سومر, 13 جولاءِ 2020

امام جعفر صادق عليه السلام، بزرگان اهل سنت جي نگاھ ۾

  • انداز قلم

مهاڳ:

تاريخ انسانيت ۾ هميشه اهڙا انسان موجود رهيا آهن، جن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ انهن جي وڇڙڻ واري خلا واضح نموني سان محسوس ٿيندي آهي، ليڪن بعد ۾ ايندڙ دانشور ڪنهن طريقي سان اچي ان خلا کي ڀريندا آهن.

سيرت معصومين عليهم السلام

ليڪن بلڪل گھٽ آهن اهڙا انسان جن جو فڪر ان جي وفات کان پوءِ به معاشري جي مدد لاءِ اچي، ان مٿان حاڪم بڻيو هجي.  سو به اهڙي نموني سان جو بعد ۾ ايندڙ دانشور  ان جي فڪري محور بابت سوچين.

امام جعفر صادق عليه السلام به آڱرين تي ڳڻڻ واري اهڙي انسانن جي صف ۾ آهي، جنهن جي وجودي خلا کي فقط ان جا عظيم  ۽ اهم افڪار  ئي ڀري سگھيا آهن.  تنهن ڪري هو ڪو شمع وانگر ناهي جنهن جي سڙڻ ۽ جلڻ جي نتيجي ۾ پروانا اچي گڏ ٿين  ۽ نه وري سج وانگر آهي جنهن جي روشني جي تاءَ بابت ڪا ڳالھ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي ڪا واٽ ملي. بلڪه هو ته (اظهر من الشمس) سج کان به وڌيڪ ظاهر ۽ چٽو آهي ، ان ڪري جو  طريقت جا پير به پنهنجي شناخت لاءِ سندس مبارڪ  ۽ شريف وجود سان مصاحبت جا محتاج  آهن.

تنهن ڪري سندس شخصيت جي بهتر شناخت لاءِ ڪمال جي واٽ واري اهڙي واٽهڙن  جي پوئلڳي ڪندا سين ، جيڪي امام جي طريقي کي اپنائي اهو مقدس رستو  ۽ سلوڪ اختيار ڪري  سعادت جي بلندين تي پهتا آهن.  ۽ مولا جي طريقي تي هلندڙ سالڪن جي زباني ٿيل اعتراف بيان ڪندا سين  ۽ هن محاوري (ما قاله الاعلام فى فضائل الامام الصادق علیه السلام ) موجب سندس ميوي دار وڻ کي، ان جي محبن سامهون پيش ڪندا سين.

ليڪن هڪ ڳالھ هي ته محبان اهل بيت عليهم السلام  منجھان علم ۽ معرفت سان سرشار ڪيترن ئي بزرگن سڌو سئون يا اڻ سڌي طريقي سان مولا جي محضر مان فيض ۽ فائدو حاصل ڪندي، ان بابت ڪجھ گھڻو ڪجھ بيان ڪيو آهي . ليڪن اسان هن پتڪڙي لکڻيءَ ۾  

اهل سنت جي معتبر ڪتابن منجھان مستند ۽ مستدل نموني سان  اهل سنت جي ڪجھ بزرگ ۽ نامور هستين جي نظريات کي   مولا بابت نقل ڪندا سين ان اميد سان ته  پنهنجي تن کي تقوى جي لباس جي زينت بخشي، پاڪيزه انسانن وانگر ، عزت ۽ شرافت جي  جو راهي بڻائي، پنهنجي مڪمل وجود سان نپائڻهار جي راضپي خاطر، خلق خدا جي خدمت ڪندي ڪوشش ڪندا رهندا سين ۽ هن بگڙيل ماحول ۾ وري محبت، صداقت ۽ اتحاد کي پسند ڪري مطمئن دل سان آخرت واري راھ ڏانهن قدم وڌائيندا سين.

 

1 ـ امام مالڪ بن انس

محمد بن زياد ازدي چيو: مون ٻڌو ته مالڪ بن انس چوي پيو: مان هڪ ڏينهن جعفر بن محمد الصادق جي محضر ۾ حاضر ٿيم، سو به ان طريقي سان ته منهنجي گھڻي قدر پئي ڪيائين ۽ چيائين پئي ته: اي مالڪ مان توکي چاهيان ٿو، اهو ٻڌي مان خوشحال پئي  ٿيس ۽ پالڻهار جو شڪر ادا پئي ڪيم.  ۽ مان کيس ڪڏهن به هنن حالتن کان بغير نه ڏٺم ته يا کيس روزو هوندو هيو  يا نماز پيو پڙهندو هيو يا  الله سائين جي ذڪر ۾ مشغول هوندو هيو.

هو وڌيڪ چوي ٿو: مان کيس ڪڏهن به هنن ٽن خصلتن کان سواءِ نه ڏٺو يا ته هو نماز پيو پڙهندو هيو  يا تلاوت قرآن ۾ مشغول هوندو هيو ۽ مان ڪڏهن به کيس بغير وضوءَ جي نه  ڏٺو (1)

 

2 ـ امام ابو حنيفه

۽ ابو حنيفه جو چوڻ آهي ته: منهنجي اکين جعفر بن محمد کان وڌيڪ فقيه ناهي ڏٺو (2) 

 

3ـ امام شافعي

ابن حجر عسقلاني چوي ٿو: اسحاق بن راهويه چيو ته مان شافعي کان پڇيم ته جعفر بن محمد تو وٽ ڪيئن آهي ته شافعي چيو: (ثقة ) مون وٽ مڪمل طور تي قابل اطمينان آهي (3)

 

4 ـ عمرو بن المقدام

ابو نعيم اقفهاني پنهنجي ڪتاب حلية الاولياء  ۾ عمرو بن المقدام کان نقل ٿو ڪري ته ان چيو: (کنت اذا نظرت الى جعفر بن محمد علمت انه من سلالة النبیین )  مان جڏهن به جعفر بن محمد ڏانهن ڏسندو هيس ته مونکي پڪ ٿيندي هئي ته هو انبياء جي (سلاله) باقيات ۽ نسل منجھان آهي. (4)

 

5ـ ابن حبان

وري به ابن حجر عسقلاني،امام صادق عليه السلام بابت ابن حبان جو قول نقل ڪندي لکي ٿو: ابن حبان چيو: هو اهل بيت جي سيدن منجھان اهڙو انسان آهي جيڪو فقيه عليم ۽ فاضل هيو ۽ ان جي ڳالهين جا محتاج هئا سين. (5) 

ٻي روايت ۾ بيان ٿيو آهي: هو اڪيلو اهڙو انسان هيو جو مڙئي فقيه، عالم ۽ فاضل  ان جي گفتگو جا محتاج هئا.

 

6 ـ ابو حاتم

ذهبي پنهنجي ڪتاب ڪتاب تذڪرة الحفاظ ۾ لکي ٿو: (قال ابو حاتم: ثقة لايسئل عن مثله)

يعني امام صادق عليه السلام  ايترو ته مورد اعتماد هيو  جو ان جيترا ڪنهن کان سوال نه پڇيا ويندا هئا. (6)

 

7ـ ابن ابي حاتم

ابن جر عسقلاني هڪ ٻي جاءِ تي پنهنجي ڪتاب تهذيب التهذيب  ۾ ابن ابي حاتم کان نقل ٿو ڪري پنهنجي والد جي واسطي ته ان چيو : (جعفر الصادق ثقة لايسال عنه ) يعني امام صادق عليه السلام  ايترو ته مورد اعتماد هيو  جو ان جيترا ڪنهن کان سوال نه پڇيا ويندا هئا (7)

 

8ـ شهرستاني

 هو پنهنجي مشهور ڪتاب  ”الملل و النحل“  ۾ حضرت امام صادق عليه السلام جي عظمت ۽ بزرگي بابت لکي ٿو: هو ايتري شدت سان ته خدا سان انس ۽ محبت رکندو هيو جو ماڻهن سان ملاقات کان به ڊڄندو هيو  ، هميشه ماڻهن سان ملاقات کان دوري اختيار ڪندو هيو  ۽ سندس عقيدو اهو هيو  ته جيڪو  به خدا کان علاوه ڪنهن ٻي سان مانوس ٿيندو  ته اهو وسواسي ٿي ويندو (8)

اسان توڙي ان عقيدي سان متفق ناهيون ليڪن امام وٽ خوف خدا جي شدت  ڪيتري حد جي هئي ان کي سمجھن لاءِ بهترين ڳالھ آهي.

 

9 ـ ابن حجر هيثمي

هي به اهل سنت جي نامور ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو  اهو پنهنجي مشهور ڪتاب  الصواعق المحرقة  ۾ هن موضوع بابت محمد بن علي عليهما السلام  جي پاڪيزه نسل منجھان کيس ڇھ فرزند هئا جن منجھان مڙني کان افضل ۽ ڪامل تر  امام جعفر صادق عليه السلام هيو، جيڪو امام باقر کان بعد سندس وصي ۽ جانشين هيو  ۽ ماڻهن امام وٽان نشر ٿيل  علمن جي ڳالھ مختلف شهرن تائين پهچائي  آهي. ۽ ڪيترن ئي بزرگن ۽ سردارن  ان کان حديثون روايت ڪيون آهن. (9)

 

10 ـ عبد الرحمن بن الجوزي

ابن جوزي جيڪو پاڻ به اهل سنت جي نامورعارفن  ۽ جهان اسلام جي مشهور ليکڪن منجھان آهي، اهو پنهنجي صفة الصفوة نالي ڪتاب ۾ لکي ٿو: (کان (جعفر بن محمد) مشغولا بالعبادة عن حب الریاسة ) (10) جعفر بن محمد اهڙي شخصيت هيو جيڪو حڪومت جي چاهت کان به وڌيڪ عبادت ۾ مصروف رهندو هيو.

 

11 ـ شبلنجي

هي رباني عارف پڻ اهل سنت جي مشهور ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو اهو پنهنجي مشهور ڪتاب نور الابصار ۾ لکي ٿو: (کان جعفر الصادق(رضى الله عنه) مستجابالدعوة و اذا سأل الله شیئاً لم یتم قوله الا و هو بین یدیه)

جعفر الصادق عليه السلام مسجاب الدعاء  هيو ۽ سندس دعا هميشه بارگاھ خدا ۾ قبول ٿيندي هئي،  ۽ جيئن ئي پالڻهار کان ڪنهن شي جي گھر ڪندو هيو ته سندس دعا ختم ٿيڻ کان پهريان ئي اها شي سندس سامهون هوندي هئي (مهيا ٿي ويندي هئي). (11)

 

12 ـ ابن خلڪان

هي به اهل سنت جو مشهور ۽ نامور ليکڪ آهي، پنهنجي وفيات الاعيان نالي ڪتاب ۾  هن ريت بيان ڪيو آهي: (و کان من سادات اهل البیت و لقب بالصادق لصدقه فى مقالته... و کان تلمیذه ابوموسى جابر بن حیان الصوفى الطرسوسى قدألف کتاباً یشتمل على ألف ورقة تتضمن رسائل جعفر الصادق وهى خمس مأة رسالة)  يعني امام جعفر الصادق عليه السلام  اهل بيت جي سيدن منجھان شمار ٿيندو هيو  ۽ سندس گفتگو ۾ سچار هئڻ ڪري کيس صادق جو لقب مليس... ۽ ابو موسا جابر بن حيان،  به سندس شاگردن منجھان هڪ آهي  جنهن هزار پنن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ امام جعفر الصادق عليه السلام  جا رسالا آهن  جن جو انگ پنج سو آهي. (12)

 

13 ـ خير الدين الزرڪلي

هي به اهل سنت جي مشهور ليکڪن منجھان آهي جنهن پنهنجي ميراث ۾ ڪيترائي  قيمتي ڪتاب لکي ڇڏيا آهن ان پنهنجي ڪتاب الاعلام ۾  امام جعفر صادق عليه السلام بابت لکيوآهي: (کان من أجلّاء التابعین و له منزلة رفیعة فى العلم. أخذ عنه جماعة، منهم الإمامان ابوحنیفة و مالک و لقب بالصادق لأنه لم یعرف عنه الکذب قط له اخبار مع الخلفاء من بنى العباس و کان جریئاً علیهم صداعاً بالحق ) يعني امام جعفر صادق مشهور تابعين منجھان هيو، علم ۽ دانش ۾ وڏو مقام ۽ منزلت رکندڙ، هيو ڪيترن ئي ماڻهن ان کان علم پرايو انهن منجھان اهل سنت جا ٻه امام ابو حنيفه ۽ امام مالڪ به آهن ، سندس لقب صادق آهي، ان ڪري ڪوڪنهن به ڪڏهن به ان کان ڪو ڪوڙ ناهي ٻڌو ۽ ان سان مربوط اخبار  ۾ نقل ٿيو آهي ته حق جي بلندي لاءِ هميشه بني عباس  سان وڙهندو رهيو  ۽ ساڻن مقابلو ڪندو رهيو. (13)

 

14 ـ محمد فريد وجدي

 هي مشهور ليکڪ بهجيڪو اسلام جي نامور مفڪرن منجھان هڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مولف پڻ آهي . پنهنجي مشهور دائرة المعارف ۾ امام جعفر صادق عليه السلام بابت لکندي  سني مذهب هجڻ جي ناتي لکي ٿو: (ابوعبدالله جعفر الصادق بن محمدالباقر بن على زین العابدین ابن الحسین بن على ابن ابیطالب هو احد الأئمة الأثنى عشر على مذهب الامامیة کان من سادات اهل البیت النبوی، لقب الصادق لصدقه فى کلامه کان من افاضل الناس )

ابو عبد الله جعفر الصادق، محمد باقر بن علي زين العابدين بن حسين بن علي بن ابيطالب عليهم السلام جو ٻچڙو، مذهب اماميه جي آئمه منجھان هڪ آهي جيڪو نبوي سادات منجهان آهي،  ۽ دنسد گفتار ۾ صداقت سببان کيس صادق جو لقب مليو اٿس،  ۽ پنهنجي زماني جي بزرگن منجھان آهي.

 

15 ـ ابو زهره

محمد ابو زهره، جو شمار به  جهان اسلام جي مشهور ليکڪن منجهان ٿئي ٿو، اهو پنهنجي ” الامام الصادق“ نالي لکيل ڪتاب ۾ لکي ٿو: امام صادق عليه السلام پنهنجي  پوري بابرڪت  زندگي، هق جي طلب ۾ گذاري، ۽ ڪڏهن به ريب ، شڪ يا تريد جا پردا سندس قلب تي نه ڏٺا ويا  ۽ نه وري سندس فعاليتن  ان زماني جي ابتي سوچ رکندڙ سياستدانن جو رنگ اپنايو، تنهن ڪري جڏهن سندس رحلت ٿي ته اسلامي دنيا سندس فقدان کي باقاعده محسوس ڪيو  ڇاڪاڻ ته سندس تذڪرو هر زبان کي معطر  ڪري ڇڏيندو هيو  ۽ سڀ عالم  ۽ مفڪر  سندس فضل جو متفق ٿي اقرار ڪن ٿا. (15)

 پالڻهار کان دعا آهي ته اسان کي امام جي سيرت سمجھڻ ۽ عملي طور تي شخصيت سازي جي توفيق عطا فرمائي.

والسلام عليڪم و رحمة الله و برڪاته

حوالا

 

1 ـ تهذيب التهذيب ج2 ص104 ابن حجر عسقلانى.

2 ـ تذڪرة الحفاظ، ج 1، ص 166

3 ـ تهذيب التهذيب ج2 ص103

4 ـ حلية الاولياء، ج 3، ص 193

5 ـ تهذيب التهذيب ج2 ص104

6 ـ تذکرة الحفاظ، ج 1 ص 166

7 ـ تهذيب التهذيب ج2 ص103

8 ـ الملل و النحل، ج 1 ص 166

9 ـ ابن حجر هيثمي: الصواعق المحرقة، ص 120

10 ـ صفة الصفوة، ج 2، ص 168 رقم 186

11 ـ نورالابصار، ص 170

12 ـ وفيات الاعيان، ج 1 ص 291

13 ـ الاعلام، ج 2ص 121

14 ـ دائرة المعارف، ج 3، ص 109

15 ـ الامام الصادق، ص 65 و 68

16 ـ الفصول المهمة، ص 230

17 ـ حلية الاولياء، ج 3، ص 196

18 ـ حلية الاولياء، ج 3، ص 194

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي