اربع, 23 سيپٽمبر 2020

ليس منا واريون 40 حديثون

  • انداز قلم

  

ائمه معصومين (ع) جون مختلف موضوعن تي چاليھ حديثون جيڪي ” ليس منا يا ليس مني“ جي عنوان سان روايات ۾ ذڪر ٿيون آهن تن کي هن مختصر لکڻي ۾ 40 حديثن جي عنوان سان گڏ ڪيو ويو، جيڪي حديثون ليس منا يا ليس مني سان ذڪر ٿيون آهن انهن جا موضوع اخلاقي، فقهي ۽ ڪلامي آهن جن تي عمل ڪري انسان حقيقي طريقي سان ائمه معصومين(ع) جا حقيقي پيروڪار ۽ شيعه ٿي سگهن ٿا.

سيرت معصومين عليهم السلام

قال الصادق لَيْسَ مِنَّا غَيْرُ اَلْمُتَوَاصِلِينَ فِينَا يعني اسان منجهان ناهي هر اهو شخص جيڪو اسان جي محبت جي بنا تي ٻين سان اچڻ وڃن ڇڏي ڏي.

2. قال الصادق لَيْسَ مِنَّا غَيْرُ اَلْمُتَرَاحِمِينَ فِينَا جيڪو اسان جي محبت جي باوجود ٻين تي رحم نه ڪري اسان منجهان ناهي.

3. قال الصادق لَيْسَ مِنَّا غَيْرُ اَلْمُتَزَاوِرِينَ فِينَا اسان مان ناهي جيڪو پنهجن ديني ڀائرن جي خير خبر نٿو وٺي ۽ انهن ڏانهن اچ وڃ نٿو رکي.

4. قال الصادق لَيْسَ مِنَّا غَيْرُ اَلْمُتَبَاذِلِينَ فِينَا.  اهو شخص به اسان مان ناهي جيڪو صدقو ۽ خيرات نه ڏي.

5. قَالَ رَسُولُ اَللَّهِ صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ : لَيْسَ مِنَّا مَنْ يُحَقِّرُ اَلْأَمَانَةَ حَتَّى يَسْتَهْلِكَهَا إِذَا اُسْتُودِعَهَا . اسان مان ناهي اهو شخص جيڪو امانت کي اهميت نه ڏي ۽ جيڪڏهن کيس امانت نه ڏنو وڃي ۽ هي ان ۾ خيانت ڪري .

6. قال رسول الله (ص) لَيْسَ مِنَّا مَنْ خَانَ مُسْلِماً فِي أَهْلِهِ وَ مَالِهِ  ۽ اهڙي نموني سان اهو شخص به اسان مان ناهي جيڪو ڪنهن مسلمان جي مال يا وري خاندان ۾ خيانت ڪري.

7. وَ قَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ: لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يَتَغَنَّ بِالْقُرْآنِ  اسان مان ناهي اهو شخص جيڪو قرآن جي ذريعي غني نه ٿئي يعني قرآن جي هوندي ٻي پاسي  کان غني ٿيڻ جي اميد رکي يعني قرآن جي ذريعي غني ٿي سگهي ٿو ٻين جي نزديڪ هٿ ٽنگڻ جي ضرورت ناهي.

8. وَ قَالَ رسول الله : «لَيْسَ مِنَّا مَنْ غَشَّ مُسْلِماً » . اسان مان ناهي جيڪو ٻي ڪنهن مسلمان کي ڌوڪو ڏي.

9. وَ قَالَ الصادق عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ : «لَيْسَ مِنَّا مَنْ تَرَكَ دُنْيَاهُ لآِخِرَتِهِ وَ لاَ آخِرَتَهُ لِدُنْيَاهُ . اسان مان ناهي جيڪو آخرت جي لاء دنيا کي مڪمل ڇڏي ڏي ۽ جيڪو شخص دنيا جي لاء آخرت کي ڇڏي ڏي.

10. قَالَ اَلصَّادِقُ عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ : «لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يُؤْمِنْ بِكَرَّتِنَا وَ يَسْتَحِلَّ مُتْعَتَنَا» جيڪو اسان جي رجعت تي ايمان نه رکي ۽ جيڪو متعي جي حلال هجڻ تي ايمان نه رکي اهو اسان منجهان ناهي.

11 عَنْهُ صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ : لَيْسَ مِنَّا مَنْ ضَرَبَ اَلْخُدُودَ وَ شَقَّ اَلْجُيُوبَ. اسان مان ناهي جيڪو غم جي وقت يا ڪنهن جي موت تي پنهنجو گريبان چاڪ ڪري ۽ پنهنجي منهن کي ڌڪ هڻي.

12.  قَالَ اَلصَّادِقُ (عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ) : لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يَلْزَمِ اَلتَّقِيَّةَ، وَ يصوننا [يَصُنَّا] عَنْ سَفِلَةِ اَلرَّعِيَّةِ. جيڪو تقيو اختيار نه ڪري ۽ اسان کي ڪريل ۽ پست انسانن کان نه بچائي اهو اسان منجهان ناهي.

13.  قَالَ علي عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يُحَاسِبْ نَفْسَهُ كُلَّ يَوْمٍ فَإِنْ عَمِلَ خَيْراً حَمِدَ اَللَّهَ وَ اِسْتَزَادَهُ وَ إِنْ عَمِلَ سُوءاً اِسْتَغْفَرَ اَللَّهَ. اسان منجهان ناهي جيڪو هر روز پنهجي نفس جو محاسبو نه ڪري يعني جيڪڏهن ڪو نيڪي جو ڪم انجام ڏي ته کيس گهرجي ته خدا جي بارگاه ۾ شڪريو بجا آڻي ۽ وڌيڪ نيڪي ڪرڻ جي دعا گهري ۽ جيڪڏهن ڪو برو ڪم ڪيائين ته خدا کان ان گناه جي معافي گهري.

14. قَالَ اَلرِّضَا عَلَيْهِ السَّلاَمُ : الْمُؤْمِنُ اَلَّذِي إِذَا أَحْسَنَ اِسْتَبْشَرَ وَ إِذَا أَسَاءَ اِسْتَغْفَرَ وَ اَلْمُسْلِمُ اَلَّذِي يَسْلَمُ اَلْمُسْلِمُونَ مِنْ لِسَانِهِ وَ يَدِهِ لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يَأْمَنْ جَارُهُ بَوَائِقَهُ  مومن اهو آهي جيڪو نيڪي ڪرڻ وقت خوش ٿئي ۽ بدي ڪرڻ وقت استغفار ڪري ۽ مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان محفوظ رهن جنهن شخص کان سندس پاڙيسري محفوظ نه هجن اهو اسان منجهان ناهي.

15. قال رسول الله لْيسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يَمْلِكْ نَفْسَهُ عِنْدَ اَلْغَضَبِ، اسان منجهان ناهي جيڪو پنهجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول نه ڪري.

16. قال رسول الله وَ لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يُحْسِنْ صُحْبَةَ مَنْ صَحِبَهُ اسان منجهان ناهي جيڪو پنهنجي دوست سان دوستي جا حق ادا نه ڪري سگهي

17.قال الرضا  لَيْسَ مِنَّا مَنْ زَعَمَ أَنَّ اَللَّهَ عَزَّ وَ جَلَّ جِسْمٌ وَ نَحْنُ مِنْهُ بِرَاءٌ فِي اَلدُّنْيَا وَ اَلْآخِرَةِ . اسان منجهان ناهي جيڪو خدا جي جسم رکڻ جو گمان رکي ۽ اسان انهي شخص کان دنيا ۽ آخرت ۾ بري آهيون.

18. قال الباقر (ع) لَيْسَ مِنَّا وَ لاَ كَرَامَةَ مَنْ كَانَ فِي مِصْرٍ فِيهِ مِائَةٌ أَوْ يَزِيدُونَ وَ كَانَ فِي ذَلِكَ اَلْمِصْرِ أَحَدٌ أَوْرَعَ مِنْهُ ، اهو شخص اسان منجهان ناهي ۽ سندن اسان وٽ ڪا ڪرامت ۽ عزت ناهي جيڪو هڪڙي اهڙي شهر ۾ زندگي ڪري جن ۾ هڪ لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهو رهندا رهجن ۽ اسان جي شيعي ۽ محب کان ٻيا وڌيڪ پرهيزگار ۽ متقي هجن.

19. وَ قَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ: لَيْسَ مِنَّا مَنْ وَسَّعَ اَللَّهُ عَلَيْهِ ثُمَّ قَتَّرَ عَلَى عِيَالِهِ  اسان منجهان ناهي جيڪو ثروتمند هجڻ جي باوجود  پنهجي خاندان تي خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائي ڪنجوسي ڪري.

20. قَالَ أَبُو عَبْدِ اَللَّهِ عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ : لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يُصَلِّ صَلاَةَ اَللَّيْلِ. جيڪو نماز تهجد نٿو پڙهي اهو اسان منجهان ناهي.

21صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ قَالَ: لَيْسَ مِنَّا مَنْ لَمْ يَرْحَمْ صَغِيرَنَا وَ لَمْ يُوَقِّرْ كَبِيرَنَا جيڪو اسان(سادات) جي ٻارن تي رحم نه ڪري ۽ بزرگن جو احترام نه ڪري اسان منجهان ناهي.

22 قال صلي الله عليه ليس مناَ لَمْ يَأْمُرْ بِالْمَعْرُوفِ وَ لَمْ يَنْهَ عَنِ اَلْمُنْكَرِ .جيڪو نيڪي جو حڪم ۽ برائي کان نه روڪي اسان منجهان ناهي.

23. قال(ص)  لَيْسَ مِنِّي مَنْ يَسْتَخِفُّ بِالصَّلاَةِ  جيڪو نماز کي خفيف ۽ هلڪو وٺي مون منجهان ناهي.

24. قال(ص) َليسَ مِنِّي مَنْ يَشْرَبُ مُسْكِراً لا يرد علي الحوض  لا والله لا:  شرابي مون منجهان ناهي، خدا جو قسم اهوشخص حوض ڪوثر تي به مون وٽ نه پهچندو .

25.قَالَ رَسُولُ اَللَّهِ صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ : لَيْسَ مِنَّا مَنْ أَخْلَفَ بِالْأَمَانَةِ وَ قَالَ قَالَ رَسُولُ اَللَّهِ صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ اَلْأَمَانَةُ تَجْلِبُ اَلرِّزْقَ وَ اَلْخِيَانَةُ تَجْلِبُ اَلْفَقْرَ . جيڪو امانت ۾ خيانت ڪري ۽ انهي جي خلاف ورزي ڪري اسان منجهان ناهي ڇو ته امانت رزق ۾ برڪت جو سبب ۽ خيانت تنگدستي جو سبب ٿئي ٿو.

26  اَلرِّضَا عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ يَقُولُ: «اَلصَّوْمُ لِلرُّؤْيَةِ وَ اَلْفِطْرُ لِلرُّؤْيَةِ وَ لَيْسَ مِنَّا مَنْ صَامَ قَبْلَ اَلرُّؤْيَةِ لِلرُّؤْيَةِ وَ أَفْطَرَ قَبْلَ اَلرُّؤْيَةِ لِلرُّؤْيَةِ روزو چنڊ ڏسي رکو ۽ چنڊ ڏسي افطار ڪيو(عيد)  اسان مان ناهي جيڪو چنڊ ڏسڻ کان بغير روزو رکي ۽افطار ڪري ۽ اهو سمجهي ته چنڊ ٿي ويو آهي.

27. پيامبر اکرم : لَيْسَ مِنَّا مَنْ خَبَّبَ اِمْرَأَةَ رَجُلٍ عَلَيْهِ، جيڪو ڪنهن شادي شده عورت تي نظر وجهي اهو اسان منجهان ناهي.

28. قَالَ اَلنَّبِيُّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ : مَنْ تَوَضَّأَ بَعْدَ اَلْغُسْلِ فَلَيْسَ مِنَّا. جيڪو واجب غسل کان پوء وضو ڪري اهو اسان منجهان ناهي يعني جيستائين غسل باطل نه ٿئي ۽ نماز وغيره جي لاء وضو ڪري ته اهو شخص اسان منجهان ناهي.

29. قَالَ اَلصَّادِقُ عَلَيْهِ السَّلاَمُ : مَنْ تَرَكَ اَلتَّقِيَّةَ قَبْلَ خُرُوجِ قَائِمِنَا فَلَيْسَ مِنَّا. امام زمان جي ظهور کان پهريان جيڪو تقيه کي ڇڏي ڏي اهو اسان منجهان ناهي.

30.  قَالَ صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ : مَنْ كَانَ لَهُ مَا يَتَزَوَّجُ بِهِ فَلَمْ يَتَزَوَّجْ فَلَيْسَ مِنَّا. جيڪو شادي ڪرڻ جي طاقت ۽ صلاحيت رکڻ جي باوجود شادي نه ڪري اهو اسان منجهان ناهي.

31. قَالَ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ: بَجِّلُوا اَلْمَشَايِخَ فَإِنَّ تَبْجِيلَ اَلْمَشَايِخِ مِنْ إِجْلاَلِ اَللَّهِ عَزَّ وَ جَلَّ وَ مَنْ لَمْ يُبَجِّلْهُمْ فَلَيْسَ مِنَّا. بزرگن جو احترام ڪيو ڇو ته بزرگن جو احترام خدا جي احترام جي برابر آهي ۽ جيڪو بزرگن جو احترام نٿو ڪري اهو اسان منجهان ناهي.

32. اَلرِّضَا عَلَيْهِ السَّلاَمُ قَالَ: شِيعَتُنَا اَلْمُسَلِّمُونَ لِأَمْرِنَا اَلْآخِذُونَ بِقَوْلِنَا اَلْمُخَالِفُونَ لِأَعْدَائِنَا فَمَنْ لَمْ يَكُنْ كَذَلِكَ فَلَيْسَ مِنَّا اسان جا شيعا اسان جي حڪمن جا تابع ۽ اسان جي پيروي ڪرڻ وارا ۽ اسان جي دشمنن جا مخالف آهن ۽ جيڪو ائين نه ڪري يعني اسان جي قول تي عمل نه ڪري ۽ اسان جي دشمنن سان مخالفت نه ڪري اهو اسان منجهان ناهي.

33. اَلرِّضَا عَلَيْهِ السَّلاَمُ يَقُولُ: مَنْ وَاصَلَ لَنَا قَاطِعاً أَوْ قَطَعَ لَنَا وَاصِلاً أَوْ مَدَحَ لَنَا عَائِباً أَوْ أَكْرَمَ لَنَا مُخَالِفاً فَلَيْسَ مِنَّا وَ لَسْنَا مِنْهُ .امام فرمان ٿا جيڪو اسان جي دشمنن سان دوستي ۽ اسان جي دوستن سان دشمني رکي ۽ اسان جي دشمنن جي تعريف ڪري ۽ اسان جي دشمنن جي  عزت ڪري اهو اسان منجهان ناهي.

34. عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ (عَلَيْهِ اَلسَّلاَمُ): لاَ يَجْتَمِعُ حُبُّنَا وَ حُبُّ عَدُوِّنَا فِي جَوْفِ إِنْسَانٍ، إِنَّ اَللَّهَ لَمْ يَجْعَلْ لِرَجُلٍ مِنْ قَلْبَيْنِ فِي جَوْفِهِ، فَيُحِبُّ بِهَذَا وَ يُبْغِضُ بِهَذَا، فَأَمَّا مُحِبُّنَا فَيُخْلِصُ اَلْحُبَّ لَنَا كَمَا يَخْلُصُ اَلذَّهَبُ بِالنَّارِ، لاَ كَدَرَ فِيهِ، فَمَنْ أَرَادَ أَنْ يَعْلَمَ حُبَّنَا فَلْيَمْتَحِنْ قَلْبَهُ، فَإِنْ شَارَكَ فِي حُبِّنَا حُبَّ عَدُوِّنَا فَلَيْسَ مِنَّا، وَ لَسْنَا مِنْهُ، وَ اَللَّهُ عَدُوُّهُمْ، وَ جَبْرَئِيلُ، وَ مِيكَائِيلُ، وَ اَللَّهُ عَدُوٌّ لِلْكَافِرِينَ» اسان اهل بيت جي محبت ۽ اسان جي دشمنن جي محبت هڪ دل ۾ جمع نٿا ٿي سگهن، بس هڪ سان محبت ۽ ٻي سان بغض هوندو آهي  اسان جي محب جي محبت خالص سون جيئان هوندي آهي جيڪو اسان جي محبت جي امتحان چاهي ٿو ان گهرجي ته پنهنجي دل جو امتحان ڪري جيڪڏهن اسان جي محبت سان گڏ اسان جي دشمنن جي محبت کي شريڪ ۽ شامل ڏٺائين اهو اسان منجهان ناهي ۽ اسان به ان مان ناهيون خدا جبرائيل ميڪائيل انهي جا دشمن آهن ۽ خدا ڪافرن جو دشمن آهي.

35.قال رضا عليه السلام  يَا زَيْدُ اِتَّقِ اَللَّهَ فَإِنَّا بَلَغْنَا مَا بَلَغْنَا بِالتَّقْوَى فَمَنْ لَمْ يَتَّقِ وَ لَمْ يُرَاقِبْهُ فَلَيْسَ مِنَّا وَ لَسْنَا مِنْهُ  امام رضا (ع) زيد کي نصيحت ڪندي فرمائن ٿا اي زيد تقوا اختيار ڪر يقينا اسان هن مقام تي تقوا جي ذريعي سان پهتا آهيو ۽ جيڪو تقوا اختيار نٿو ڪري ۽ پنهنجي نفس جي حفاظت نٿو ڪري اسان منجهان ناهي نا ئي وري اسان ان منجهان آهيون .

36. أَبَا اَلْحَسَنِ عَلَيْهِ السَّلاَمُ يَقُولُ: مَنْ عَادَى شِيعَتَنَا فَقَدْ عَادَانَا وَ مَنْ وَالاَهُمْ فَقَدْ وَالاَنَا لِأَنَّهُمْ مِنَّا خُلِقُوا مِنْ طِينَتِنَا مَنْ أَحَبَّهُمْ فَهُوَ مِنَّا وَ مَنْ أَبْغَضَهُمْ فَلَيْسَ مِنَّا، جيڪو اسان جي شيعن جو دشمن آهي اهو اسان جو به دشمن آهي  جيڪو اسان جي شيعن جو دوست آهي اهو اسانجو به دوست آهي ڇو جو شيعا اسان جي مٽي منجهان خلق ٿيل آهن، جيڪو انهن سان محبت ڪندو اهو اسان منجهان ۽ جيڪو انهن سان بغض رکندو اهو اسان منجهان ناهي.

37. عن رسول الله مَنْ ضَارَّ مُسْلِماً فَلَيْسَ مِنَّا جيڪو ڪنهن مسلمان کي نقصان پهچائي اسان منجهان ناهي.

38. عَنْ أَمِيرِ اَلْمُؤْمِنِينَ عَلَيْهِ السَّلاَمُ أَنَّهُ قَالَ: عَلَيْكُمْ بِالْمُحَافَظَةِ عَلَى أَوْقَاتِ اَلصَّلاَةِ فَلَيْسَ مِنِّي مَنْ ضَيَّعَ اَلصَّلاَه توهان پنهنجن نمازن کي وقت تي بجا آڻيو، جيڪو نمازن کي ضايع ڪري اهو اسان منجهان ناهي .

39. قَالَ رَسُولُ اَللَّهِ صَلَّى اَللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ : ثَلاَثٌ مَنْ كُنَّ فِيهِ فَلَيْسَ مِنِّي وَ لاَ أَنَا مِنْهُ مَنْ أَبْغَضَ عَلِيّاً وَ نَصَبَ لِأَهْلِ بَيْتِي وَ مَنْ قَالَ اَلْإِيمَانُ كَلاَمٌ. ٽن قسمن جا انسان مون منجهان ناهن ۽ نه ئي آئون انهن منجهان آهيان1. جيڪو علي (ع) سان بغض رکي 2. ناصبي (جيڪو منهنجي اهل بيت کي برو ڀلو چئي)3. جيڪو اهو عقيدو رکي ته ايمان رڳو زبان سان تعلق رکي ٿو ۽ عمل جي ضرورت ئي ناهي

40. وَ قَالَ رسول الله (ص): مَنْ رَغِبَ عَنْ سُنَّتِي فَلَيْسَ مِنِّي وَ إِنَّ مِنْ سُنَّتِيَ اَلنِّكَاحَ .جيڪو منهنجي سنت کي ڇڏي اهو مون منجهان ناهي ۽ منهنجي هڪڙي سنت نڪاح آهي جيڪو نڪاح کي ڇڏ اهو مون منجهان ناهي.

حوالا

1،2،3،،4 . مشکاة الأنوار في غرر الأخبار , ج 1 , ص 183.

5،6. الاختصاص ج1ص248.

7. معاني الأخبار , جلد 1 , صفحه 279.

8. .من لا يحضره الفقيه , جلد 3 , صفحه 273.

9. من لا يحضره الفقيه , جلد 3 , صفحه 15.

10. من لا يحضره الفقيه , جلد 3 , صفحه 458.

11. مسکّن الفؤاد عند فقد الأحبة و الأولاد , جلد 1 , صفحه 114.

12. الأمالي (للطوسي ,جلد 1 , صفحه 281.

13. . عدة الداعي و نجاح الساعي , جلد 1 , صفحه 239

14. عيون أخبار الرضا عليه السلام , جلد 2 , صفحه 24.

15. (مشکاة الأنوار في غرر الأخبار , جلد 1 , صفحه 193.

16. (مشکاة الأنوار في غرر الأخبار , جلد 1 , صفحه 193.

17.  بحار الأنوار الجامعة لدرر أخبار الأئمة الأطهار علیهم السلام , جلد 48 , صفحه 197.

18. تفصیل وسائل الشیعة إلی تحصیل مسائل الشریعة , جلد 15 , صفحه 245.

19. .عوالي اللئالي العزيزية في الأحاديث الدينية , جلد 1 , صفحه 255.

20. تفصیل وسائل الشیعة إلی تحصیل مسائل الشریعة , جلد 8 , صفحه 162.

21. .(مستدرک الوسائل و مستنبط المسائل , جلد 12 , صفحه 185.

22. (مستدرک الوسائل و مستنبط المسائل , جلد 12 , صفحه 185.

23. .(دعائم الإسلام و ذکر الحلال و الحرام و القضایا و الأحکام , جلد 2 , صفحه 132.

24. دعائم الإسلام و ذکر الحلال و الحرام و القضایا و الأحکام , جلد 2 ,ص 132.

25. الکافي , جلد 5 , صفحه 133.

26. ( من لا يحضره الفقيه , جلد 2 , صفحه 128.

27. دعائم الإسلام جلد 2 , صفحه 448.

28. الصراط المستقيم إلی مستحقی التقديم , جلد 3 , صفحه 286.

29. (حار الأنوار الجامعة لدرر أخبار الأئمة الأطهار علیهم السلام , جلد 72 , صفحه 411.

30. مکارم الأخلاق , جلد 1 , صفحه 196.

31.   مشکاة الأنوار في غرر الأخبار , ج 1 , ص 168.

32. بحار الأنوار الجامعة لدرر أخبار الأئمة الأطهار علیهم السلام , جلد 65 , صفحه 167.

33.  بحار الأنوار الجامعة لدرر أخبار الأئمة الأطهار علیهم السلام , جلد 72 , صفحه 391.

34. البرهان في تفسير القرآن , جلد 4 , صفحه 410.

 35. .(عيون اخبار رضا جلد 2ص 235)

36.  بحار الأنوار الجامعة لدرر أخبار الأئمة الأطهار علیهم السلام , جلد 65 , صفحه 167.

37. تفصیل وسائل الشیعة إلی تحصیل مسائل الشریعة , جلد 22 , صفحه 282.

38. مستدرک الوسائل و مستنبط المسائل , جلد 3 , صفحه 98)

39. بحار الأنوار الجامعة لدرر أخبار الأئمة الأطهار علیهم السلام , جلد 27 , صفحه 227.

40. عوالي اللئالي العزيزية في الأحاديث الدينية , جلد 3 , صفحه 283.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي