جي مراد ڇا آهي؟ ان کي سمجھڻ لاءِ هتي اخلاص بابت هيٺ ڪجھ وضاحت ڏجي ٿي:

عقيدي ۾ اخلاص

توحيد جي عقيدي کان پهرين ضروري آهي ته انسان خدا جي وجود جي معرفت پيدا ڪري جنهن کان پوءِ خدا جي وحدانيت کي پرکي سگھندو. ۽ خدا جي وحدانيت جو مطلب هي آهي ته خدا جو نه ڪوئي شريڪ آهي ۽ نه ئي ڪوئي مثل. ۽ نه ئي هو مختلف جُزن ۽ حصن ۾ تقسيم ٿي سگھي ٿو. جيئن ته جنگ جمل ۾ علي (ع) جي لشڪر ۾ هڪ شخص جنگ جي ميدان ۾ مولا وٽ آيو عرض ڪيائين: اي علي! توهان چئو ٿا ته خدا هڪ آهي، ان جو مطلب ڇا آهي؟ هن جي ان سوال ڪرڻ تي ڀر ۾ بيٺل ماڻهو ڪاوڙجي پيا ۽ چيائون ته : جنگ جي هن حساس موقعي تي هي ڪهڙو سوال پيو ڪرين؟ امام (ع) کين چپ رهڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيائون: اسان حقيقت ۾ توحيد جي ڪري ئي ته هيءَ جنگ وڙهون پيا. ان کان پوءِ فرمايائون: خدا کي واحد چوڻ جون چار معنائون آهن جنهن مان ٻه معنائون الله سائين جي توحيد بيان ڪرڻ لاءِ صحيح نه آهن ۽ ٻه معنائون صحيح آهن. اهي ٻه معنائون جيڪي صحيح آهن تنهن مان هڪ هي آهي ته الله جو ڪو مثل نه آهي ۽ ٻي معنيٰ اها ته ان جي ذات حصن ۾ تقسيم جي قابل نه آهي (4)

توحيد جي معنيٰ جي واضح ٿيڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو جڏهن خدا جي وحدانيت جو ڪلمو پڙهندي چوندا آهيو ته خدا هڪ آهي ته اسان کي رڳو ان ظاهري چوڻ تي اڪتفا نه ڪرڻ گھرجي بلڪه ان ”ڪلمه توحيد“ جي باطني پهلوءَ کي به پرکڻ گھرجي. ۽ اهو باطني پهلو حضرت زهرا (س) جي ڪلام مطابق اهو آهي ته اسان پنهنجي عقيدي ۽ فڪر ۾ هڪ خالص توحيد جو نظريو قائم ڪيون، هڪ اهڙي توحيد جيڪا ڪنهن به لحاظ سان شرڪ کان پاڪ هجي. شرڪ جا به ڪجھ مرتبا آهن جن مان هڪ مرتبو ”شرڪ جلي“ جو آهي يعني واضح ۽ روشن طريقي سان شرڪ ڪرڻ؛ جهڙوڪ بت پرست اهڙي شرڪ جا معتقد آهن جو ڪجھ مختلف خدائن جو عقيدو رکندي هڪ کان وڌيڪ خدائن جي عبادت ڪندا آهن.

تنهنڪري اسان کي گھرجي ته پنهنجي فڪر ۽ عقيدي ۾ خدا کي اهڙي قسم جي شرڪ کان پاڪ سمجھون ۽ ان کي هر لحاظ سان هڪ اهڙي ذات ۽ حقيقت سمجھون جنهن جو نه ڪوئي مثل ۽ شبيھ آهي ۽ نه ئي هو مختلف حصن ۾ تقسيم جي قابل آهي. ۽ توحيد جي ان معنيٰ سان گڏ ٽئين مرحلي ۾ ان کي اهڙين صفتن کان به بري قرار ڏيون جيڪي ان جي ذات کان جدا آهن تڏهن اسان منجھ توحيد جو عقيدو ڪامل ٿيندو. جيئن ته امام علي (ع) فرمائن ٿا:

كَمَالُ تَوْحِيدِهِ الْإِخْلَاصُ لَهُ وَ كَمَالُ الْإِخْلَاصِ لَهُ نَفْيُ الصِّفَاتِ عَنْهُ لِشَهَادَةِ كُلِّ صِفَةٍ أَنَّهَا غَيْرُ الْمَوْصُوفِ وَ شَهَادَةِ كُلِّ مَوْصُوفٍ أَنَّهُ غَيْرُ الصِّفَةِ (5)

خدا کي واحد مڃڻ جو ڪمال عقيدي جي خالص هجڻ ۾ آهي ۽ خالص عقيدي جو ڪمال هن کان مخلوق جي صفتن کي جدا ڪرڻ ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته هر صفت گواهي ڏئي ٿي ته هوءَ موصوف کان الڳ آهي.

امام (ع) هن جملن ۾ توحيد جي ڪمال ۽ حقيقت کي پڻ اخلاص ڄاڻائن ٿا ۽ انهن جي نظر ۾ خالص توحيد مان مراد الله کان اهڙين صفتن جو انڪار ڪرڻ آهي جيڪي ان جي ذات کان جدا آهن. هڪ مثال جي ذريعي هن مطلب کي واضح ڪجي ٿو ته:

جڏهن اسان چوندا آهيون ته هي ڪاغذ سفيد  آهي ته ان جو مطلب اهو هوندو آهي ته اها سفيدي ان ڪاغذ جي صفت آهي ۽ اهو ڪاغذ موصوف. يعني اسان ايترو سمجھي رهيا هوندا آهيون ته ڪاغذ هڪ شي آهي ۽ اها سفيدي هڪ ٻي شي. ۽ پوءِ اها سفيدي ان ڪاغذ مٿان عارض ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ڪاغذ ان اڇي رنگ کان سواءِ ڪو ٻيو رنگ قبول نه ڪري ها ته اهو چوڻ صحيح هو ته ڪاغذ ۽ اها سفيدي هڪ ئي حقيقت آهن جڏهن ته اهو ممڪن آهي جو اهو ڪاغذ اڇي رنگ کانسواءِ ڪو ٻيو رنگ قبول ڪري. ائين خدا جي باري ۾ جڏهن اسان ڪجھ صفتون بيان ڪرڻ لڳندا آهيون جهڙوڪ علم، قدرت، حيات وغيره ته پوءِ اهو سوال ٿي سگھي ٿو ته ڇا اهي صفتون به مٿين مثال ۾ بيان ڪيل صفت وانگر آهن؟ ڇا خدا جي باري ۾ اهو چئي سگھون ٿا ته خدا هڪ حقيقت آهي ۽ ان جون صفتون (جهڙوڪ ان جو عالم ، قادر ، حي وغيره هجڻ) ان جي ذات کان جدا ۽ هڪ ٻي حقيقت آهن جيڪي ان مٿان عارض ٿيون آهن؟ يعني ڇا ان جي قدرت اسان جي قدرت وانگر آهي جيڪا ممڪن آهي ته ڪڏهن گھٽ ٿي وڃي يا بلڪل ئي ختم ٿي وڃي؟ هرگز ائين نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو سائڻ زهرا (س) توحيد جي حقيقت کي اخلاص ڄاڻائن ٿيون ۽ امير المومنين (ع) پڻ واضح انداز ۾ چئي رهيا آهن ته: كَمَالُ الْإِخْلَاصِ لَهُ نَفْيُ الصِّفَاتِ عَنْهُ. يعني خدا جي خالص وحدانيت جي عقيدي جو ڪمال ان ۾ آهي ته ان کان سڀ اهي صفتون جدا ڪجن جيڪي ان جي ذات جو غير سمجھيون وڃن ٿيون. يعني خدا  ڪا اهڙي صفت ڪونه ٿو رکي جيڪا ان جي ذات کان جدا ۽ غير هجي، ان ڪري جڏهن اسان خدا کي علم جي صفت سان وصف ڪندي چوندا آهيون ته خدا عالم آهي تنهن جو مطلب اهو هوندو آهي علم خدا جي ذاتي صفت آهي اهڙي ئي ريت جڏهن ٻيو صفتون جهڙوڪ : قدرت ، حي وغيره جي صفتن جي نسبت خدا ڏانهن ڏيندي کيس قادر ۽ حي چوندا آهيون تنهن جو مطلب به اهو ئي هوندو آهي ته اهي صفتون خدا جون ذاتي صفتون آهن ۽ ائين نه آهي جو ان جي ذات کان جدا هوندي مٿس عارض ٿينديون هجن.

توحيد جو هي اهو مرحلو آهي جتي گھڻا اهڙا ماڻهو جيڪي توحيد جي مٿي بيان ٿيل پهرين ٻن مرحلن ( خدا جو شريڪ قرار نه ڏيڻ ۽ ان کي تقسيم جي قابل نه سمجھڻ) مان گذرڻ کان پوءِ هن مرحلي مان گذرڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿيندا. جڏهن انسان توحيد جي ان سڀني مرحلن کي طي ڪندو تڏهن اهو عقيدي ۽ فڪر ۾ خالص توحيد جو نظريو قائم ڪري سگھندو. ۽ جڏهن عقيدي ۽ فڪر ۾ توحيد جو خالص نظريو قائم ٿي ويو ته ان کان پوءِ آخري مرحلو عمل ۾ توحيد جي عقيدي جو خالص هجڻ باقي رهي ٿو جنهن جي وضاحت هيٺ ڏجي ٿي.

عمل ۾ اخلاص

عقيدي ۾ اخلاص پيدا ڪرڻ کانپوءِ ضروري آهي ته انسان پنهنجي عمل ۾ پڻ اخلاص پيدا ڪري يعني جڏهن اسان خدا ۽ ان جي صفتن جي معرفت حاصل ڪري ان جي وحدانيت جو خالص عقيدو جوڙيوسين ته هاڻ اسان جي رفتار ۽ عمل به خدائي صفتن جي معيار مطابق هجڻ گھرجي. تنهنڪري اسان الله سائين جي ذات کان سواءِ ڪنهن کي به عبادت جي لائق نه سمجھون، فقط الله سائين جي حڪم ۽ قانون جي پيروي ڪريون ۽ ڪنهن ٻئي اڳيان تسليم ٿيڻ ۽ ان جي بندگي ڪرڻ کان پرهيز ڪريون. ان مطلب کي عالم سڳورا مختلف علمي اصطلاحن ۾ بيان ڪندا آهن جنهن مان هڪ“توحيد عبادي” آهي يعني انسان سندس عمل ۽ عبادت ۾ فقط الله کي ئي پنهنجو معبود قرار ڏئي. توحيد عبادي جي اها معنيٰ ڪئي ويندي آهي ته : ڪمال جي طرف وڌڻ (6)۽ انساني ڪمال کيس تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن هو الله سائين جي حڪم ۽ قانون اڳيان تسليم هجي(7)

ان اعتبار سان اسان کي گھرجي ته هميشه هر شي کي خدا سان وابسته ۽ واڳيل ڄاڻيون ۽ هر ڪم کي ان جي ارادي هيٺ تصور ڪريون. جيتوڻيڪ ڪيترين ئي شين جي خلقت ۾ ڪجھ واسطا وچ ۾ ضرور هوندا آهن پر حقيقت ۾ الله سائين جي ذات ئي آهي جنهن انهن واسطن کي به قدرت ڏني جو واسطو بڻجڻ جي قابل ٿيا، هي پورو جهان سببن ۽ علتن تي ٻڌل آهي جن مان ڪجھ سببَ شعور ۽ اختيار به رکن ٿا پر انهن سببن ۽ علتن کي سبب ۽ علت بڻجڻ جي قابليت به  الله سائين جي ذات ئي ڏني آهي. جڏهن انسان هن ڳالھ کي پرکي ورتو ته پوءِ ان منجھ هڪ اهڙي ڪيفيت ۽ حالت پيدا ٿي ويندي جيڪا ان جي وجود مان خوف ۽ اضطراب کي ختم ڪري ڇڏيندي. ۽ هن جي پوري توجه خدا جي ذات ڏانهن هوندي؛ ڇاڪاڻ ته انسان جڏهن به ڪنهن شيءَ کي چاهيندو آهي اهو ان شي جي سونهن ۽ سٺائي جي ڪري چاهيندو آهي. ۽ جڏهن هن اها معرفت پيدا ڪري ڇڏي ته هر نيڪي ۽ ڪمال خدا جي ذات کان آهي ۽ جنهن شخص وٽ جو ڪجھ به آهي کيس خدا عطا ڪيو آهي ته پوءِ هو ڪنهن ٻئي کي دل ڪونه ڏيندو ۽ هر نيڪي ۽ سهڻائي کي خدا منجھ ڏسندو ۽ ان کي ئي عبادت جي لائق سمجھندو؛ ڇاڪاڻ ته جڏهن حقيقي خالق خدا آهي ته پوءِ حقيقي معبود به اهو ئي آهي ۽ ڇو ته خدا کان سواءِ ڪو ٻيو خلقت ۾ ڪو حق ۽ حصو نٿو رکي ته پوءِ اهو عبادت جي لائق به ڪونه ٿيندو. اها ئي حقيقت ۾ عمل ۽ عبادت ۾ توحيد جي معنيٰ آهي(8) اهڙو شخص ڪنهن ٻئي جي ڪري پنهنجي نماز کي ڊگھو نه ڪندو آهي، ايستائين جو هو نه چاهيندو ته ڪو ٻيو شخص ان جي معرفت ۽ عبادت جي درجي کي سمجھي، ڇاڪاڻ ته هو شخص اهو ڄاڻي ٿو ته خدا چاهي ٿو ته بندو فقط ان جو ئي رهي. اهڙي قسم جي خالص توحيد جو عظيم درجو الله سائين جي ڪجھ خاص ٻانهن ۾ پاتو وڃي ٿو . جيئن ته چيو وڃي ٿو ته حضرت ابراهيم خليل الله  ان ڪري خُلّتجي مقام ۽ درجي تي پهتا يعني خليل الله بڻيا جو ڪڏهن به خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي ڏانهن نيازمندي جو هٿ ڪونه وڌايائون (9) ۽ جڏهن حضرت ابراهيم (ع) کي نمرود باھ ۾ وڌو تڏهن جبرائيل، ميڪائيل ۽ هوائن جو رخ موڙيندڙ فرشتي ساڻن ملاقات ڪئي ۽ چيائون ته اسان باھ کي خاموش ڪريون ته حضرت ابراهيم (ع) کين چيو: آءُ نيازمند آهيان پر توهان جو نه ...  (10 ) يعني اهڙي حساس ۽ خطرناڪ موڙ تي به اهو گوارا نه ڪيائون ته پاڻ کي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو محتاج قرار ڏين، پوءِ اهو فرشتو ئي ڇو نه هجي. حضرت ابراهيم (ع) پنهنجو پورو وجود خدا اڳيان تسليم ڪندي فرمائن ٿا: إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضَ (11) مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي انھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي.

۽ پيغمبر اڪرم (ص) به جيڪي سڀني خالص توحيد رکڻ وارن جا سردار آهن، الله سائين جي فرمان مطابق هي جملا سندن مبارڪ زبان تي آڻي رهيا آهن ته : قُلْ إِنَّ صَلاتيوَ نُسُكيوَ مَحْيايَ وَ مَماتيلِلَّهِ رَبِّ الْعالَمينَ(12)

(اي پيغمبر کين) چؤ ته مُنھنجي نماز ۽ منھنجون عبادتون ۽ منھنجو جيئڻ ۽ منھنجو مرڻ (سڀ) جھانن جي پالڻھار الله لاءِ آھي.

انبياء سندن زندگيءَ جي اهڙي ڪردار سان عمل ۾ توحيد جي خالص هجڻ جي معنيٰ سمجھائي رهيا آهن.

حضرت زهرا (س) اهڙي خالص توحيد کي پنهنجي هن خطبي ۾ هن جملي كلمة جعل الإخلاص تأويلها ذريعي ٻڌائڻ چاهن ٿيون ته: توحيد جي باطني معنا ۽ حقيقت اها آهي ته انسان خدا لاءِ خالص ٿئي، اهڙي طرح جو نه رڳو سندس فڪر ۽ عقيدو شرڪ کان پاڪ هجي بلڪه عملي زندگيءَ  ۾ پڻ سندس رفتار ۽ ڪردار خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي لاءِ نه هجي.

جيئن ته هڪ شخص پاڻ سڳورن (ص) کان اهو پڇيو ته : ڇا جنت کي خريد ڪري سگھجي ٿو يا نه؟ پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: ها! جنت وڪامجي ٿي ۽ ان جي قيمت به آهي. ان شخص عرض ڪيو: جنت جي قيمت ڇا آهي؟  پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: لا إله إلّا الله يقولها العبد مخلصاً جيڪو شخص اخلاص سان هي توحيد جو ڪلمو پڙهي. ان شخص وري عرض ڪيو ته: اخلاص مان مراد ڇا آهي؟ پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: اخلاص جو مطلب اهو آهي ته جنهن سان مون کي نبوت ڏئي موڪليو ويو آهي ان تي ايمان آڻيندي عمل ڪرڻ.

هن روايت مان به اها مراد آهي ته جنت جي چاٻي عقيدي ۽ عمل ۾ خالص توحيد جو نظريو قائم ڪرڻ آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو شخص توحيد جي ڪلمي کي پنهنجي زبان تي آڻي پر پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ الله سائين جي حڪمن ۽ قانون تي عمل نه ڪري ته ان جو توحيدي عقيدو اڃان خالص نه ٿيو آهي بلڪه شرڪ جي ان سان ملاوٽ آهي، اهڙو ماڻهو پنهنجي گفتار ۾ توحيدي پر ڪردار ۾ مشرڪ سڏيو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو گناھ ڪندڙ انسان جو رب قرآن جي زبان ۾ سندس نفساني خواهشون آهن. جيئن ته قرآن ۾ ارشاد ٿئي ٿو:]أَفَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَهَهُ هَوَاهُ.[  (13) اي پيغمبر! ڇا تو ڏٺو ان کي جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ (خواهش) کي معبود ڪري ورتو.

هن آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته الله سائين جي نظر ۾ جڏهن انسان پنهنجي نفس جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لڳي ٿو ته الله سائين جي بجاءِ هو ان نفساني خواهشن کي ئي پنهنجو معبود سمجھي ٿو اهڙو شخص توڙي جو خدا جي وحدانيت جو عقيدو رکندو هجي پر هو عمل جي لحاظ کان اڃان توحيدي نه بڻيو آهي، بلڪه ان جي توحيد ۾ شرڪ جي ملاوٽ  آهي؛ ڇاڪاڻ ته پٿر جي ٺهيل بتن جي عبادت ڪرڻ ۽ پنهنجي نفس جي پيروي ڪرڻ ۾ ڪوبه فرق نه آهي، جيئن ته ڪجھ معرفت وارن جو چوڻ آهي: ان اکثف الاوثان الصنم و الطفها الهوي (14) ٿلها بت پٿر جا بت آهن ۽ نازڪ ترين بت نفساني خواهشون آهن. (15) اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ماڻهو عقيدي ۾ ته دين اسلام کي قبول ڪن ٿا ۽ خدا جي وحدانيت جا به قائل آهن پر عملي زندگيءَ ۾ گناھ انجام ڏين ٿا تن جي باري ۾ قرآن فرمائي ٿو(16) :]وما یؤمن أكثرهم بالله إلا وهُمْ مشركون[ (17) ۽ منجھانئن گھڻا الله تي ايمان نه آڻيندا آھن پر اُھي (الله سان) شريڪ بڻائيندڙ آھن.

توحيد جي معرفت جا ٻه درجا

سائڻ زهرا (س) توحيد جي حقيقت کي اخلاص ڄاڻائڻ کان پوءِ هي ٻه جملا ارشاد فرمائن ٿيون: وضمن القلوب موصولها و أنار في الفكر معقولها الله تعاليٰ ڪلمي توحيد جي حقيقت کي انسانن جي دلين ۾ رکيو آهي ۽ ان جي عقلي بيان کي سندس ذهن ۽ فڪر ۾ واضح ۽ روشن ڪيو آهي.

 حضرت زهرا (س) هن ٻن جملن جي ذريعي خدا ۽ ان جي وحدانيت جي معرفت جا ٻه درجا ۽ مرتبه ٻڌائي رهيون آهن: جنهن جي تفصيل هيٺ ذڪر ڪجي ٿي:

1_ شهودي معرفت ۽ توحيدي فطرت

عالم سڳورا علم ۽ معرفت جو ٻه قسمون بيان ڪندي چوندا آهن ته: ڪڏهن انسان ڪنهن شي جو علم ڪنهن شي جي واسطي سان حاصل ڪندو آهي،(18) يعني ڪڏهن انسان ڪنهن شي جو پنهنجي  ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ان شي جي تصوير ذريعي علم حاصل ڪندو آهي ۽ اها ذهني تصوير ان شي جي علم پيدا ڪرڻ ۾ واسطو بڻجندي آهي.(19) اهڙي علم کي علمي اصطلاح ۾ “حصولي علم” چئبو آهي ۽ ڪڏهن وري اهو شخص ڪنهن شي جو بغير ڪنهن واسطي جي علم پيدا ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته ان شي کي پنهنجي وجود ۽ روح منجھ پائيندو آهي. اهڙي معرفت ۽ علم کي “حضوري علم” چوندا آهن. (20)

معرفت جي مٿين ٻن قسمن مان حضوري معرفت کي عظيم درجو ڏنو ويندو آهي جيڪا انسان جي دل ۽ روح سان ڳانڊاپو رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته انسان جو روح ۽ دل ئي آهي جيڪا ڪنهن واسطي ۽ ذهني صورت جي بغير حقيقتن جو مشاهدو ڪندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪا حقيقت دل منجھ رکي وڃي ته دل ان کي ڏسندي ۽ مشاهدو ڪندي معرفت پيدا ڪندي آهي. اهڙي معرفت کي حضوري معرفت ان ڪري چيو ويندو آهي جو انسان ان حقيقت کي پنهنجي اڳيان حاضر پائيندو آهي. حضرت زهرا (س) مٿين ٻن جملن مان پهرين جملي ۾ توحيد جي ان معرفت ڏانهن اشارو ڪندي فرمائن ٿيون ته: وضمن القلوب موصولها؛ خدا ان توحيد جي حقيقت کي دلين منج قرار ڏنو آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئون ته خدا انسان کي فطرتي طور تي توحيدي خلق ڪيو آهي(21)

يعني جيڪڏهن انسان جي دل تي مادي پردا نه اچي ويا هجن ته هي انسان خدا جي وحدانيت کي پنهنجي دل ۽ روحي قدرت سان مشاهدو ڪندوجنهن لاءِ ڪنهن به واسطي ۽ دليل جي ضرورت نه آهي. جيئن ته ڪيتريون ئي روايتون انسان جي ان توحيدي فطرت ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. روايت آهي ته: كُلُّ مَوْلُودٍ يُولَدُ عَلَى الْفِطْرَةِ فَأَبَوَاهُ يُهَوِّدَانِهِ وَ يُنَصِّرَانِهِ وَ يُمَجِّسَانِه (22)

 هر انسان توحيدي فطرت تي پيدا ڪيو ويندو آهي پوءِ ان جا والدين کيس يهودي، نصراني ۽ مجوسي بڻائي ڇڏيندا آهن.

هڪ ٻي روايت ۾ آهي: فطرهم علي التوحيد (23) خدا انسان کي فطرتي طور تي توحيد تي خلق ڪيو آهي.

قرآن ۾ ارشاد آهي: ]فِطْرَةَ اللَّهِ الَّتِي فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْها[ (24) هن آيت جي تفسير ۾ مفسرن لکيو آهي ته: فطرت مان مراد توحيدي فطرت آهي (25)

اتان کان معلوم ٿئي ٿو ته انسان فطرتي طور تي خدا جي معرفت رکي ٿو ۽ ان جي وحدانيت کي به ڄاڻي ٿو. پر انسان جي فطرت جي توحيدي هجڻ جو اهو هرگز مطلب ناهي ته هر شخص سندس فطرت ڏانهن متوجه به هجي بلڪه ممڪن آهي ته عمل ۾ هو پنهنجي ان فطرت کان غافل هجي. جيئن ته ڪيترين ئي آيتن ۾ خدا اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي خدا ۽ ان جي وحدانيت جا منڪر آهن فرمائي ٿو:

]وَلَئِن سَأَلْتَهُم مَّنْ خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَسَخَّرَ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ لَيَقُولُنَّ اللَّهُ[ (26)

۽ تون جيڪڏھن کائن پُڇين ته ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله.

قرآن منجھ اهڙي قسم جا ڪيترائي سوال مشرڪن کان ڪيا ويا آهن جيڪي حقيقت ۾ سندن فطرت کان سوال آهن ۽ انسان ان ڳالھ کي چڱي ريت ڄاڻي ٿو پر غافل آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ان مٿان غفلت جا پردا هٽن ٿا يا وري ڪنهن خطري جو احساس ٿئي ٿو جتي مادي سڀ اسباب پنهنجو زور وڃائي ٿا ويهن، تڏهن هي انسان پنهنجي فطرت جي حقيقي گوهر ڏانهن واپس موٽندي ان هستي کي سچائي ۽ اخلاص سان ياد ڪري ٿو جنهن جي قدرت مٿان ڪا قدرت نه آهي. جيئن ته ارشاد آهي:

]فَإِذا رَكِبُوا فِي الْفُلْكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخْلِصينَ لَهُ الدِّينَ فَلَمَّا نَجَّاهُمْ إِلَى الْبَرِّ إِذا هُمْ يُشْرِكُون[ (27) پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن (تڏھن) رڳو الله کي سندس اعتقاد رکي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين خشڪي ڏانھن پھچائيندو (بچائي) آھي (تڏھن) اُتي جو اُتي شرڪ ڪندا آھن.

اهڙي ئي مطلب جي مشابه هڪ ٻي آيت ۾ ارشاد آهي:

]حَتَّی إذَا کُنْتُم فِی الْفُلکِ وَ جَرینَ بهِم بِرِیحٍ طَیبَةٍ وَفَرِحُوا بِهَا جَاءَ‌تْهَا رِیحٌ عَاصِفٌ وَ جَاءَ‌تْهُم الْمَوْجُ مِنْ کُلِّ مَکَانٍ وَ ظَنُّوا أنَّهُم احِیط بِهِم دَعَوا اللهَ مُخْلِصِینَ لَهُ الدِّینَ لَئنْ أنْجَیتَنَا مِنْ هَذِهِ لَنَکُونَنَّ مِنَ الشَّاکِرینَ[(28)

ايتري تائين جو جڏھن ٻيڙين ۾ ھوندا آھيو، ۽ (اُھي) پاتڻين سميت سڻائن وائن سان ھلنديون آھن ۽ اُنھن سان سرھا ٿيندا آھن ته اوچتو کين اڻائو واءُ پھچندو آھي ۽ کين چوڌاري لھر ايندي آھي ۽ ڀائيندا آھن ته بيشڪ (اُھا) کين ويڙھي ويئي (ته) الله جي عبادت ۾ سچائيءَ وارا ٿي کيس سڏيندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته جيڪڏھن ھن (اوکائي) کان اسان کي بچائين ته ضرور شڪراني ڪندڙن مان ٿينداسون.

هنن آيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته توحيد جو انڪار ڪندڙ مشرڪ جڏهن ڪنهن خطري جو احساس ڪن ٿا تڏهن خالص طور تي توحيدي بڻجي وڃن ٿا، ان مان خبر پوي ٿي ته ڪنهن به خطري ۽ مصيبت جو احساس انسان جي توحيدي فطرت مٿان ايندڙ شرڪ ۽ انڪار جي غبار کي ختم ڪري ان جي توحيدي فطرت کي صاف ۽ اجرو ڪري ٿو ڇڏي ٿو.

پر اهو چوڻ صحيح نه هوندو جو خطري جي احساس کان پوءِ الله سائين جي وحدانيت ڏانهن توجه جو سبب فطرت نه آهي بلڪه خطري جو ڊپ ئي ان جو سبب بڻجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته تاريخ جي شجاع ۽ دلير ماڻهن جهڙوڪ انبياء عليهم السلام وٽ توحيد جو عقيدو پنهنجي اوج تي رهيو آهي، جيئن ته پاڻ سڳورا صه توحيد جي عقيدي جي حفاظت لاءِ ڪافرن اڳيان ڪنهن به قسم جي ڌمڪين ۽ ڊپ جو جرات سان مقابلو ڪيائون، اهڙي طرح حضرت ابراهيم خليل الله توحيد جي حفاظت لاءِ ايتري ڪوشش ڪيائون جو نمرود ۽ ان جي پيروڪارن اهو چيو: ]حَرِّقُوهُ وَانصُرُوا آلِهَتَكُمْ [ هن (ابراهيم) کي ساڙيو ۽ پنهنجي خدائن (بتن) جي مدد ڪريو، اهڙي ريت حضرت شعيب (ع) ۽ ان جي پيروڪارن کي جڏهن چيو ويو ته اسان جي دين کي قبول ڪريو نه ته اسان توهان کي شهر مان نيڪالي ڏينداسين ته حضرت شعيب (ع) انهن جي ڳالھ قبول نه ڪئي، اهڙي طرح ٻين ڪيترن ئي نبين جو ذڪر آهي جن توحيد جي عقيدي جي حفاظت ۾ پنهنجي جان جي پرواھ به نه ڪئي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته الله سائين جي وحدانيت جو عقيدو خوف ۽ ڊپ جي ڪري يا جان کي بچائڻ جي ڪري ڪونه آهي(29)

مٿين آيات ۽ روايات مان اهو چڱيءَ ريت واضح آهي ته الله سائين انسان جي فطرت توحيدي بڻائي آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي دل ۽ فطرت ڏانهن توجه ڪري ته الله سائين جي توحيد جو مشاهدو ڪندي معرفت پيدا ڪندو. هن معرفت جي عظيم درجي رکندڙن جو واضح مثال چوڏهن معصوم عليهم السلام آهن. جيئن ته دعاءِ عرفه ۾ امام حسين (ع) فرمائن ٿا:

أَ يَكُونُ لِغَيْرِكَ مِنَ الظُّهُورِ مَا لَيْسَ لَكَ حَتَّى يَكُونَ هُوَ الْمُظْهِرَ لَك ڇا هن ڪائنات ۾ توکان سواءِ ڪا ٻي واضح ۽ روشن شيءَ آهي جيڪا توکي ظاهر ڪندڙ هجي.

الله تعاليٰ هن قسم جي معرفت جو ننڊڙو ۽ ادنى مرتبو اسان سڀني انسانن کي ڏنو آهي جيڪا اسان جي فطرت ۾ سمايل آهي. يعني انسان فطرتي طور تي توحيدي آهي ۽ پنهنجي دل جي گهرائن ۾ ان جي معرفت رکي ٿو جيئن ته حضرت زهرا (س) جن به فرمايو ته: وضمن القلوب موصولها خدا توحيد جي معرفت کي انسان جي دلين ۾ رکيو آهي. البته سواءِ خدا جي خاص ٻانهن جي اڪثر ڪري اها معرفت، مادي پردن جي هيٺيان ڍڪجي وڃي ٿي.

2_عقلي ۽ فڪري معرفت

الله سائين جي معرفت جو ٻيو درجو عقلي ۽ فڪري معرفت آهي؛ يعني استدلال ۽ دليلن ذريعي ان جي معرفت حاصل ڪرڻ جيڪا مٿي بيان ٿيل معرفت جي ٻن قسمن مان حصولي معرفت آهي. يعني خدا ۽ ان جي وحدانيت کي دليل ۽ برهان جي واسطي سان سڃاڻڻ جو مرحلو.

ڪڏهن اها معرفت ڪجھ اهڙين دليلن ذريعي حاصل ٿيندي آهي جيڪي انسان پنهنجي عقل ۽ فڪر ۾ گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ ايجاد ڪندو آهي، اهڙيون دليلون اسان جي ئي ذهن جي مخلوق سڏبي ۽ اهي الله سائين جي معرفت پهچائڻ کان گھڻو پري آهن. جيئن ته امام باقر (ع) فرمائن ٿا:

كلما ميزتموه بأوهامكم في أدق معانيه مخلوق مصنوع مثلكم مردود إليكم (30) تنهنڪري خدا جي معرفت لاءِ يا ته خود خدا انسان جي دل ۾ سندس معرفت جي نور کي روشن ڪري ته جيئن انسان ان جو مشاهدو ڪري، جنهن جو ذڪر معرفت جي پهرين قسم ۾ گذري ويو ۽ اهو مرحلو دل ۽ روح سان مربوط آهي نه فڪر سان. يا پنهنجي معرفت جي عقلي دليلن کي انسان جي عقل ۽ فڪر ۾ پاڻ ئي روشن ڪري ته جيئن ڪنهن شخص کي اهو بهانو ئي نه رهي ته خدا ۽ ان جي وحدانيت تي مون ڪابه دليل پيدا نه ڪئي. اهو ئي اهو مرحلو آهي جنهن کي بيان ڪندي حضرت زهرا (س) فرمائن ٿيون: أنار في الفكر معقولها خدا انسان جي فڪر ۽ ذهن ۾ توحيد جي حقيقت جي عقلي بيان کي پڻ روشن ۽ واضح قرار ڏنو آهي. معلوم ٿيو ته الله سائين انسان کي پنهنجي توحيد جي ٻنهي قسمن جي معرفت بخشي آهي.

حوالا:

[1] . توحيد صدوق، ج 1 ، باب باب ثواب الموحدين و العارفين، حديث 1 ،

2. شواهد التنزيل، ج1 ،ص 58. عوالم العلوم، ج11، ص 78.

3. بلاغات‌النساء، ص27 و بحارالانوار، ج29 ص220.

4. التوحيد للصدوق، 83. ح3

5. نهج‌البلاغه، خطبه1.

6 . شهيد مطهري،  مجموعه آثار، ج2، ص99 ـ 106

.7 جوداي آملي، تفسير موضوعي توحيد در قرآن، ج2 ، ص 514.

8. جودي آملي، عبد الله ، تفسير موضوعي قرآن، ج2 ص 521.

9. جودي آملي، عبد الله ، تفسير موضوعي قرآن، ج2 ص 554.

10 . حوالو ساڳيو

11. سورت انبياء، آيت 79.

12. انعام، 162. 

13. سورت جاثيه، آيت 23

14 . جوادي آملي، عبد الله ، تفسير موضوعي توحيد در قرآن، ج 2، ص 511.

15. حسيني همداني ، سيد محمد حسين،  انوار درخشان ، ج‏9، ص: 145

16 . يوسف ، آيت 106.

17 . جوادی، عبدالله، شناخت شناسي در قرآن، ص ۶۷.

18.هي ڪتاب ڏسو : جوادی، عبدالله، شناخت شناسی در قرآن، ص ۶۷؛ شرح منظومه، حڪمت، ص ۷۶؛ حڪمة الاشراق، ص ۳۸؛ الاسفار الاربعه، ج ۱، ص ۲۶۳؛ مفاتيح الغيب، ص ۱۰۸؛ نهاية الحڪمة، ص ۲۱۰؛ آموزش فلسفه، ج ۱، ص ۱۵۳؛ نظرية المعرفه، ص ۴۸.

19. قزويني، سيد محمد ڪاظم، حضرت فاطمه از ولادت تا شهادت، مترجم: علي ڪرمي فريدني، ص 464.

20 بحارالانوار، ج58 ص187.  

21. بحارالانوار، ج64 ص44. 

22 . روم، 30. 

23. جوداي آملي عبد الله، تفسير موضوعي توحيد در قرآن، ج 2، ص 132. قزويني، سيد محمد ڪاظم، حضرت فاطمه از ولادت تا شهادت، مترجم: علي ڪرمي فريدني، ص 464 .

24. عنڪبوت/61

25 عنڪبوت/63

26. عنڪبوت، 65. 

27 . سوره يونس آيت 22.

28. جوادي آملي، عبد الله ، تفسير موضوعي توحيد در قرآن ، ج2 ص 134.

29. بحارالانوار، ج66 ص292. 

30 . مصباح يزدي، شرح خطبه فدڪيه

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید