سومر, 16 سيپٽمبر 2019

حضرت بيبي زهرا سلام الله عليها جي زندگيءَ جون سبق آموز آکاڻيون

  • انداز قلم

حضرت بيبي زهرا (س) جي شفاعت

هڪ ڏهاڙي جي ڳالهه آهي ته هڪ عالمِ ربّاني ”مُلا جعفر“ جي نالي هو جنهن زماني ۾ وبا جو مرض ۽ بيماري ڦهلجي وئي هئي،

سيرت معصومين عليهم السلام

ماڻهو وٽس پئسا رکي ويندا هئا ۽ چوندا هئا جيڪڏهن اسان ان وَبا جي مرض ۾ مري  ويا سين ته توهين اسان جي بدران حج ڪري اچجو. پر افسوس سان اهو عالمِ دين ”مُلا جعفر“ پاڻ به انهيءَ مرض ۾ مري ويو؛ هڪڙي ماڻهوءَ ان کي خواب ۾ ڏٺو ته باهه جو لغام ان جي وات تي لڳايو اٿائون، خواب ڏسندڙ شخص تڙپي ڪري ننڊ مان اٿيو ۽ وحشت ۾ پئجي ويو ايستائين جو امام حسين (ع) جي روضي مبارڪ تان ٻانگ جو آواز بلند ٿيو، جلديءَ ۾ امام حسين (ع) سان متوسل ٿيس، سحر جي مِهل امام حسين(ع) جي ضريع ۾ آيس ۽ ضريع کي پڪڙي ڪري ”مُلا جعفر“ جي آزاديءَ لاءِ دُعا گُھري انهيءَ واقعي کي ويهه(20) سال گذري ويا ايستائين جو حج جي اعمال کي انجام ڏيڻ کانپوءِ مدينه رسول صلي الله عليه وآله وسلم، مشرف ٿيس ۽ اوڏي مهل بيمار ٿي پيس ۽ ايترو ته بيمار ٿي پيس جو ان مرضَ ۾ مرڻ ڪنڌيءَ پهچي ويُس، مدينه رسول ۾ مونکي رسول الله (ص) جي زيارت لاءِ حرم کڻي آيا جنهن تابوت ۾ مونکي کڻي پئي  آيا انهيءَ ۾ حضرت بيبي زهرا (س) سان متوسل ٿيس ۽ انهيءَ گھڙيءَ ”مُلا جعفر“ کي ياد ڪري عرض ڪيم ته: مان ويهه سال پهريان تنهنجي ٻچڙي حسين (ع) وٽ ويو هوس ۽ شيخ جعفر جي آزاديءَ جي دُعا گُھري هئي پر مون کي خبر ڪونهي ته شيخ جعفر آزاد ٿيو آهي يا نه؟ حضرت بيبي زهرا (س) سان توسل ڪرڻ وسيلي سڀ کان پهريان اتي تابوت ۾ ئي مون کي شفاء ملي وئي ۽ اُٿي ڪري رسول الله (ص) جي ضريع مبارڪ جي پاڻ زيارت ڪيمِ ان کان پوءِ ”مُلا جعفر“ کي خواب ۾ ڏٺم ته چئي رهيو هئو ويهه سال عذاب ۾ هئس پر ڪالهه رات حضرت بيبي زهرا (س) جي شفاعت ذريعي آزادي ملي آهي. هي عمامو حضرت بيبي زهرا (س) ۽ هي عبا رسول الله (ص) مون کي ڏني آهي.  (1)

هن آکاڻيءَ مان نصيحت ڀريا نڪتا:

ڏکيءَ مهل اهلبيت عليهم السلام کي وسارڻ نه گھرجي خصوصًا حضرت بيبي زهرا (س) کي.

بيبي زهرا (س) سان توسّل ڪرڻ موت جي منهه ۾ وجھندڙ ۽ هلاڪ ڪندڙ مرض کان نجات بخشي ٿو جيئن ان شخص کي نجات ملي ۽ رسول الله (ص)  جي روضي جي پاڻ هرتو زيارت ڪيائين.

مري ويَلَ مومن ڀائرن کي نه وسارڻ گھرجي خاص ڪري عُلماء کي.

مري ويلَن جي حق ۾ دُعا ڪرڻ گھرجي، خدا دُعا ۽ اهلبيت (ع) سان توسل ذريعي انهن کي عذاب کان نجات ڏي ٿو خصوصًا بيبي زهرا (س) سان توسل ڪرڻ ذريعي.

مري ويلَن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جي حق ۾ دُعا ڪرڻ سان نه فقط انهن تي ٿيندڙ عذاب ٽري وڃي ٿو بلڪه انهن کي تحفا به عطا ڪيا وڃن ٿا جيئن شيخ جعفر کي عمامو ۽ عبا عطا ڪئي وئي.

اهلبيت(ع)  جي هن فاني دُنيا مان لاڏاڻي کان پوءِ به انهن جو فيض ۽ فائدو دُنيا وارن کي رَسي ٿو.

بيبي فاطمه زهرا (س) جي عنايت ۽ بيمار کي شفاء ملڻ.

جناب ”شيخ عبد النبي انصاري دارابي“ حوزه علميه قم جو عالم سڳورو آهي  سائين جا عجيب ۽ غريب قصا آهن انهن منجھان هڪڙو قصو هتي نموني جي طور تي سندس لکڻين مان نقل ڪريون ٿا:

شيخ چوي ٿو هڪ سال پورو مَٿَي جي سُور ۽ مٿي کي چڪر اچڻ جي مرض ۾ مبتلا هُيس، شيراز ۾ ٽي ڀيرا، قم ۾ پنج ڀيرا ۽ تهران ۾ به ٽي ڀيرا ڪيترن ئي طبيبن کي ڏيکاري چڪو هُئس ۽ انهن کان ڪافي مقدار ۾ دوائون ورتيون هُئمِ ۽ سُيون هڻايون هيمِ پر انهن سڀني وقتي طور تي فائدو ڏنو پئي ۽ وري بيماري اُٿلي پوي پئي ايستائين جو ڏاڍي سختيءَ سان ۽ بي چينيءَ جي حالت ۾ حضرت آية الله بهجت جي گھر ويُس جيڪي برک عالمن ۽ زماني جي متقين منجھان هئا، نماز جماعت جي صفن ۾ منهجو حال ڏاڍو بُرو هو اهڙي ريت جو دوستن منجھان هڪڙو سمجھي ويو ۽ ان چيو فلاڻا لڳي ائين ٿو ته ڏاڍوناچاڪ آهين؟ چيو مانس هڪ سال آهي جو ائين آهيان ۽ جيتري قدر ڊاڪٽرن ڏانهن ويو آهيان ۽ دوائون استعمال ڪيون آهن ڪوئي فائدو ناهي ٿيو، اهو شخص پاڻ عالم هو چيائين اسان وٽ بهترين ڊاڪٽر آهن انهن ڏيکاريو ۽ انهن جي در کي واجھايو، مان جلديءَ ۾سمجھي ويس پر سائين جن اضافو ڪندي فرمايو ته حضرت بيبي زهرا (س) سان متوسل ٿيو ته توهان کي يقينًا شفا ملي ويندي.

سندس ڳالهه مون تي وڏو اثر ڪيو ۽ ارادو ڪيو ته بيبيءَ سان متوسّل ٿيان، روڊ تي نڪري آيُس انهيءَ پريشانيءَ جي حالت ۾ هڪ ٻئي فاضل سان ملاقات ٿي ان به توسّل جي تاڪيد ڪئي پوءِ حضرت بيبي معصومه (س) جي حرم جي طرف راهي ٿيس زيارت ڪري گھر موٽي آيس ۽ گھر جي هڪ ڪُنڊ ۾ اڪيلائيءَ ۾ حضرت بيبي زهرا (س) کي واسطو بڻائيندي توسّل ڪيم پوءِ گريو ۽ زاري ڪري سمهي پيُمِ  آڌي رات ٿي وئي هئي جو خواب جي عالم ۾ ڏٺم مجلس آهي ۽ ڪجھ ماڻهو سادات منجھان ان ۾ شريڪ آهن انهن مان هڪڙو اُٿي بيٺو ۽ اُنَ مُنهنجي حق ۾ دُعا  ڪئي.

صبح جو ننڊ مان اُٿيسِ مٿي کي هِلايو ڏٺمِ ته مٿي جي سُور جو ۽ مٿي جي ڦرڻ جو ڪوئي اثر ناهي فورًا خوشيءَ ۾ (جنهن کان ڪجھ عرصو محروم هيمِ) دوستن کي ڏٺم انهن سان ملاقات ڪري ڪجھ جي دعوت ڪئي ۽ پنهنجي گھر ۾ مجلس رکي ۽ اهو ارادو ڪيو ته انشاء الله عمر جي پڃاڻِيءَ تائين ماهانه اها مجلس گھر ۾ ڪرائنيدو رهندس ۽ هينئر اٽڪل اٺ مهينا ان قصي کي گذري چڪا آهن الحمد لله منهنجو حال ٺيڪ آهي ۽ منهنجون توفيقون ٻيڻيون ٿي ويون آهن ۽ وڏي شوق ۽ چاهت سان درس ۽ تبليغ ۾ مشغول آهيان.  (2) ( چار رجب 1394 هجري قمري)

ان ڪهاڻيءَ مان حاصل ٿيندڙ سبق:

مادي ڊاڪٽرن کان علاوه معنوي طبيبن ۽ ڊاڪٽرن جي طرف به رجوع ڪرڻ گھرجي جيئن ان بزرگوار سائڻ زهرا (س) سان اڪيلا.پ ۽ تنهائيءَ ۾ راز ۽ نياز ڪري شفاء پرائي. (3)

بيماري ۽ مرض جي حالت ۾ دوستن کان  مفيد مشورا وٺي انهن تي عمل ڪرڻ گھرجي

اهو ياد رهي ته مشڪل مهل ڪي اهڙيون هستيون آهن جن کي ياد ڪري مشڪل حل ڪرائي سگھجي ٿي.

مصيبت ٽري وڃڻ کان پوءِ انهن حلّالِ مشڪلات کي نه وسارڻ گھرجي بلڪه انهن مُحسنن جي ياد کي دل جي گھر ۾ سانڍڻ کان علاوه انهن جي ياد، مادي گھر ۾ پڻ ملهائي وڃي ته جيئن گھر برڪت ڀريو بڻجي ۽ ملائڪن جي نزول جو سبب بڻجي.

علي (ع)، بيبي فاطمه (س) جي رشتي جَي گُھر  ڪيئن ڪئي

هجرت جو ٻيو سال هو تڏهن علي (ع) جي ڄمار پنجويهه سال هئي ۽ حضرت بيبي فاطمه (س)  جي عُمِرِنَوَ سال هئي، علي (ع)  پاڻ اچي پيغمبر اڪرم (ص) کان حضرت بيبي فاطمه (س) جي رشتي ۽ سڱ جي گھر ڪئي. پيغمبر اڪرم (ص) حضرت علي (ع) کي فرمايو: اوهان کان پهريان ڪن ماڻهن فاطمه (س)  جي رشتي جي گُھر ڪئي آهي ۽ مان انهن جي  رشتي جي گھر فاطمه (س)  کي ٻڌائي آهي پر سندس چهري مان سمجھي ويس ته هوءَ انهن کي پسند نٿي ڪري؛ هاڻي اوهان جو پيغام به اُنَ وٽ پهچايان ٿو پوءِ اچي ڪري اوهان کي نتيجو ٻڌايان ٿو.

پيغمبر اڪرم (ص) گھر ۾ داخل ٿيو ۽ عليءَ جي رشتي جي گُھر بيبي فاطمه (س) کي ٻڌائي ڪري فرمايو ته ڌيءَ تنهنجي راءِ ڇا آهي؟

بيبي فاطمه (س) خاموشي اختيار ڪئي ۽ سندس چهرو تبديل نه ٿيو ،پيغمبر اڪرم (ص) سندس چهري مان نارضايتي جي نشاني نه پاتي، پيغمبر اڪرم (ص) اٿي ڪري فرمائين پيا: اللهُ اکبرُ سُکوتُها اقرارُها  الله سڀ شيءِ کان وڏو آهي ان جي خاموشي ان جي رضايت ۽ راضپي جو دليل آهي (4) پاڻ سڳورا حضرت علي (ع) وٽ آيا  ۽ حضرت علي (ع) کي بيبي فاطمه (س) جي راضي هجڻ جي خوشخبري ڏني. (5)

ان قصي مان اهم نڪتن جي پروڙ

خاتون جنت جي سڱ وقت نَوَسال ڄمار هئي ان ڪري  نياڻيءَ جي اٿارڻ ۾ بُلوغ کان پوءِ دير نه ڪجي ته بهتر آهي.

نياڻيءَ جي سڱ جي گُھر تي ناراض نه ٿيڻ گھرجي.

نياڻيءَ جي سڱ ۽ رشتي جي جڏهن ڪوئي گُھر ڪري ته نياڻيءَ کي ٻڌائڻ گھرجي ۽ ان جي رضايت معلوم ڪرڻ گھرجي جيئن نبي ڪريم (ص) حضرت بيبي فاطمه (س) کان سندس رشتن اچڻ تي رضايت معلوم ڪندا رهيا، ڇوڪريءَ جي رضايت ان ڪري معلوم ڪرڻ ضروري آهي جو ان کي ئي ساري زندگي پنهنجي شوهر سان گڏ گذارڻي آهي.

جيڪڏهن ڪنهن رشتي تي ڇوڪري راضي ناهي ته زوريءَ ان کي مڃرائڻ نه گھرجي جيئن نبي ڪريم (ص) بيبي فاطمه (س) جي راضي نه هجڻ ڪري سندس ڪيترائي رشتا موٽائي ڇڏيا.

حضرت علي (ع) ۽ بيبي فاطمه (س) جي ايثار جي بلندي

هڪ فقير پيغمبر اڪرم (ص) وٽ آيو ۽ چيائين ته مان بُکايل آهيان مون کي ماني گھرجي   پيغمبر اڪرم (ص) ان کي پنهنجي گھر جي طرف موڪليو پر گھر ۾ ڪائي اهڙي شيءِ نه هئي جو ان فقير کي ڏين، پيغمبر اڪرم (ص) پنهنجي صحابين جي هڪ گروهه کي فرمايو: اڄ رات ڪير هن ضرورتمند ماڻهوءَ کي پنهنجو مهمان بڻائيندو؟ هڪ شخص چيو: مان ان کي پنهنجو مهمان بڻائيندس  اهو شخص ان فقير کي پنهنجي گھر وٺي ويو، ۽ ان شخص جي گھر ۾ سندس نياڻيءَ جي کاڌي کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو ڪونه هو، ميزبان اهو کاڌو مهمان جي آڏو رکيو ۽ ڏيئو بند ڪري ڇڏيائين ۽ ان شخص جي گھر واري پنهنجي نياڻيءَ کي بُک تي ئي وندرائي سمهاري ڇڏيو ۽ ميزبان ۽ سندس زال اونڌهائيءَ ۾ چاٻا ڏئي رهيا هئا ته جيئن مهمان سمجھي ته اهي به کاڌو کائي رهيا آهن انَ مهمان کاڌو کائي ڊئو ڪيو. ۽ ان رات پيءُ، ڌيءَ، ۽ ماءُ بُک تي ئي آرامي ٿيا. جڏهن صبح ٿيو ته رسول الله (ص) وٽ آيا، پاڻ سڳورن (ص) جيئن ئي انهن کي ڏٺو ته مُسڪرايائون ۽ ان وقت اها آيت (سورت حشر جي آيت 9) جيڪا ڪجھ مومنن جي ايثار جي باري ۾ آئي آهي تلاوت ڪئي ۽ انهن کي ان آيت جو مصداق ڄاڻايو. علامه طبرسي چوي ٿو: اسان جي روايت موجب، صحيح سند مطابق اهو شخص ۽ ان جي گھر واري حضرت علي (ع) ۽ بيبي فاطمه (س) هئا. جن بکايل مهمان کي پاڻ ۽ پنهنجي نياڻيءَ تي مقدّم ڪيو(6)

نصيحت ڀريا نڪتا:

پاڻ بکيو رهي ٻين کي کارائڻ اهلبيت (ع) جي سيرت آهي اسان کي به ان تي عمل ڪرڻ گھرجي.

اسلامي امت کي ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو ڏيارڻ.

سوالي ۽ حاجتمند کي خالي نه موٽائڻ ۽ ان جي حاجت پوري ڪرڻ.

پاڻ وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ نه هجڻ جي با وجود مهمان کي اهو محسوس نه ڪرائڻ ته اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ ڪونهي.

پيغمبر اڪرم (ص) جي فاطمه (س) سان شديد محبت

پيغمبر اڪرم (ص) پنهنجي نياڻي حضرت فاطمه (س) سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا، ان جي جسم اطهر مان جنتي خوشبو سُنگھندا هئا ۽ ساڻس کيس بوسا ڏيندا هئا، هڪڙي ڏهاڙي بيبي عائشه (پيغمبر جي گھروارين منجھان هڪ گھرواري) عرض ڪيو: آئون ڏسي رهي آهيان ته توهان فاطمه (س) سان ڏاڍو محبت جو اظهار ڪريو ٿا؟

پاڻ سڳورن (ص) جواب ۾ فرمايو: جي ها، جڏهن جبرائيل (ع) مون کي آسمانن جي طرف سيرُ ڪرائيندي، بهشت ۾ داخل ڪيو ۽ ”طوبيٰ“ نالي وڻ وٽ مون کي وٺي ويو ۽ ان وڻ جو صُوف مون کي ڏنائين اهو صوف مون کاڌو ۽ جڏهن زمين جي طرف موٽي آيس ته بيبي خديجه مان فاطمه جي نور جنم ورتو. مون کي جڏهن به جنت جو شوق ٿئي ٿو ته فاطمه (س) کي بوسو ڏيان ٿو ۽ فاطمه (س) جي پاڪ جسم اطهر مان جنت جي خوشبو حس ڪريان ٿو ۽ طوبيٰ وڻ جي خوشبو پڻ سندس وجود مان محسوس ڪريان ٿو، هوءَ آسماني مخلوق آهي(7)

نصيحت ڀريا نڪتا:

پيغمبر اڪرم (ص) جي بيبي فاطمه (س) سان شديد محبت ظاهر ٿئي ٿي.

پيغمبر اڪرم (ص) جو بيبي فاطمه (س) سان محبت جو اظهار ڪرڻ ايتري تائين جو بيبي عائشه کان رهيو نه ويو ۽ پڇيائين ته يا رسول الله (ص) ڇو فاطمه (س) سان محبت جو ايڏو اظهار ڪريو ٿا؟

ان جي باوجود اُمتَ فاطمه (س) سان ڪهڙو سُلوڪ ڪيو قابل غور ڳالهه آهي.

فاطمه جي وُجود ۾ جنتي طوبيٰ وڻ جي خوشبو سمايل آهي بلڪه فاطمه (س) جو پورو وجود سراپا بهشتي خوشبو ۽ سُڳنڌ آهي.

خاتون جنت بيبي فاطمه (س) بلند مرتبي واري خاتون آهي.

بيبي فاطمه (س) جو حياءُ ۽ حجاب

امير المومنين حضرت علي (ع) فرمائين ٿا: هڪڙي ڏينهن هڪ نابيني ماڻهوءَ اجازت ورتي  ۽ گھر آيو، بيبي فاطمه (س) پنهنجو پردو ڪيو ۽ پاڻ کي ڍڪيو (حجاب اندر ڍڪجي ويون) پاڻ سڳورا (ص) پڻ موجود هئا پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: اي فاطمه اهو ته نابينو آهي ۽ توهان کي نٿو ڏسي. بيبي فاطمه (س) جواب ۾ عرض ڪيو:

جيڪڏهن هو نٿو ڏسي ته آئون ته ڏسان ٿي، ۽ اهو خوشبو محسوس ڪري سگھي ٿو. پيغمبر اڪرم (ص) بيبي فاطمه (س) جي جواب کان خوش ٿيا ۽ فرمايو: اشهدُ انّکِ بضغة مني مان گواهي ڏيان ٿو ته تون منهنجي جسم جو حصو آهين. (8)

ان قصي مان سبق پرائڻ جوڳا نڪتا

انڌي کان پڻ پردو ڪرڻ گھرجي، سڄي کان ته اُتم درجي سان پردو ڪرڻ گھرجي.

جيڪڏهن انڌي جي نظر عورت جي جسم تي نٿي پوي ته عورت جي نظر ته ان جي جسم تي پوي ٿي تنهن ڪري احتياط جي تقاضا اها آهي ته ان کان پردو ڪجي، جيئن بيبي زهرا (س) نابيني کي اندر ايندو ڏسي پاڻ کي پردي ۽ حجاب ۾ اوڙهي ڇڏيو.

عورت کي اجنبي مرد کان حياءُ ڪندي پردو اختيار ڪرڻ گھرجي ۽ مرد کي پڻ اوپري عورت کان پرهيز ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي جسم تي ان نگاهه وجھڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي جنهن کان شريعت روڪيو آهي.

بيبي فاطمه (س) جي نظر ۾ ڪنهن جي هدايت ۽ راهنمائي ڪرڻ جي اهميت

حضرت علي (ع) کان نقل ٿيو آهي ته هڪڙي ڏينهن هڪ عورت بيبي فاطمه (س) وٽ آئي ۽ عرض ڪيو ته مون کي هڪ ٻڍڙي ماءُ آهي جيڪا نماز جي باري ۾ مسئلا نٿي ڄاڻي، مون کي توهان وٽ موڪليواٿس ته جيئن توهان کان مسئلا پڇان اِها عورت سوال مٿي سوال ڪندي ويئي ايستائين جو ڏهه مسئلا ٿي ويا، اها عورت گھڻن سوالن جي ڪري شرمسار ٿي  ۽ عرض ڪيو: اي رسول جي نياڻي ان کان وڌيڪ اوهان کي زحمت نه ڏسندس.

حضرت بيبي فاطمه (س) فرمايو: جيڪو ڪجھ نٿي ڄاڻين اهو پُڇا ڪر، ڇا ڪوئي اهڙو ماڻهو سُجھئي ٿو جنهن کي لک مثقال سون جي بدلي ۾ اجير( مزدور) ڪيو ويو هجي ۽ هڪ ڏينهن اندر هڪ ڳورو وزن زمين کان ڇت تائين کڻي وڃي ۽ ٿڪاوٽ جو اظهار ڪري؟”.

ان عورت وراڻيو: نه.

بيبي فاطمه زهرا (س) فرمايو: مان پڻ اجير بڻي آهيان ته هر مسئلي جي مقابلي ۾ جنهن جو توکي جواب ڏيان ان جو اجر وٺان اهڙو جو جيڪڏهن زمين کان وٺي عرش تائين مُرواريد سان پُر ڪن، تڏهن به اهو اجر وڌيڪ آهي، ان لحاظ سان مان ان مزدور کان وڌيڪ لياقت رکان ٿي جو ٿڪاوٽ جو اظهار نه ڪريان، مان پنهنجي والد گراميءَ کان ٻڌو آهي ته فرمايائون:  اسان جا شيعاعالم جڏهن قيامت ۾ محشور ٿيندا، انهن کي سندن علم جي مقدار جيترو ۽ اُنَ ڪوشش جي مقدار جيترو جيڪا ماڻهن جي هدايت لاءِ ڪئي اٿائون تحفو ۽ انعام ڏنوويندو.... .(9)

سبق آموز نڪتا

ديني مسئلن ۾ ٻين جي راهنمائي ڪرڻ گھرجي ۽ ڪاوڙ ۽ ٿڪاوٽ محسوس نه ڪجي.

ديني مسئلن جي پڇا ڪرڻ ۾ شرم ۽ عيب محسوس نه ڪرڻ کپي.

ديني مسئلا ٻڌائيندڙ ۽ ماڻهن جي مسئلن ۾ راهنمائي ڪندڙ به هڪڙي قسم جو اجير ۽ مزدور آهي جنهن کي تمام گھڻو اجر عطا ڪيو وڃي ٿو.

شيعا عالم جيتري قدر معاشري ۾ ماڻهن جي راهنمائي ڪندا ۽ انهن جي دين خاطر خدمت ڪندا ته پنهنجي ڪوشش مطابق قيامت ۾ اجر حاصل ڪندا.

بيبي فاطمه زهرا (س) جي ٻانهيءَ جو مقام

امِّ ايمن صدر اسلام جي وڏي مانَ ۽ مرتبي وارين عورتن منجھان آهي جيڪا هميشه نبوّت جي گھراڻي جي خدمت م رهي آهي ، بيبي فاطمه (س) جي لاڏاڻي کانپوءِ امّ ايمن ايتري قدر بي چين هئي جو مديني ۾ وڌيڪ رهڻ جي سهپ ۽ سڪت نه رهيس ان ڪري مڪي رواني ٿي وئي. واٽ ۾ ”جحفه“ جي رڻ پٽ ۾ اڃَ اُنَ تي غلبو ڪيو ۽  وٽس پاڻي به ڪونه هيو ۽ ايتري اُڃاري ٿي وئي جو مرڻ ڪنڌيءَ تي پهچي وئي. انهيءَ گھڙيءَ خدا جي طرف متوجھ ٿي ۽ سندس اکيون نيرن سان ڀرجي آيون ۽ عرض ڪيو: يَا رَبِّ ﺃتُعۡطِشُنِي وَ اَنَا خَادِمة بِنتِ نَبِيِّکَ اي پالڻهار ڇا مون کي اُڃو ڇڏي ڏيندين جڏهن ته مان تنهنجي نبيءَ جي نياڻيءَ فاطمه (س) جي ڪنيز ۽ خادمه آهيان ان دُعا کانپوءِ آسمان مان هڪ جنتي پاڻي سان ڀريل ڏول نازل ٿيو، بيبي امّ ايمن اهو پاڻي پيتو جنهن جي پيئڻ جي ڪري ستن سالن تائين بيبي امّ ايمن کي اُڃَ ۽ بک نه لڳي.(10)

سکڻ جهڙيون ڳالهيون

بيبي زهرا (س) جي ڪنيز جو مقام بلند آهي، اسان کي ان مان سبق پرائڻ گھرجي ۽ بيبي زهرا (س) جي غلامي ڪندي سندس ڏسيل راهه جو راهي بڻجڻ گھرجي.

بيبي فاطمه (س) جي ڪنيزيءَ ۾ دعائون قبول ٿين ٿيون.

بيبي فاطمه (س) جي ڪنيزيءَ ۾ جنت مان شيون گُھرائي سگھجن ٿيون.

سُهڻو ۽ سيبتو تابوت

اسماء بنت عميس چوي ٿي: بيبي فاطمه (س) جَي عمر جي آخري گھڙين وقت سائڻ وٽ هُيس بيبي مون کي فرمايو: اهي تابوت مون کي پسند ناهن ڇاڪاڻ ته اهي تابوت ڀلي نموني جسم کي نٿا ڍڪين، مون عرض ڪيو جڏهن حبش جي طرف هجرت ڪيمِ ته اهڙا تابوت ڏٺا هئا جيڪي جسم کي سهڻي ۽ سيبتي نموني ڍڪين پيا بيبي خاتون جنّت فورًا کجيءَ جون ڪجھ ڪاٺيون گھرايون ۽ مان انهن مان هڪ سُهڻو ۽ سيبتو تابوت ٺاهيو، بيبي فاطمه (س) خوش ٿي ويون ۽ فرمايائون: مَا اَحۡسَنَ هٰذَا وَاَجۡمَلَه لَا تُعۡرَفُ بِه الۡمَرۡئَةُ مِنَ الرَّجُلِ

ڪيڏو ته هي تابوت ڀلو ۽ سهڻو آهي، جنهن مان مرد ۽ عورت جو جسم سُڄاڻي نٿو سگھجي (11)

حوالا:

1_ آية الله سيد عبد الحسين دستغيب، داستانهاي اخلاقي و قرآني، ج4، صفحو 22.

2_ آية الله سيد عبد الحسين دستغيب، داستانهاي شگفت، صفحو 279_280.

3_ توسّل جي صحيح هجڻ جي باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون آهن پر اسين هتي صرف حضرت آدم عليه السلام جو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان توسّل ڪرڻ جو ذڪر ڪريون ٿا عمر بن خطاب نقل ڪري ٿو: پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: جڏهن آدم عليه السلام کان خطا ٿي، خدا جي بارگاهه ۾ دُعا گھريائين ته ”رَبِّيۡ اَسئَلُکَ بِحقَّ مُحَمَّد لما غَفرتَ لِيۡ“ اي منهنجا پالڻهار توکان سوال ٿو ڪريا محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي واسطي، مونکي معاف فرماءِ. (دُرِّ منثور،ج1، ص142.

4_ بحواله وسائل شيعه، ج، 14، ص207.

5 _محمد محمدي اشتهاردي، داستان دوستان، ج4 ،صفحو 274.

6_ محمد محمدي اشتهاردي، داستانهاي صاحبدلان،ج2، صفحو 103۽104.

7 _محمد محمدي اشتهاردي، داستانهاي صاحبدلان،ج1، صفحو 28.

8_ محمد محمدي اشتهاردي، داستانهاي صاحبدلان،ج1، صفحو29.

9_محمد محمدي اشتهاردي، داستانهاي صاحبدلان،ج1،صفحو29_30.

10 _محمد محمدي اشتهاردي، داستانهاي صاحبدلان،ج1، صفحو36_ 37.

11 _ساڳيو، ج1، صفحو36.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید