اڱارو, 18 جون 2019

شهيدِ محراب ابوالايتام اميرالمومنين عليه السلام جي شخصيت چند سٽن ۾ 

  • انداز قلم

سڀ ساراهون ان رب  لاءِ جيڪو پوري ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي صلواة ۽ سلام محمد صلى الله عليه وآله وسلم ۽ سندن پاڪ آل (عليهم السلام) تي.

اما بعد:

سيرت معصومين عليهم السلام

ڌڻي تعالى هن هيڏي وڏي سنسار کي هڪ منظم انداز ۾ جوڙي کيس عجيب ۽ غريب ڏيکاءُ ڏيندڙ شين سان ڀري ڇڏيو آهي،ارشادِ پروردگار ٿئي ٿو:

اللَّهُ الَّذِي جَعَلَ لَكُمُ الأَرْضَ قَرَارًا وَالسَّمَاءَ بِنَاءً وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ وَرَزَقَكُمْ مِنَ الطَّيِّبَاتِ ذَلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ فَتَبَارَكَ اللَّهُ رَبُّ الْعَالَمِينَ.

خدا اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت قرار ڏنو ۽ اوهان جون شڪليون ڀلين شڪلين ۾ بڻايائين ۽ اوهان کي پاڪ شين جو رزق عطا ڪيائين، اهوئي خدا توهان جو پالڻهار آهي پوءِ سموري جهان جو پالڻهار ڪيڏونه بابرڪت آهي.[1]

پر رب سائين پنهنجي سڀني مخلوق مان اگر ڪنهن جي خلقت کي ڀلو قرار ڏنو آهي ته اهو انسان آهي:

لَقَدْ خَلَقْنَا الإنْسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيم

بيشڪ اسان انسان کي ڪيڏي نه سهڻي انداز ۾ پيدا ڪيو آهي.[2] ۽ ٻي سڄي مخلوق کي انسانن جي فائدي لاءِ بڻايائين.

وَلَقَدْ كَرَّمْنَا بَنِي آدَمَ وَحَمَلْنَاهُمْ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ وَرَزَقْنَاهُم مِّنَ الطَّيِّبَاتِ وَفَضَّلْنَاهُمْ عَلَى كَثِيرٍ مِّمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِيلًا.

۽ اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني ۽ انهن کي خشڪي ۽ دريائن ۾ (جانورن ۽ ٻيڙين ذريعي) کنيو ۽ کين سٺيون شيون کائڻ لاءِ ڏنيون ۽ پنهنجي گهڻي مخلوقات تي انهن کي چڱي فضيلت ڏني.[3]

الله تعالى انسانن کي پنهنجي بندگي لاءِ خلق ڪيو آهي ۽ شروع کان ان جي هدايت لاءِ نبي سڳورا موڪليا ايستائين جو آخري نبي پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم کي هميشه باقي رهڻ واري شريعت ۽ پسنديده دين ڏيئي ڪري موڪليو ۽ پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم جن امت جي هدايت لاءِ ٻه اهم شيون قرآن ۽ اهل بيت عليهم السلام ڇڏي پنهنجي رب جي سڏ تي لبيڪ چيو.

إِنِّي تَارِكٌ فِيكُمُ الثَّقَلَيْنِ‏ كِتَابَ‏ اللَّهِ وَ عِتْرَتِي أَهْلَ بَيْتِي‏

مان توهان جي درميان ٻه وزني شيون ڇڏيون ٿو وڃان الله جو ڪتاب ۽ منهنجي اهل بيت[4]

پر امت سندس فرمان کي تڪڙو ئي وساري ڇڏيو ۽ اصلي جانشين جي جڳهه تي ٻين کي ويهاريو، جنهن تي اميرالمومنين عليه السلام ۽ برک صحابن سخت احتجاج ڪيو پر ان جو ڪو اثر ڪونه ٿيو، ان سخت دور ۾ امام عليه السلام داخلي فتني کي روڪڻ لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ تلوار نه کيائون، پنهنجي درد جو حال مولا نهج البلاغه ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي:

آگاه رهو ته خدا جي ذات جو قسم فلاڻي خلافت جي قميص زوريءَ پاتي آهي، جڏهن ته هو چڱيءَ طرح ڄاڻي پيو ته خلافت ۾ منهنجو مقام ائين آهي جيئن جنڊ ۾ ڪير جو هوندو آهي. آءُ اها هستي آهيان جنهن کان سيلاب هيٺ وهي وڃن ٿا ۽ جنهن تائين ڪو پکي به پرواز نٿو ڪري سگھي، پوءِ به مون خلافت جي پاسي کان پردو ڏئي ڇڏيو ۽ ان کان ڪنارو ڪيم ۽ سوچڻ لڳم ته وڍيل هٿن سان حملو ڪريان يا هن انڌير تي صبر ڪريان جنهن ۾ وڏي عمر وارو جھور ۽ ٻار پوڙهو ٿيندو آهي ۽ جنهن ۾ مومن اڻٿڪ ڪوشش ڪندو آهي تان جو پنهنجي رب سان وڃي ملي.

بس مون ڏٺو ته هن انڌير تي صبر ڪرڻ ئي ڀلو آهي ۽ بس مون اهڙي حالت ۾ صبر ڪيو جو منهنجي اک ۾ ڪنڊو ۽ حلق ۾ هڏو هيو آءُ پنهنهجي ميراث کي لٽجندي ڏسي رهيو هيس، تان جو پهريون پنهنجي دڳ سان هليو ۽ پاڻ کان پوءِ خلافت کي فلاڻي (ابن خطاب) جي حوالي ڪيائين.[5]

اڪثر ڪري ڪجھ دوست اهو اعتراض ڪندا آهن ته صاحبِ ذوالفقار آخر انهن خلاف تلوار ڇو نه کنئي، اهڙن ڀائرن جي خدمت ۾ عرض آهي ته امام عليه السلام ڪيترن ئي جاين تي ان جو سبب ٻڌايو آهي انهن مان هڪ نهج البلاغه جي خطبي پنج ۾ فرمائن ٿا:

بَلِ انْدَمَجْتُ‏ عَلَى مَكْنُونِ عِلْمٍ لَوْ بُحْتُ بِهِ لَاضْطَرَبْتُمْ اضْطِرَابَ الْأَرْشِيَةِ  فِي الطَّوِيِ البعيدة.

پر مان اهڙي لڪل علم جو پابند رهيس (جنهن مون کي مجبور ڪري ڇڏيو آهي) اگر مان ان علم کي ظاهر ڪريان ته توهان ائين ڏڪڻ لڳندئو جيئن اونهي کوھ ۾ رسي ڏڪندي آهي.

بهرحال مسلمانن جو ڇوٽڪارو ان ۾ آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس اهل بيت عليهم السلام جي تعليمات تي عمل پيرا ٿين ۽ انهن جي رستي کان الڳ ڪونه ٿين، امام عليه السلام ان بابت فرمائن ٿا:

اسان اهل بيت (عليهم السلام) جي ڪري توهان گمراهين مان هدايت پاتي ۽ وڏو مانَ ۽ عزت ماڻي ۽ اسان جي ئي سبب اوهان اونداهين راتين مان نڪري ڪري صبح جي روشني ۾ آيو. شل ٻوڙا ٿين اهي ڪن جيڪي نصيحت نٿا ٻڌن.[6]

هڪ ٻئي جڳهه تي ارشاد فرمايائون:

انْظُرُوا أَهْلَ بَيْتِ نَبِيِّكُمْ فَالْزَمُوا سَمْتَهُمْ‏ وَ اتَّبِعُوا أَثَرَهُمْ فَلَنْ يُخْرِجُوكُمْ مِنْ هُدًى وَ لَنْ يُعِيدُوكُمْ فِي رَدًى فَإِنْ لَبَدُوا فَالْبُدُوا وَ إِنْ نَهَضُوا فَانْهَضُوا وَ لَا تَسْبِقُوهُمْ فَتَضِلُّوا وَ لَا تَتَأَخَّرُوا عَنْهُمْ فَتَهْلِكُوا.

پنهنجي نبي (صلي الله عليه وآله وسلم) جي اهل بيت (عليه السلام) کي ڏسو، انهن جي طريقي کي اپنايو ۽ انهن جي سيرت جي پيروي ڪيو، اهي توهان کي هدايت کان ٻاهر نه ڪڍندا ۽ نه وري گمراهي ڏانهن موٽائيندا، اگر هو ڪو ڪم ڪن ته توهان به ڪيو ۽ اگر هو ڪنهن ڪم کان رڪجي وڃن ته توهان به رڪجي وڃو، انهن کان اڳتي نه وڌو نه ته گمراهه ٿي ويندوَ ۽ نه وري انهن کان پوئتي رهجي وڃو ورنه هلاڪ ٿي ويندوَ.[7]

امام علي عليه السلام جي زندگي جو هڪ هڪ لمحو انسانن جي ستل تقدير کي جاڳائي ٿو ۽ انسانن جي ضميرن کي جنجهوڙڻ لاءِ سندس زبان مبارڪ مان جاري ٿيل هر هڪ جملو ئي ڪافي آهي، سندس سيرت هدايت ڏيندڙ واقعات ۽ اقوال سان ڀريل آهي جن مان چند ڏانهن اشارو ڪيون ٿا:

حضرت امام علي عليه السلام ڪميل بن زيادِ نخعي رضوان الله عليه کي فرمايو: اي ڪميل ماڻهن جا ٽي قسم آهن.

فَعَالِمٌ رَبَّانِيٌّ، وَمُتَعَلِّمٌ عَلَى سَبِيلِ نَجَاةٍ، وَهَمَجٌ رَعَاعٌ أَتْبَاعُ كُلِّ نَاعِقٍ، يَمِيلُونَ مَعَ كُلِّ رِيحٍ، لَمْ يَسْتَضِيئُوا بِنُورِ الْعِلْمِ، وَلَمْ يَلْجَئُوا إِلَى رُكْنٍ وَثِيقٍ.

پهريون: رباني عالم دين (جنهن کي ڏسڻ سان خدا ياد اچي)

ٻيو: نجات ۽ بخشش جي رستي تي هلندي دين کي سکڻ وارو

ٽيون: جيڪو هر پڪارڻ واري جي پڪار تي عمل ڪرڻ وارو، جنهن طرف جي هواءَ هوندي اُن جو رخ به انهي طرف هوندو، جنهن علم جي نور سان روشني حاصل نه ڪئي هوندي ۽ نه وري ڪنهن مضبوط بنياد جو سهارو ورتو هوندو.[8]

سندس اخلاق تي نظر ڪيون ته پاڻ اخلاق جي اعلى درجي تي فائز هئا،نه رڳو مسلمانن بلڪه پاڻ ٻين لاءِ به وڏي همدردي رکندڙ هئا، هڪ ڏينهن امام عليه السلام جو گذر هڪ جهوني شخص کان ٿيو جيڪو ماڻهن کان ڪجھ گهري رهيو هو، امام عليه السلام پڇيو هي ڪير آهي؟ ٻڌايو ويو، اي اميرالمومين (عليه السلام) هي هڪ عيسائي آهي.

امام عليه السلام فرمايو: توهان ان کان ڪم پئي ورتو ايستائين جو هو جهونو ٿي ويو ۽ هاڻ جڏهن هو پوڙهو ٿي ويو آهي ته توهان انجو ڪم نٿا ڪيو، پوءِ پاڻ بيت المال جي مسئول ڏانهن متوجھ ٿيا ۽ انکي حڪم ڏنائون ته بيت المال مان هن جي ضرورت پوري ڪر.[9]

اهڙي ريت امام عليه السلام معاشري جي پسيل طبعي جي طرف گهڻي توجه ڏيندا هئا ۽ انهن جي هر حال ۾ مدد ڪندا هئا:

عَنْ حَبِيبِ بْنِ أَبِي ثَابِتٍ قَالَ: جَاءَ إِلَى أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ ع عَسَلٌ وَ تِينٌ مِنْ هَمْدَانَ وَ حُلْوَانَ فَأَمَرَ الْعُرَفَاءَ أَنْ يَأْتُوا بِالْيَتَامَى فَأَمْكَنَهُمْ مِنْ رُءُوسِ الْأَزْقَاقِ يَلْعَقُونَهَا وَ هُوَ يَقْسِمُهَا لِلنَّاسِ قَدَحاً قَدَحاً فَقِيلَ لَهُ يَا أَمِيرَ الْمُؤْمِنِينَ مَا لَهُمْ يَلْعَقُونَهَا فَقَالَ إِنَّ الْإِمَامَ أَبُو الْيَتَامَى وَ إِنَّمَا أَلْعَقْتُهُمْ هَذَا بِرِعَايَةِ الْآبَاءِ.

حبيب ابن ابي ثابت نقل ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن امام علي عليه السلام وٽ همدان مان ماکي، انجير ۽ مٺائي آئي امام عليه السلام اسان کي يتيم وٺي اچڻ جو حڪم ڏنو جڏهن اهي آيا ته پاڻ اها ماکي انهن ۾ ورهائي ۽ پوءِ پنهنجن هٿن سان انهن کي کارائڻ لڳا ڪنهن پڇيو مولا اوهان انهن کي ڇو ٿا کارايو؟ پاڻ فرمايائون ته امام يتيمن جو پيءُ هوندو آهي ۽ مان انهن کي پيءُ بڻجي ڪري کارائي رهيو آهيان.[10]

هڪ ٻئي جڳهه تي فرمايائون:

...اللهَ اللهَ في الأيتام فلا يجوعنّ بحضرتكم...

خدا را خدا را يتيمن جي پارت اٿئو، توهان جي هوندي ڪو يتيم بکيو نه رهي.[11]

اسان کي به گهرجي ته پنهنجي پوري وجود سان حقيقي اسلامي پيغام کي جيڪو امن محبت، اخلاق جو پيغام آهي کي دنيا سامهون اجاگر ڪيون. ۽ اهڙي نموني پنهنجي مولا عه جي پيغام ۽ ڪردار کي زنده ڪيون،انسان ڪا معمولي هستي ناهي، الله تعالى انسان کي اهڙو خلق ڪيو آهي جو هر ڪم انجام ڏيئي سگهي ٿو.

حڪمت ۽ بيان جي بادشاھ اميرالمومنين عليه السلام جو شعر آهي:

ا تَحْسًبُ أَنَّكَ جُرْمٌ صَغِيرٌ  وَفيك انطَوَى العالمُ الأكبرُ

ڇا تون پاڻ کي هڪ ننڍو جسم ٿو سمجهين جڏهن ته تو ۾ هڪ وڏو سنسار لڪيل آهي.[12]

بيشڪ انسان جي بناوٽ ۾ اهم ترين عضو دماغ آهي، جيڪو انسان کي هلائي ٿو ۽ انجي اٿڻ ويهڻ جي رهنمائي ڪري ٿو، هو انسان جي ٻيڙي جو ملاح آهي جيڪو ان ٻيڙي کي امن ۽ سلامتي جي ڪناري تائين وٺي وڃي. تنهن جي ڪري ته حديث پاڪ ۾ آهي، مَنْ‏ عَرَفَ‏ نَفْسَهُ‏ فَقَدْ عَرَفَ رَبَّه‏

جنهن پنهنجي پاڻ کي سڄاتو بس ان پنهنجي رب کي سڄاتو.[13]

اهڙي عظيم هستي کي به دنيا وارن معاف نه ڪيو جيڪي انسانن لاءِ ته ڇا جانورن ۽ پکين بابت به فڪر مند رهندا هئا، پاڻ شهادت جي رات به بطخن جي باري ۾ فڪر مند هئا ۽ انهن بابت پنهنجي نياڻي عورتن جي سردار زينب سلام الله عليها (يا ام ڪلثوم) کي وصيت ڪندي فرمايو ته وقت سر انهن کي داڻو چڳائي يا آزاد  ڪري ڇڏي.

19 رمضان المبارڪ مسجدِ ڪوفه جي محراب ۾ سندس سر اقدس تي ابن ملجم مرادي زهر آلود تلوار سان وار ڪري امام المتقين جي سر مبارڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو،ان دوران آسمان مان جبرائل عليه السلام مرثيو پڙهيو:

”تهدمت والله ارکان الهدى“

الله جو قسم هدايت جو ستون ڪري پيو.

امام عليه السلام جي شخصيت لاءِ اگر تاريخ ۾ سواءِ هن سيرت جي ٻيو ڪو جملو نه ملي ها جيڪا پاڻ پنهنجي دشمن سان روا رکي تڏهن به امام عليه السلام جي ڪردار ۽ بلند شخصيت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي هئي جڏهن سندن سامهون شربت آندو ويو ته پاڻ فرمايائون: پهريان ابن ملجم کي ڏيو متان اهو مونکان وڌيڪ اڃارو هجي.

فزت و رب االڪعبة جو منادي 21 رمضان المبارڪ سن 40 هجري تي شهيد ٿي قيامت تائين امتِ مسلمه کي يتيم ڪري ويا.

کسي را ميسر نشد اين سعادت به ڪعبه ولادت و به مسجد شهادت

ڪنهن کي به اهڙي سعادت نه ملي ڪعبي ۾ ولادت ۽ مسجد ۾ شهادت.

انا لله و انا اليه راجعون، اعظم الله اجورنا واجورکم يا شيعة اهل البيت عليهم السلام

والسلام

عبدالرسول محسني، حوزه علميه نجف اشرف 19 رمضان المبارڪ 1439ه


[1]: سورة غافر64

[2]: سوره تين آيت 4

[3]: سوره اسراءِ 70

[4]: بصائر الدرجات ج1 ص413

[5]: نهج البلاغه خطبه شقشقيه

[6]: نهج البلاغه خطبو 4

[7]: نهج البلاغه خطبو97

[8]: الخصال ج1 ص 186

[9]: وسائل الشيعه ج11 ص 49

[10]: ڪافي ج1 ص 406

[11]: دعائم الاسلام ج2 ص352

[12]: الاسلام و حقوق الانسان لمحقق باقر القرشي

[13]: المصباح الشريعه ص 13

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي
مجوز استفاده از قالب خبری ناب نیوز برای اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید