اربع, 23 سيپٽمبر 2020

حضرت زهرا سلام الله عليه جي زندگي ۾ قرآني جهلڪ

  • انداز قلم

مهاڳ:

ڪائنات جي عورتن جي سردار، صديقه طاهره حضرت فاطمه زهراء  سلام الله عليها  هڪ اهڙي نمايان شخصيت جي مالڪ آهن جو سڀني مذهبن جي ڏاهن به حضرت زهراء   سلام الله عليها  جي عظمت جي آڏو پنهنجا سرجھڪائي ڇڏيا آهن.

سيرت معصومين عليهم السلام

هن عظيم بي بي، جيڪي نبوت جي جھولي ۾ پليون آهن ۽ جنهن جي ذاتي شخصيت به انساني ڪمال جي ان اوج تائين پهتل هجڻ خاطر، دقت، محنت، ڪوشش ۽ ايمان ڀري اصولن کي عملي جامو پهرايو آهي، ته جيئن هڪ طرف کان خدا جي بندگي کي ڪامل نموني انجام ڏئي ۽ ٻئي طرف کان معاشري جي لاء قرآني اصولن تي عمل ڪندي ٻين جي لاء هڪ بهترين نمونو ۽ مثال ڇڏي وڃن، اگر اسان چاهيون ٿا ته هن عظيم بي بي جي زندگي تي نظر ڪريون ته اسان کي اهو چوڻ ۾ ڪو عار محسوس نٿو ٿئي ته حضرت زهراء  سلام الله عليها  اهڙي ته عورت آهن جيڪا پنهنجي عقيدي ۽ ايمان ۾ سوچ ۽ فڪر ۾ پنهنجي فردي ۽ گڏيل زندگي ۾، قرآن مان روشني حاصل ڪري پنهنجي پوري زندگي کي عملي قرآن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. اسان هن لکڻي ۾ بي بي جي زندگي ۾ قرآني لاث ۽ جھلڪن مان ڪجھ جھلڪون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي مدد

رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  ٽن سالن جي لڪيل دعوت کان پوء پنهنجي دعوت کي چٽو ۽ آشڪار نموني سان شروع ڪيو ۽ حڪم ٿيس ”فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَأَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِينَ“(1) ”جيڪي توکي حڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ“ ان آيت جي بنياد تي رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  کي حڪم ٿيو ته بغير خوف ۽ ڊپ جي پنهنجي تبليغ کي ظاهر ڪر. نتيجي ۾ مشرڪن ۽ مخالفن جي طرفان اذيتون ۽ آزار به وڌندا ويا. هڪ نادان شخص رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  تي هڪ ڏينهن گند اڇلايو ان حالت ۾ پاڻ جڏهن گھر پهتا ته حضرت زهراء   سلام الله عليها  انهن کي صاف به ڪن پيون ۽ روئن به پيون ۽ رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  حضرت زهراء  سلام الله عليها  کي آٿت ڏيندي فرمائن پيا: ته ڌيء رو نه خدا تنهنجي بابي جو حامي ۽ مددگار آهي“(2)

ابن عباس چوي ٿو: ”هڪ ڏينهن قريش جا ڪجھ ماڻهو حجر اسماعيل ۾ گڏ ٿي قسم کڻن ٿا ته پيغمبر  صلي الله عليه وآله وسلم  کي جتي ڏسون اتي قتل ڪنداسين، ان وقت حضرت زهراء   سلام الله عليها  جيڪا اڃا هڪ ٻار هئي ان کي جيئن ئي ان سازش  جي خبر پئي ته پاڻ ڦورن رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  وٽ پهتيون ۽ دشمنن جي سازش کان کين آگاه ڪيو ۽ ان نموني سان  حضرت زهراء   سلام الله عليها  دشمنن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.“(3)

شايد اهو ئي سبب آهي جو جڏهن به رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  دشمنن جي هٿان تڪليف سهندا هئا ۽ گھر ايندا هئا ته حضرت زهراء   سلام الله عليها  اهڙي ته سندن تيمار داري ڪنديون هيون جو پاڻ فرمائيندا هئا: ”الفاطمة ام ابيها‏‏“ ‏فاطمه پنهنجي بابي جي خدمت ڪرڻ ۾ بابي جي به ماء آهي.  جڏهن بعثت جي ڏهين سال رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جو چاچو حضرت ابو طالب  عليه السلام  ۽ سندس دلسوز گھر واري حضرت خديجه  سلام الله عليها  هن دنيا تان هليا ويا ته حضرت زهراء  سلام الله عليها  کان سواء ٻيو ڪو به نه هوندو هيو جيڪو رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  کي آٿت ۽ سندن دل کي چين ۽ راحت بخشي.

شادي مبارڪ

قرآن ڪريم شادي جي ٻنڌڻ  کي ”ميثاقا غليظا“(4) يعني مضبوط ٻنڌڻ سان تعبير ڪيو آهي. رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  حضرت زهراء   سلام الله عليها  جي شادي جي معاملي ۾ شادي کي آسماني حڪم ۽ خدائي الهام سمجھندي  ڪيترا ئي رشتا مناسب نه هجڻ جي ڪري رد ڪري چڪا هئا ۽ جڏهن حضرت امام علي  عليه السلام  جي طرفان رشتي جي گھر ڪئي وئي ته پاڻ عورت جي ڪرامت ۽ آزادي کي نظر ۾ رکندي کائين پڇائون ته تنهنجي ان جي باري ۾ ڇا نظر آهي، ان کان پوء اها هڪ نهايت ۽ سادي نمونه سان شادي ٿي وئي ته جيئن قرآني اصطلاح ۾ ” محبت۽ پيار جو رشتو“ وجود ۾ اچي ۽ ٻيا پڻ ان پيار ڀري رشتي کي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان عزت واري طريقي سان عملي جامو پهرئن.

شادي کان پوء واري زندگي

قرآن ڪريم  سوره نساء جي 34 آيت ۾ صالح ۽ ڀلاري عورتن جي ٻن صفتن کي بيان ڪندي فرمائي ٿو:”فَالصَّالِحَاتُ قَانِتَاتٌ حَافِظَاتٌ لِّلْغَيْبِ“صالح عورتن جون ٻه اهم خاصيتون آهن” هڪ خاصيت مڙسن جي سامهون ۽ ٻئي انهن جي موجود نه هجڻ جي صورت“ ۾ يعني اهي عورتون پنهنجي مڙسن جي سامهون نرم ۽ جھڪيل هونديون آهن ۽ مڙسن جي غير موجودگي ۾ مڙسن جي رازن ۽ انهن جي مادي ۽ معنوي حقن جون حفاظت ڪرن واريون هونديون آهن.

 حقيقت ۾ هي اهڙيون ته صفتون ۽ خوبيون آهن جيڪي پاڻ ۾ ٻين ڪيترن ئي ڀلين صفتن کي سمايون ويٺيون آهن، جيڪي زندگي جي رحمت ، سڪون ۽ دلي لڳاء جو سبب ٿين ٿيون . حضرت زهراء   سلام الله عليها  به انهن صفتن جون مالڪ هيون ۽ ڪوشش ڪنديون هيون ته زندگي جي سخت مشڪلاتن جي هوندي ڪڏهن به امام علي  عليه السلام  جي پريشاني جو سبب نه بڻجن، ايستائين جو سڄي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪا هڪ ننڍي ۾ ننڍي فرمائش به پنهنجي شوهر کان نه ڪيائون.

جي ها دنيا جي رنگينن ۽ بيهودين کان پاڪ ايتري تائين جو زندگي جي ضروريات کان به پرهيز بي بي کي انساني ڪمال جي بلندين تائين پهچايو آهي ۽ عظيم شخصيت جي مالڪ قرار ڏنو آهي. تاريخ جي گواهي جي مطابق هڪ ڏينهن حضرت زهراء   سلام الله عليها  بيمار هيون ته امام علي  عليه السلام  کين قسم ڏئي چون ٿا ته زهراء ڪا فرمائش ڪر، امام علي  عليه السلام  جي گھڻي اصرار کانپوء حضرت زهراء   سلام الله عليها  فرمائن ٿيون: اگر تنهجو ايترو اصرار آهي ته منهنجي لاء هڪ ڏاڙهون آڻ، امام علي  عليه السلام  گھران نڪرن ٿا ته جيئن حضرت زهراء   سلام الله عليها  جي لاء ڏاڙهون آڻن.....“(5) بهر حال امام علي  عليه السلام  ۽ حضرت زهراء   سلام الله عليها  جي زندگي پيار ۽ خلوص سان ڀريل هئي، ايتري تائين جو زندگي جي سخت گھڙين ۾ به هڪ ٻئي جي لاء دل جو سهارو ۽ آٿت هيا.

عبادت ۽ شب بيداري.

اگر عبادت کي عام معنا ۾ وٺون يعني ”خالص خدا خاطر معاشري جي ڀلائي ڪرڻ“ ته  حضرت زهراء   سلام الله عليها  ان ميدان ۾ قرآني نمونو نظر اينديون ۽ اگر عبادت کي پهنجي خاص معنا ۾وٺون يعني ”عاجزي ۽ انڪساري واري نماز ۽ شب بيداري“، ته ان ميدان ۾ به بي بي پنهنجي بابا حضرت رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  جي سيرت تي ڪامل نموني عمل ڪندي شب بيداري ۽ عبادت ڪندي نظر اچن ٿيون.

قرآن مجيد عبادت کي عقلمندي جي علامت قرار ڏيندي فرمائي ٿو: الذين يذکرون الله قياما و قعودا و علي جنودهم و يتفکرون في خلق السماوات الارض“(6) عقلمند اهي آهن جيڪي اٿندي، ويهندي، سمهندي يعني هر حال ۾ خدا کي ياد ڪن ٿا ۽ خدا جي خلقت ۾ غور ڪن ٿا .

حسن بصري (جيڪو پنهنجي زماني جو مشهور زاهد هيو) چوي ٿو: ”ما کان في هذه الامه اعبد من فاطمه، کانت تقوم حتي تورم قدماه“ (7) هن امت ۾ حضرت زهراء  سلام الله عليها  جيتري عبادت ڪرڻ وارو ڪير به نه هيو، بي بي ايترو ته عبادت ۾ بيهندي هئي جو سندس پير سڄي ويندا هئا.. بي بي جڏهن عبادت جي لاءِ مصلي تي ايندي هئي ته خوف خدا ۾ سندس جسم تي لرزو تاري ٿي ويندو هئن.

ايثار ۽ قرباني

حق جي وصيت ۽ نصيحت ڪرڻ، معاشري جي ڀلائي ۽ سعادت جو اهم رڪن آهي. قرآن مجيد به ان طرف اسان جي رهنمائي ڪندي فرمائي ٿو: ”وتواصو بالحق وتواصوا بالصبر“(8) اها خير خواهي ۽ ٻين جي ڀلائي گھرڻ واري خصلت جڏهن  ڪمال ۽ اوج تي رسندي آهي ته اتان ”ايثار ۽ قرباني“ يعني ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏيڻ وارو جذبو وجود ۾ ايندو آهي.

اهي ٻئي خوبيون ( يعني حق جي وصيت ڪرڻ ۽ ايثار ۽ فداڪاري وارو جذبو ) حضرت زهراء  سلام الله عليها  جي زندگي ۾ چٽيون ۽ نمايان نظر اچن ٿيون. اسان هتي بي بي جي زندگي جي ڪجھ واقعن کي بيان ڪريون ٿا:

1. امام حسين  عليه السلام  پنهنجي ڀاء امام حسن  عليه السلام  کان روايت ڪن ٿا ته :”هڪ رات مان امان زهراء کي ڏٺم ته محراب عبادت ۾ عبادت ۾ مصروف آهن، ڪڏهن قيام جي حالت ۾، ڪڏهن رڪوع ته ڪڏهن سجدي ۾ آهن، ايستائين جو صبح جي اڇاڻ ظاهر ٿي، مان ٻڌم پئي ته امان لڳاتار مومن مردن ۽ عورتن ۽ پاڙي وارن جي لاء دعا پي ڪيائون. ۽ پنهنجي لاء ڪا به دعا نه گھريائون، ته مان چيامانس : امان اوهان ٻين جي لاء ته دعا ڪيو پر پنهنجي لاء ڪا به دعا نه گھريو ڇو؟ ته امان فرمايو: الجار ثم الدار“ پٽ پهريان پاڙي وارا پوء پاڻ ء گھروارا“ (9)

هن واقعي ۾حضرت زهراء  سلام الله عليها  جي  ايثار ۽ قرباني جوعملي نمونو ڏ سڻ ۾ اچي ٿو. ابن جوزي روايت ڪري ٿو: ”جنهن رات حضرت  زهراء  سلام الله عليها  جي  شادي هئي ۽ بي بي کي اڃا شادي وارو نئون  وڳو پهريل  هيو  ته  ايتري  ۾ هڪ  فقير سندن در تي صدا ڏني ته اي اهلبيت نبوت مونکي ڪو پراڻو لباس عطا ڪريو . حضرت زهراء   سلام الله عليها  ان کي پراڻو لباس ڏيڻ جو ارادو ڪيو ليڪن  سندن  فڪر قرآن مجيد  جي هن  آيت  تي پيو ”لَن تَنَالُواْ الْبِرَّ حَتَّى تُنفِقُواْ مِمَّا تُحِبُّونَ (10) ته بي بي  پنهنجو شادي واري  نئو وڳو فقير  کي ڏنو ۽ پاڻ پراڻو وڳوپهريو. جڌهن رسول خدا کائين پڇو ته ڇو اوهان نئون وڳو فقير کي ڏنو ۽ پاڻ پراڻو  وڳو پهريو اٿو؟ ته بي بي فرمايو  بابا  مان چاهيم ته  قرآن مجيد جي  هن آيت ”تَنَالُواْ الْبِرَّ“ کي عملي جامو پهرايان ۽  ان تي عمل  ڪيم.

2. زمخشري تفيسر ”الکشاف“ ۾ ابن عباس کان روايت ڪري ٿو: ”جڏهن امام حسن  عليه السلام  ۽ امام حسين  عليه السلام  بيمارٿي پيا ته حضرت رسول اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  ڪجھ صحابين  سان گڏ سندن عيادت ڪرڻ آيا ته پاڻ  مولا علي  عليه السلام  کي  فرمايائون : اگر  هنن جي شفا جي لا  باس باسيندين ته خدا هنن کي شفا ڏيندو،  ان وقت حضرت علي  عليه السلام ، حضرت زهرا  سلام الله عليها  ۽ حضرت  فضه  نذر  ڪئي  ته اگر  حسنين عليهما السلام صحتمند  ٿيا ته اهي ٽي ڏينهن روزا رکندا، جڏهن  حسنين ڪريمين عليهم السلام شفاياب ٿيا  ته انهن روزو رکيو، اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ مولا علي  عليه السلام  جي گھر ۾ کائڻ لاء ڪجھ به هيو، مولا  ٽي ڪلو جَوَ اوڌر تي وٺي آيا  ۽ حضرت زهرا  سلام الله عليها  انهن کي پيسي اٺو ڪيو، نماز مغرب کان پوء جڏهن افطاري لاءِ دسترخوان تي ويٺا ته هڪ مسڪين سندن دروازو کڙڪايو ۽ ماني جي گھر ڪئي، ان وقت سڀ ماني فقير کي ڏنائون ۽ پاڻ فقط پاڻي سان روزو افطار ڪيائون. ٻئي ڏينهن به افطاري جي وقت هڪ يتيم دروازو کڙڪائي ماني جي گھر ڪئي ته انهن پنهنجو کاڌو ان يتيم کي ڏئي پاڻ بک  تي سمهي پيا ۽ ٽئين ڏينهن وري افطاري جي ٽائيم تي هڪ اسير سندن دروازي تي ماني لاء صدا هنئي ته انهن پنهنجو کاڌو اسير کي ڏئي ڇڏيو. ان وقت پرودگار عالم جي طرفان حضرت جبرائيل  انهن جي خلوص ۽ ايثار کي بيان ڪندي سوره ”هل اتي..“ کڻي نازل ٿيو.

جي ها پاڻ تي ٻين کي ترجيح ۽ اهميت ڏيڻ لاءخلوص، محبت الاهي ۽ انسانيت جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهي ٽئي خوبيون حضرت زهراء ۾ موجود هيون.

ٻين کي تعليم ڏيڻ.

رسالت جي اهم ڪمن مان هڪ اهم ڪم ”ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيڻ “ آهي، پروردگار منان رسالت جي ان ڪم کي بيان ڪندي فرمائي ٿو: هُوَ الَّذِي بَعَثَ فِي الْأُمِّيِّينَ رَسُولًا مِّنْهُمْ يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِهِ وَيُزَكِّيهِمْ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ. (11) (الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر موڪليو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي،“

حضرت زهراء  سلام الله عليها  به رسالت جي ان ڪم ۾پاڻ ڪريمن  سان شريڪ هيون، پاڻ عورتن ۽ مردن جي سوالن جا جواب ڏينديون هيون ۽ عورتن کي شرعي حڪمن جي تعليم به ڏينديون هيون.

حضرت امام حسن عسڪري  عليه السلام  روايت ڪن  ٿا: ”هڪ عورت حضرت زهرا وٽ آئي ۽ عرض ڪيائين ته منهنجي ماء بيمار آهي ۽ نماز جي باري ۾ڪجھ سئوال پڇڻ جي لاء مون کي اوهان جي خدمت ۾ موڪليو اٿائين ته جيئن انهن جا جواب اوهان کان حاصل ڪري انهن کي وڃي ٻڌايان. پوء ان عورت سوال پڇڻ شروع ڪيا ۽ حضرت زهراء  سلام الله عليها  حوصلي ۽ اطمينان سان جواب ڏينديون رهيون، ليڪن اها عورت گھڻن سوالن جي ڪري شرمندگي محسوس ڪري رهي هئي ۽ چيائين ته مان ان کان وڌيڪ اوهان کي تڪليف ڏيڻ نٿي چاهيان ته بي بي فرمايس: ڪا ڳاله ناهي جيڪو چاهين پڇي سگھين ٿي، ڇو ته تنهنجي هر سوال جي جواب جو خدا مونکي بهترين اجر ڏيندو ۽ فرمايائون ته اگر ڪوشخص هڪ ڏينهن هڪ وزني شي کي ڇت تائين کڻي وڃي ۽ انکي هڪ هزار دينار مزدوري جا ڏنا وڃن ته ڇا ان جي لاء اهو بار کڻڻ تڪليف جو سبب ٿيندو؟ عورت عرض ڪيو ته نه سائيڻ انکي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿيندي، پوء بي بي فرمايو: مان تنهنجي هر سوال جي جواب جو خدا جي بارگاه مان ان کان وڌيڪ حق ۽ اجر حاصل ڪنديس، ان ڪري تون پريشان نه ٿي ۽ بابا رسول خدا مونکي ٻڌايو آهي ته اسان جي مڪتب جو استاد قيامت جي ڏينهن ان علم جي برابر جيڪو ان ٻين کي سيکاريو هوندو، ان کي اجر ڏنو ويندو  ۽ ان کي هڪ اعلي مقام ڏنو ويندو ۽ پوء ان کي خطاب ٿيندو ته اي اهي شخص جن آل محمد  عليهم السلام  جي يتيمن جي سرپرستي ڪئي (انهن کي علوم آل محمد  عليهم السلام  سان سينگاريو) ۽ انهن جا روحاني ۽ ديني پيء هئو اچو اڄ پنهنجو اجر ۽ حق وٺو.“ (12)

اولاد جي تعليم ۽ تربيت

قرآن ڪريم سڀني مومنن کي حڪم ڏنو آهي ته : يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا قُوا أَنفُسَكُمْ وَأَهْلِيكُمْ نَارًا وَقُودُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ“ (13) اي ايمان وارؤ پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پٿر ھوندا“ پاڻ کي گناهن ۽  بچڙائن کان بچائڻ ۽ خاندان وارن کي  تعليم ۽ تربيت جي ذريعي امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪندي هر قسم جي خطا، غلطي ۽ گناه ۽ بڇڙائن کان بچائڻ هر مومن تي واجب آهي. قرآن جي حڪم جي بنا تي حضرت زهراء  سلام الله عليها  جيڪا پاڻ وحي رسالت  جي آغوش ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري چڪي هئي، پنهنجي اولاد جي تربيت  جي ذميواري کي اهڙي نموني ته انجام ڏنائون جو معاشري کي حضرت حسن ۽ حسين عليهما السلام جهڙا تربيت يافته پٽ ۽ حضرت زينب   سلام الله عليها  ۽ حضرت  ام کلثوم  سلام الله عليها  جهڙيون نيڪ سيرت ڌيئرون ڏئي معاشري  جي عورتن ۽ مائرن جي لا نمونه عمل ڇڏي ويون آهن. بي بي  ان عظيم ذميواري کي  انجام ڏيڻ جي شروعات حسنين  عليهما السلام جي ڪنن ۾ اذن ۽  اقامت  چوڻ  سان  ڪن ٿيون، سندن سهڻا نالا رکن ٿيون.

 امام حسن   عليه السلام  کي ننڊپڻ ۾ ئي مسجد  ڏانهن موڪلين ٿيون ته جيئن رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جا خطبا ۽ نصحتيون  ٻڌي دل ۽ جان سان  انهن  کي ياد ڪري. پاڻ انهن سان گڏجي راند ڪن ٿيون  لکڻ ۽ ملهه جا مقابلا ڪرائن ٿيون،  انهن جي گهر کان  ٻاهر  هجڻ  جي دوران  انهن  تي توجه  ۽ نظر رکن ٿيون، لباس، غذا ۽ محبت ۾ به انهن سان هڪجهڙو  سلوڪ ڪن ٿيون. اهڙي طرح مختلف طريقن سان پنهنجي اولاد جي بهترين تربيت ڪن ٿيون.

گھر ۾ ڪم ڪار

ڪم ڪار، محنت ۽ ڪوشش ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ انساني زندگي جو حصو آهي ۽ بي ڪار ۽ بي ڪاري ۽ واندڪائي نظام زندگي کي مفلوج بڻائي ٿي ڇڏي، ان ڪري قرآن ڪريم سڀني انسانن کي زندگي جي اهم اصول جي طرف توجه ڏياريندي فرمائي ٿو: ”وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى“ (14) ۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين“

 انسان جي لاء محنت ۽ ڪوشش کان سواء ڪجھ به حاصل ناهي ٿيندو جنهن جي لاء ڪوشش ڪندو فقط اهو ئي حاصل ٿيندو. ۽ هڪ ٻئي آيت ۾ اسان کي حڪم ڏئي ٿو: ”فَإِذَا فَرَغْتَ فَانصَبْ“ ۽ جڏهن هڪ اهم ڪم مان فارغ ٿي وڃي ته ٻئي ڪم ۾ مصروف ٿي وڃ“ آئمه معصومين  عليهم السلام  به پنهنجي زندگين ۾ ڪم ڪار، محنت ۽ ڪوشش ڪندا رهيا آهن. حضرت زهراء  سلام الله عليها  پڻ ڪم ڪار ۽ محنت ڪنديون هيون، شادي جي پهرين ڏينهن ۾ ئي رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم  حضرت زهراء  سلام الله عليها  جي گھر آيا ۽ مولا علي  عليه السلام  ۽ حضرت زهراء  سلام الله عليها  کي ڪم ورهائي ڏين ٿا ۽ فرمائن ٿا: ته زهراء گھر جي اندر وارا ڪم ڪندي ۽ علي گھر کان ٻاهر وارا ڪم ڪندو ۽ ان تقسيم بندي تي حضرت زهراء ڪافي دفعا پنهنجي رضا مندي جو اظهار به ڪيو.(15)

هڪ  ڏينهن مولا علي  عليه السلام  بني سعد جي هڪ مرد کي فرمائن ٿا:  تون منهنجي ۽ زهراء جي گڏيل زندگي کي ٻڌڻ چاهين ٿو ته ٻڌ: زهراء اها لاڏلي ڌيء آهي جيڪا رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  کي سڀني کان وڏيڪ پياري هئي ليڪن منهنجي گھر ۾ اچڻ کانپوء ايترو ته مشڪ سان پاڻي ڀريو هيائين جو سندس جسم ته ان جا نشان پئجي ويا، ايترو ته جنڊ هلائيندي هئي جو هٿن ۾ لفون پئجي وينديون هيس ۽ گھر ۾ ايتري ته ٻهاري ڏيندي هئي جو سندس جسم ۽ ڪپڙا مٽي سان ڀرجي ويندا هئا، ماني ۽ کاڌو پچائڻ لاء ايترو ته باه جي ويجھو ٿيندي هئي“ جو سندس لباس ميرو ۽ ڪارو ٿي ويندو هيس.“(16)

هڪ ڏينهن حضرت زهراء  سلام الله عليها  نوڪرياڻي وٺڻ جي لاء رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي بارگاه ۾ وئي پر جڏهن ڏٺائين ته اڃا مهاجرن جي لاء رهڻ جو ڪو خاص بندوبست ئي نه ٿيو آهي ۽ بي گھر ماڻهو اڃا مسجد جي چپوتري ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان ڪري رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  کين نوڪرياڻي نه ڏني، بلڪه انهن جي معنوي ضرورتن کي پوري ڪرڻ خاطر تسبيح جو ذڪر عطا ڪيو جيڪو ” تسبيح فاطمة الزهراء“ سان مشهور آهي ۽ بي بي ان تي راضي ٿي ۽ واپس هليون ويون.(17)

 جابر بن عبدالله انصاري پڻ روايت ڪري ٿو:” هڪ ڏينهن رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم   جناب زهراء کي ان حالت ۾ ڏٺو جو کيس ٿلهو لباس پهريل هيو هڪ هٿ سان چڪي هلائي رهئي هئي ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي فرزند کي کير پياري رهي هئي پاڻ روئندي فرمايائون ڌيء هن دنيا جي سختين کي برداشت ڪر ته جيئن آخرت جي مٺاڻ ۽ لذت حاصل ڪري سگھين، بي بي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ان مناسبت سان هي آية پيغمبر اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  تي نازل ٿي:”وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَى“ (18) ۽ تنهنجو رب توکي ايترو عطا ڪندو جو تون راضي ٿي ويندين.“(19)

امامت جو دفاع

اعلان نبوت کانپوء ۽ ٽي سال لڪيل نموني سان تبليغ کانپوء جڏهن هي آية نازل ٿي: وَأَنذِرْ عَشِيرَتَكَ الْأَقْرَبِينَ“(20) ته جيئن پيغمبر اڪرم  صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي ويجھن مائٽن کي کلي نموني اسلام جي دعوت ڏئي، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جن مولا علي  عليه السلام  جن کي حڪم ڏنو ته انهن جي لاء کاڌي جو بندوبست ڪري، ان دعوت ۾ چاليهه ماڻهو آيا ۽ رڍ جي هڪ ران مان ”جيڪا با برڪت هئي“ سڀني ماڻهن کائي ڍئو ڪيو پوء رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  انهن سان مخاطب ٿيندي انهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ فرمايائون: ”امرني الله تعالي ان ادعوکم اليه...“ (21) ليڪن ان دعوت ۾ امام علي  عليه السلام  کانسواء ٻئي ڪنهن به دعوت کي قبول نه ڪيو، جڏهن ته مولا علي  عليه السلام  سڀني کان عمر ۾ ننڍا هئا .

 ان کانپوء مصيبتون ويون وڌنديون ۽ جڏهن حضرت زهراء  سلام الله عليها  هن دنيا ۾ آيون ۽ اڃان ننڍي عمر ئي هئن جو جڏهن حضرت رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  دشمنن جي طرفان ڏنل تڪليفون برداشت ڪري گھر ايندا هئا ته حضرت زهراء  سلام الله عليها  ئي هوندي هئي جيڪا کين آٿت ۽ تسلي ڏيندي هئي رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  کانپوء مولا علي  عليه السلام  سان جيستائين زنده هيون هر تڪليف ۾ ساڻن گڏ هيون ۽ امامت جي دفاع ۾ جيڪي بي بي تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪيون اسان انهن مان ڪجھ نمونا هتي ذڪرڪنداسين:

1. رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات کانپوء جڏهن غاصبن اميرالمومنين  عليه السلام  جي حق خلافت تي قبضو ڪري ورتو ته ان وقت حضرت زهراء  سلام الله عليها  جن راتين جو حسنين ڪريمين عليهما السلام  کي ساڻ ڪري انصار جي گھرن ۾ وينديون هيون ۽ انهن کان حق کي واپس ڪرڻ لاء مدد گھرنديون هيون، ليڪن انصار اهو چئي ته اي رسول جي نياڻي توهان دير سان آيا آهيو اسان هن کان پهريان ئي بيعت ڪري ڇڏي آهي حضرت زهراء  سلام الله عليها  جي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيائون، ته ان وقت بي بي ناراضگي جو اظهار ڪندي فرمايو: علي پنهنجي ذميواري ادا ڪئي ۽ ماڻهن به پنهنجو ڪم ڪيو آهي جو انهن کي اجر به ان جو ئي ڏنو ويندو“(22)

2. محمود بن لبيد چوي ٿو:” رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي وفات کانپوء حضرت زهراء  سلام الله عليها  لڳاتار شهداء احد جي مزارن تي ويندي هئي ۽ خاص ڪري  سيدالشهداء حضرت حمزه جي مزار تي ڏاڍو روئندي هئي، هڪ ڏينهن مان بي بي وٽ ويس ۽ ان کي تسلي ڏيندي سوال ڪيم ته ڇا رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  پنهنجي وفات کان پهريان علي  عليه السلام  جي امامت جي باري ۾ واضح  لفظن ۾ ڪا خاص ڳالهه نه ڪري ويا هئا؟ ته بي بي جواب ۾ فرمايو: مونکي تو تي تعجب ٿئي ٿو ڇا غدير وارو قصو وساري ڇڏيو اٿئي ان کان علاوه مان رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  کان ٻڌم پاڻ فرمايائون ته علي منهنجو بهترين جانشين  آهي ۽ اسانکي اهو ڄاڻڻ گھرجي ته رسول الله فرمائي چڪو آهي ته علي جو مثال ڪعبي وانگر آهي ماڻهن کي گھرجي ته ان ڏانهن اچن نه ڪه ڪعبو انهن ڏانهن اچي.(23)

3. اهم ترين ۽ حساس ترين ڪم جيڪو حضرت زهراء  سلام الله عليها  جن حضرت علي  عليه السلام  جي امامت ۽ ولايت جي لاء انجام ڏنو هو، اهو خطبو آهي جيڪو رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جي وفات کانپوء بي بي مسجد نبوي ۾ مهاجرن ۽ انصار سان مخاطب ٿيندي بيان فرمايو هيو، جنهن ۾ بي بي توحيد جي باري ۾ معرفت ڀريا جملا، نبوت جھڙي اهم موضوع جي وضاحت، قرآني معلومات ۽ قرآن جي شناخت، احڪام شرعي جو فلسفو، امت جي نجات ۽ ترقي لاء رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  جون ڪيل ڪوششون ۽ ان راه ۾سهيل تڪليفون، مولا علي  عليه السلام  جو مقام ۽ حيثيت جيڪو رسول الله  صلي الله عليه وآله وسلم  وٽ انهن لاء هيو ۽ آخر ۾ خلافت غصب ڪندڙن جي ملامت ۽ بيڪار ۽ سست دوستن ۽ مددگارن جي لاچاري کي بيان ڪيو ته جيئن ماڻهو سڌي رستي تي اچي وڃن ۽ ابدي هلاڪت ۽ بردباري کان بچي وڃن، ليڪن اهو نه ٿي سگھيو جيڪو بي بي ٿي چاهيو.(24)

حوالا

1. سورت حجر.94

2. تاريخ الامم والملوک،ج 2، ص 229

3. بحار الانوار. ج18 ص،60

4. سورت نساء ،21

5. رياحين الشريعه،ج 1،ص 143

6. سورت آل عمران 191

7. بحارالانوار،ج43 ص،84

8. سورت العصر.3

9. بحارالانوار،ج43،ص82

10. سورت العمران 92

11. سورت جمعه،2

12. منية المريد،32

13. سورت تحريم،6

14. سورت نجم ،39

15. قرب الاسناد،55

16. بحار الانوار،ج43 ص.82

17. بحار الانوار،ج43 ص.82.89

18. سورت ضحي، 5

19. مجمع البيان ج،5 ص 505

20. سورت شعراء،214

21. الارشاد مفيد،29

22. الامامة السياسة،ج 1، ص 12

23. اسد الغابه  31

24. الاحتجاج، طبرسي ج 1، ص 141

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي