اڱارو, 23 جولاءِ 2019

امام حسن مجتبي عليه السلام جي نوراني زندگي

  • انداز قلم

 

منتهي الآمال جي روايت مطابق مشهور اهو آهي ته امام حسن عليه السلام جي ولادت 15 رمضان جي ڀلاري رات (اڱارو جي رات) هجرت جي ٽئين سال مديني منورهه ۾ واقع ٿي.

سيرت معصومين عليهم السلام

پاڻ پهريان فرزند هئا جن اچي ڪري مولا علي عليه السلام ۽ سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي گهر جي رونق وڌائي. ڪوثر جو پهريون مظهر ۽ نشاني جنهن سائڻ زهرا جي پاڪ دامن ۾ ولادت پاتي امام حسن عليه السلام آهي اهو موتي جيڪو نبوت ۽ امامت جي ٻن سمنڊن جي ميلاپ مان ظاهر ٿيو ۽ مرج البحرین یلتقیان، بینهما برزخ لا یبغیان، یخرج منهما اللؤلوء والمرجان جي عظيم معجزي کي حقيقت جو روپ ڏنو. ۽ اهڙي ريت خدا جو ڪلام وجودي ڪلمي ۾ ظاهر ٿيو.

 

سندس ولادت کان پوءِ بغير ڪنهن وقفي جي رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کيس کنيو ۽ سندس ساڄي ڪن ۾ آذان ۽ کاٻي ڪن ۾ اقامت چئي. پوءِ سندن لاءِ ٻڪري قرباني ڪئي. سندس مٿي جي جهنڊ لاٿي ۽ وارن جي وزن برابر چاندي فقيرن ۾ ورهائي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم حڪم ڏنو ته سندس مٿي کي عطر سان معطر ڪيو وڃي ۽ اهڙي ريت ان ڏينهن کان عقيقو ڪرڻ ۽ سر جي وارن جي وزن برابر صدقو ڏيڻ سنت بڻيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم ان نومولود جو نالو حسن رکيو جيڪو ان کان پهريان ڪنهن جو نالو نه هئو ۽ کيس ابو محمد جي ڪنيت سان نوازيو.

 

 ابن بابويه معتبر سندن سانڙ حضرت امام زين العابدين عليه السلام کان روايت ڪئي آهي ته جڏهن امام حسن عليه السلام پيدا ٿيا، سائڻ فاطمه سلام الله عليها حضرت علي عليه السلام کي چيو: ان جو نالو رکو. مولا فرمايو نالو رکڻ ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم تي اڳڀرائي نه ڪندس... حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن فرمايو: آءُ به پنهنجي پالڻهار تي سبقت نه ڪندس. پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم تي جبرائيل نازل ٿيو ۽ کين مبارڪ ڏني ۽ ان وقت فرمايو: الله سائين فرمايو آهي ته هن مولود تي حضرت هارون عليه السلام جي پٽ وارو نالو رکو. (ان ڪري جو حضرت علي عليه السلام جي رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سان اها ساڳئي نسبت آهي جيڪا هارون عليه السلام جي موسي عليه السلام سان هئي) حضرت پڇيو: ان جو نالو ڇا هئو؟ جبرائيل چيو: شبر. رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: منهنجي زبان عربي آهي. جبرائيل چيو: سندس نالو حسن رک.

 

امام جا لقب

 

سندس لقب: سبط، سيد، زڪي ۽ مجتبى آهن جن مان مجتبى سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي.

 

امام حسن عليه السلام پنهنجي بابا جي شهادت کان پوءِ خدا جي حڪم ۽ پنهنجي بابا جي وصيت مطابق امامت جي اعلي مقام تي فائز ٿيا ۽ ظاهري طور خلافت جو منصب به ماڻيو ۽ لڳ ڀڳ ڇهه مهينا مسلمانن جي امور جي واڳ سنڀاليائون.

 

امام حسن عليه السلام چهري جي بناوٽ، اخلاق ۽ عظمت ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن سان گهڻي هڪجهڙائي رکندا هئا.

 

ننڍپڻو

 

پاڻ ست سال ۽ ڪجهه مهينا پنهنجي نانا جو زمانو ڏٺائون ۽ سندن محبت ڀري جهولي ۾ رهيا ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي رحلت کان پوءِ جنهن جو سائڻ زهرا سلام الله عليها جي شهادت کان ٻه يا ٽن مهينن کان وڌيڪ جو فاصلو نه هئو. پنهنجي بابي جي تربيت ۾ آيا.

 

پاڻ ننڍپڻ کان ئي حد کان وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار هئا. پنهنجي قوي حافظي جي ڪري پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم تي نازل ٿيندڙ آيتن کي ٻڌندي ئي حفظ ڪري ڇڏيندا هئا ۽ جيئن ئي گهر ايندا هئا پنهنجي امڙ کي پڙهي ٻڌائيندا هئا ۽ سائڻ سلام الله عليها وري اهي آيتون حضرت علي عليه السلام کي پڙهي ٻڌائيندي هئي ۽ مولا علي عليه السلام اچرج ۾ اچي کانئس سوال ڪندا هئا؟ اوهان اهي آيتون ڪيئن ٻڌيونڙ ته سائڻ سلام الله عليها فرمائيندي هئي حسن عليه السلام کان ٻڌيون اٿم.

 

ان بابت هڪ قصي ڏانهن توجهه ڪريو:

 

هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام لڪي ڪري اهو انتظار ڪرڻ لڳو ته ڏسان حسن عليه السلام ڪهڙي نموني پنهنجي امڙ کي آيتون ٿو ٻڌائي. امام حسن عليه السلام گهر آيا ۽ چاهيائون ته امڙ کي آيتون تلاوت ڪري ٻڌائن ليڪن زبان ۾ هٻڪ اچي وين ۽ ڳالهائي نه سگهيا ۽ جيئن ئي سائڻ سلام الله عليها کانئن سبب پڇيو وراڻيائون ته: امڙ ڀانيان ٿو ته ڪا وڏي شخصيت گهر ۾ موجود آهي جنهن جي عظمت مون کي ڳالهائڻ کان روڪي رکيو آهي.

 

درس اخلاق

 

امام حسن عليه السلام چاهيو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي سهڻي اخلاق بابت ڪو نڪتو بيان ڪن ته پاڻ فرمايائون: جيڪو به ماڻهو پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم وٽ ڪا حاجت کڻي ويندو هئو ان جي حاجت رد نه ٿيندي هئي ۽ جيڪو به پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي وس ۾ هئو ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ صرف ڪندا هئا ۽ ٻڌو اٿم ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: جيڪو به صبح جي نماز پڙهندو. اها نماز ان شخص ۽ دوزخ جي وچ ۾ دوري ايجاد ڪندي.

 

امام حسن عليه السلام رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي نظر ۾

 

پاڻ سڳورا صلي الله عليه و آله وسلم ماڻهن اڳيان امام حسن عليه السلام جي فضائل جي تبليغ ڪندا هئا ۽ هر هنڌ سندس نبوت سان تعلق ۽ ساڻس حقيقي رابطي کي بيان ڪندا هئا. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي زباني امام حسن عليه السلام جون فضيلتون هنڙ ريت بيان ٿيون آهن:

 

1_ جيڪو چاهي ٿو جنت جي جوانن جي سردار جي زيارت ڪري اهو حسن ڏانهن نهاري. حسن اهو خوشبودار گل آهي جنهن جي مون دنيا مان چونڊ ڪئي آهي.

 

2_ هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم منبر تي ويا ۽ امام حسن عليه السلام کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائون ۽ هڪ نظر ماڻهن ڏانهن ڪيائون ۽ پوءِ امام حسن عليه السلام ڏانهن نهاريائون ۽ فرمايائون: هي منهنجو پٽ آهي ۽ الله ارادو ڪيو آهي ته هن جي بابرڪت وجود ذريعي ماڻهن جي درميان صلح ڪرائي.

 

3_ هڪ صحابي چئي ٿو: پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم کي ڏٺم ته امام حسن عليه السلام کي ڪلهن تي سوار ڪري فرمائي رهيا هئا: يا الله! مان حسن سان محبت ڪريان ٿو تون به حسن سان محبت ڪر.

 

امام حسن عليه السلام جون سهڻيون عادتون ۽ اعلي اخلاق

 

انساني ڪمالات ۾ امام حسن عليه السلام پنهنجي بابا جي يادگار ۽ پنهنجي نانا جي مڪمل تصوير هئا. امام حسن عليه السلام وڏي شرافت ۽ عظمت جا مالڪ هئا. وڏا حليم ۽ سڀ کان وڌيڪ معاف ڪرڻ وارا هئا. سندن سخاوت ۽ ڪرامت جو اهو عالم هو جو ڪريم اهل بيت عليهم السلام جو لقب ماڻيائيون. پنهنجي پوري با برڪت زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا پنهنجو پورو مال ۽ ڌن خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيائون ۽ ٽي ڀيرا پنهنجي پوري مال جا ٻه حصا ڪيائون اڌ پنهنجي لاءِ رکيائون ۽ اڌ خدا جي راهه ۾ مسڪينن ۽ فقيرن ۾ ونڊيائون

 

شيخ صدوق، امام صادق عليه السلام کان روايت ڪئي آهي ته امام عليه السلام فرمايو:ڙ منهنجي بابا پنهنجي بابا کان خبر ڏني ته حضرت امام حسن عليه السلام پنهنجي زماني ۾عبادت ۽ زهد ۾سڀني کان اڳتي هئا ۽ سڀني کان افضل هئا. جڏهن به موت، قبر، بعد ۾ اٿڻ ۽ پل صراط تان گذرڻ کي ياد ڪندا هئا روئندا هئا. جڏهن نماز لاءِ بيهندا هئا سندس بدن جا حصا ڏڪندا هئا ان ڪري جو پاڻ کي پالڻهار جي سامهون ڀانئيندا هئا... ڪڏهن به ڪنهن شخص ساڻن ملاقات نه ڪئي سواءِ ان جي جو ڏٺائين ته پاڻ خدا جي ذڪر ۾ مصروف آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ سچار آهن ۽ سندن بيان سڀني کان وڌيڪ فصيح آهي.

 

امام عليه السلام جي سيرت مان ڪجهه حڪايتون

 

هڪ ماڻهو امام حسن عليه السلام لاءِ تحفو آندو هئو. امام کيس فرمايو: تو کي تحفي جي بدلي ڇا ڏيان. تهنجي تحفي کان ويهه حصا وڌيڪ يعني ويهه هزار درهم تو کي عطا ڪيان يا تو لاءِ علم جو هڪ باب کوليان، جنهن جي ذريعي فلاڻي ناصبي ۽ اسان جي دشمن تي غلبو پيدا ڪرين ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ڪمزور عقيدي وارن مسلمانن کي ان شخص کان ڇوٽڪارو ڏيارين؟ اگر انهن ٻنهي مان بهتر جي چونڊ ڪيئي ته مان به تو کي ٻئي انعام عطا ڪندس. ۽ اگر چونڊ ۾ غلطي ڪيئي ته پوءِ تو کي ٻنهي مان هڪ انعام وٺڻ جي اجازت آهي. هن شخص عرض ڪيو: جيڪڏهن ناصبي تي غالب اچي ضعيف ماڻهن جي هدايت ڪري انهن کي ناصبي کان پري ڪريان ته ڇا مون کي ويهه هزار درهم جيترو ثواب ملندو؟ امام فرمايو: اهو ثواب  پوري دنيا کان ويهه هزار ڀيرا بهتر آهي. ان شخص عرض ڪيو: ان صورت ۾ ڇو گهٽ ثواب واري شئي کي اختيار ڪندس؟ ان ڪري علم جي باب جي چونڊ ڪريان ٿو. امام عليه السلام فرمايو: ڀلي چونڊ ڪئي اٿئي. پوءِ امام عليه السلام جنهن علم جي باب جو ساڻس واعدو ڪيو هو کيس ان جي تعليم ڏني. ۽ کيس ويهه هزار درهم وڌائي ڏنا. هو امام عليه السلام کان اجازت وٺي روانو ٿيو. ڳوٺ وڃي ان ناصبي سان مناظرو ڪيائين ۽ کيس شڪست ڏنائين. اها خبر امام عليه السلام تائين پهتي. ۽ اهو شخص اتفاق سان هڪ ڀيرو وري امام عليه السلام جي خدمت ۾ شرفياب ٿيو. امام عليه السلام  کيس فرمايو: ڪنهن به تو جيترو فائدو حاصل نه ڪيو. دوستن مان ڪنهن به تو وانگر سرمايو هٿ نه ڪيو. ان لاءِ  جو هڪ ته تو خدا جي دوستي ۽ محبت حاصل ڪئي. ٻئي نمبر تي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ حضرت علي عليه السلام جي دوستي ۽ محبت، ٽئين نمبر تي ائمه معصومين عليهم السلام جي دوستي، چوٿين نمبر تي ملائڪن جي دوستي پنجين نمبر تي مومن ڀائرن جي دوستي ۽ محبت حاصل ڪيئي. ۽ تو کي هر مومن ۽ ڪافر جي تعداد جيترو دنيا کان هزار ڀيرا ڀلو اجر عطا ٿيو. تو کي مبارڪ هجي.

 

هڪ ڏينهن امام عليه السلام سوار هئا ۽ اهل شام منجهان هڪ ماڻهو امام عليه السلام جي آڏو آيو ۽ لڳاتار امام عليه السام کي برو ڀلو ڳالهائي رهيو هو ۽ گاريون ڏيئي رهيو هئو. امام عليه السلام ڪجهه به نه ڪڇيو ايستائين جو اهو ناصبي شامي ٿڪجي پيو ۽ گاريون ڏيڻ بند ڪيائين. ان وقت امام عليه السلام ان ناصبي ڏانهن منهن ڪري سلام ورايو ۽ مسڪرائي فرمايو: ڀانيان ٿو ته پرديسي آهين ۽ ڀليل آهين، اگر اسان کان معذرت طلب ڪندين، تو کي بخشي ڇڏيندا سين، اگر اسان کان ڪجهه گهرندين تو کي عطا ڪندا سين، اگر اسان کان هدايت گهرندين تنهنجي هدايت ڪندا سين. اگر بکايل آهين تو کي کاڌو کارائيندا سين. اگر لباس جي ضرورت اٿئي. تو کي ڪپڙا پارائيندا سين، اگر محتاج آهين تو کي بي نياز ڪندا سين. اگر ڌڪاريل آهين تو کي پناهه ڏيندا سين. اگر تنهنجي ڪا حاجت آهي اها حاجت پوري ڪندا سين. اگر پنهنجو سامان اسان جي گهر اچي رکين ۽ واپس وڃڻ تائين اسان جو مهمان هجين ته تنهنجي لاءِ تمام ڀلو آهي ان ڪري جو اسان جو گهر ڪشادو ۽ سڀني سهولتن سان مالا مال آهي. جيئن ئي شامي شخص امام عليه السلام جي اها گفتگو ٻڌي، روئڻ لڳو ۽ چيائين: آءُ شاهدي ٿو ڏيان ته زمين تي خدا جا چونڊيل خليفا اوهان آهيو ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته خلافت ۽ رسالت ڪنهن کي عطا ڪري. اوهان ي ملاقات کان پهريان اوهان ۽ اوهان جو بابو مخلوق منجهه منهنجا وڏي کان وڏا دشمن هيؤ ۽ هاڻي مخلوق مان سڀ کان وڌيڪ محبوب آهيو. ان کان پوءِ پنهنجو سامان امام عليه السلام جي گهر کڻي آيو ۽ جيترو وقت مديني ۾ هئو امام عليه السلام جو مهمان رهيو ۽ اهل بيت عليهم السلام جو محب ۽ معتقد بڻجي ويو.

 

ميمون بن مهران چيو: امام حسن عليه السلام وٽ ويٺو هئس جو هڪ ماڻهو آيو ۽ چيائين: اي فرزند پيغمبر فلاڻي ماڻهو جو قرضي آهيان ۽ مون وٽ پئسا نه آهن تنهن ڪري هو مون کي جيل موڪلڻ ٿو چاهي. امام عليه السلام فرمايو: هن مهل مون وٽ پئسا نه آهن جو تنهنجو قرض ادا ڪيان، هن شخص عرض ڪيو: بس توهان ڪجهه ڪريو جو مون کي جيل نه موڪلي. امام عليه السلام ان حال ۾ جو مسجد ۾ اعتڪاف ۾ مشغول هئا، ٻاهر نڪتا چپل پاتائون ته مون کيس چيو: اي فرزند رسول ڇا اوهان کان وسري ويو آهي ته اوهين اعتڪاف جي حالت ۾ آهيو (۽ اوهان کي مسجد کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي) امام عليه السلام جواب ڏنو: وساريو نه اٿم ليڪن بابا سائين کان ٻڌو اٿم ته رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم فرمائيندا هئا: جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي حاجت روائي لاءِ ڪوشش ڪري اهو ان شخص جهڙو آهي جنهن نو 9 هزار سال ڏينهن جو روزا رکيا هجن ۽ رات عبادت ۾ بسر ڪئي هجي.

 

امام حسن وڏا حليم، سخي ۽ خاندان سان رئوف ۽ مهربان هئا. جڏهن حضرت علي عليه السلام کان ڏهه سال بعد معاويه جڏهن سخت دشمن بڻجي امام عليه السلام جي پويان پئجي ويو. ڪيترا ئي ڀيرا ان جي حڪم سان امام کي ضربون لڳيون. ليڪن انهن جو ڪو اثر نه ٿيو ته پڪو پهه ڪيائين ته سندس زال اشعث بن قيس جي ڌي جعده کي مختلف ڪوڙا ڏٽا ڏيئي ان هٿان امام کي زهر ڏياري. معاويه کيس چيو: اگر حسن بن علي کي زهر ڏئين ته تو کي هڪ لک درهم ڏيندس ۽ تنهنجي شادي پنهنجي پٽ يزيد سان ڪرائيندس. هن به يزيد جي زال ٿيڻ ۽ پئسن جي لالچ ۾ امام حسن عليه السلام جي کاڌي ۾ ملائڻ لاءِ معاويه کان اهو زهر ورتو جيڪو هن روم جي بادشاهه وٽان گهرايو هئو . هڪ ڏينهن امام حسن عليه السلام روزي سان هئا ۽ اهو ڏينهن صفا گرم هئو ۽ پياس امام تي اثر ڪيو هئو. افطار وقت جعده  امام عليه السلام لاءِ کير جو شربت کڻي آئي جنهن ۾ زهر وڌو هئاين، جيئن ئي امام عليه السلام اهو پيتو زهر جو احساس ڪيو ۽ فرمايو: انا لله و انا اليه راجعون، پوءِ خدا جي حمد ڪئي ته هن فاني دنيا کان ابدي دنيا جي طرف ويندا. پوءِ جعده ڏانهن منهن ڪري چيو: اي خدا جي دشمن! مون کي قتل ڪيئي خدا تو کي قتل ڪري، خدا جو قسم مون کان بعد ڪجهه نصيب نه ٿيندئي، هن شخص تو کي ڌوڪو ڏنو آهي. خدا تو کي ۽ ان کي پنهنجي عذاب سان خوار ڪري. امام عليه السلام جي حلم جي اها حد هئي جو جڏهن امام حسين عليه السلام کانئس قاتل جي جي باري ۾ پڇيو امام عليه السلام راضي نه ٿيو ته جعده جو نالو زبان تي آڻي. هڪ روايت مطابق ٻه ڏينهن ٻئي روايت مطابق چاليهه ڏينهن زهر امام جي وجود ۾ اثر ڪيو ۽ 28 صفر سال 50 هجري 48 سالن جي ڄمار ۾ امام شهادت پاتي. ليڪن جعده کي مال جي لالچ ۽ يزيد جي زال ٿيڻ جي اميد قبر پهچايو، معاويه چيو: جڏهن حسن بن علي سان وفا نه ڪيائين يزيد سان ڪيئن وفا ڪندي تنهن ڪري ان سان ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو. خواري ۽ ذلت سان دنيان مان جهنم ڏانهن منتقل ٿي.

 

ابن عباس رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم کان روايت ٿو ڪري ته پاڻ فرمايائون: جڏهن منهنجي پٽ حسن کي زهر سان شهيد ڪندا، ستن آسمانن جا ملائڪ مٿس گريو ڪندا ۽ هر شئي مٿس روئيندي ايستائين جو هوا ۾ پکي ۽ دريا ۾ مڇيون روئينديون. جيڪو به مٿس روئيندو ان جون اکيون انڌيون نه ٿينديون ان ڏينهن جنهن ڏينهن سڀ اکيون انڌيون هونديون ۽ جيڪو به سندس مصيبت ۾ محزون ٿئي ان جي دل غمگين نه ٿيندي ان ڏينهن جڏهن دليون غمگين هونديون ۽ جيڪو به بقيع ۾ سندس زيارت ڪندو ان جا قدم صراط تي ثابت رهندا جڏهن سڀني جا قدم لڙکڙائيندا.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید