سومر, 13 جولاءِ 2020

اسلامي معاشري ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جي شاگردن جو علمي مقام

  • انداز قلم

مهاڳ:

تاريخ اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهي جن جي وڃڻ سان معاشري ۾ خال پيدا ٿيندو آهي پر ان کان پوءِ ايندڙ دانشور ۽ مفڪر اچي ان خال کي ڀريندا آهن، پر اهڙا انسان بلڪل ٿورڙا آهن جن جو علم ۽ فڪر انهن جي حياتي کانپوءِ به معاشري مٿان حاڪم رهي

سيرت معصومين عليهم السلام

معاشري جي مدد ڪندو هجي سو به اهڙي نموني سان جو ان کان بعد ايندڙ دانشور ۽ مفڪر ان جي فڪر جي پيروي ڪندي انسانيت جي قافلي کي اڳتي هلائيندا رهن.

ولايت جي آسمان جو ڇهون ستارو حضرت امام جعفر صادق عليه السلام به انهن ٿورڙن انسانن منجھان هڪ آهي جنهن جو خال ڪوبه پورو ته ڪونه ڪري سگھيو بلڪه ان کان پوءِ ايندڙ هر دور جي مفڪرن هر علم جي ميدان ۾ امام عليه السلام جي فڪر مان فيض حاصل ڪري اوج حاصل ڪيو. پر امام عليه السلام ڪو اهڙو چراغ به ناهي جنهن جي ٻرڻ سان پروانه گڏ ٿيندا هجن نه وري ڪو اهڙو سج آهي جنهن جي روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڏسي عوام پنهنجو رستو ڳوليندي هجي، بلڪه امام عليه السلام ته سج کان به وڌيڪ روشن آهن ڇو جو طريقت جا پِير به ان جي وجود مان فيض حاصل ڪري پنهنجي منزل تائين پهچندا آهن.

ان عظيم انسان جي ان مقام جو راز به اهوئي آهي ته هن پنهنجي علمي ۽ عملي سيرت جي وسيلي هڪ اهڙو ثقافتي انقلاب آندو جنهن سان سندس علم، فضل، عبادت، شجاعت ۽ اخلاق جا چرچا ٿيڻ لڳا. انقلاب جي شروع ۾ ئي ڪفر جا بنياد اکڙي ويا، جهالت ختم ٿي وئي، انسانيت جي مايوسي اميدن ۾ تبديل ٿي وئي، هر ماڻهو لاءِ ڪمال تائين پهچڻ جي راھ روشن ٿي وئي  بلڪل ائين ئي جيئن ڪفر جي نابودي کان پوءِ الله سائين جي آخري نبي صلي الله عليه وآله وسلم جي اچڻ کان پوءِ دنيا جي هر محروم ۽ مظلوم قوم کي اميد ۽ آسرو ٿيو ته هاڻي اسان کي رهنمائي ملندي، ائين ئي پاڪ پيغمبر (ص) جي هن عظيم وارث به اهڙو علمي انقلاب برپا ڪيو جو انسان ايتري تائين جو اهل سنت جا امام به ان خاندان سان دشمني هوندي به اهو سمجھڻ لڳا ته جيڪڏهن ان عظيم امام عليه السلام  جي در تي وڃي فيض حاصل نه ڪيوسين ته ڪجھ به نه ڪري سگھنداسين ان ڪري فيض حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو اقرار به ڪيائون ته

( لولا السنتان لهلک النعمان)

جيڪڏهن اهي ٻه سال نه هجن ها ته نعمان بن ثابت (ابو حنيفه) هلاڪ ٿي وڃي ها.

علم، معرفت ۽ طريقت جا اهڙا ته کوڙ پِير آهن جن اهلبيت عليهم السلام جي محبت دل ۾ رکي هن در تان فيض حاصل ڪيو آهي اسان هتي امام عليه السلام جي انهن شاگردن مان  ڪجھ نامور شخصيتن جي زندگي تي نگاھ وجهنداسين ته انهن ان عظيم امام عليه السلام جي علم، فضل، صداقت ۽ شخصيت مان ڇا حاصل ڪيو ۽ دنيا تائين پهچايو.

امام پنهنجي شاگردن کي مختلف علوم ۽ فنون جيئن علم فقھ، علوم قرآن، علم طب ميڊيسن، علم الطبيعات، فزڪس، علم ڪيميا ڪيمسٽري، علم نبات بائيولوجي، علم الفلڪيات آسٽرونومي، علم ماحوليات انوايرنمنٽل سائنس، علم ڪلام فلسفه، علم حساب ميٿاميٽڪس، علم الحيوان و الطير زولاجي ۽ وٽنري سائنس ۽ آلجبرا وغيرھ جي تربيت ڏني جنهن جي نتيجي ۾ انهن تمام گهڻي مهارت سان تمام گهڻا ڪتاب لکيا، جيئن جابر بن حيان ”الميزان “ الرحمة“ ۽ ”مختار رسائل جابر“ وغيرھ.

علم ڪلام ۾ مفضل بن عمر جعفي اهم ڪتاب ”توحيد مفضل “پيش ڪيو جيڪو ڪلام جي موضوع ۾ بينظير ۽ بي مثال آهي.

حديث شناسي ۽ فقھ ۾ زراره بن اعين، ابان بن تغلب، جابر جعفي، بريدھ عجلي، ابن ابي يعفور، محمد بن مسلم، ابي عمير، ابو بصير اسدي، فضيل بن يسار، معلي بن خنيس، جميل بن دراج، حمار بن عثان ۽ هشام بن سالم وغيرھ جهڙن نامور افراد جي تربيت ڪئي.

مذهب جعفري جي دفاع لاءِ مناظري جي فن ۾ حمران بن اعين شيباني جهڙن مناظر انسانن جي تربيت فرمائي.

هن مختصر مقالي ۾ انهن سڀني شخصيتن جي علم ۽ انهن جي ڪاوشن تي نظر وجهڻ ڪافي مشڪل آهي پر اسان تمام اختصار سان امام عليه السلام جي ڪجھ شاگردن تي مختصر نگاھ وجهون ٿا.

جابر بن حيان:

هڪ اهڙو وقت هو جڏهن هڪ نئين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خبر  پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، اها جناب جابر بن حيان جي علمي دنيا ۾ آمد هئي. تاريخ اسلام جي هن عظيم هيرو کي جابر بن حيان صوفي به چيو ويندو آهي . هن دانائي (راز) علمي انڪشاف ۽ سائنسي تحقيقات جي حوالي سان هڪ نئين تاريخ جوڙي، دنيا ۾ مسلمانن جو سر فخر سان بلند ڪيو، ابن النديم پنهنجي مشهور ڪتاب ”الفهرست“ ۾ جناب جابر کي ياد ڪندي لکيو آهي: جابر بن حيان ۱۵۰ هڪ سئو پنجاه علمي ۽ فلسفي ڪتابن جو مصنف ۽ مولف آهي، ڪيمسٽري جابر بن حيان جي فڪري احسانن جو صلو آهي، کيس ڪيمسٽري جي دنيا ۾ پيءَ ۽ باني جو درجو ڏنو ويو آهي، ابن النديم جي مطابق جناب جابر امام جعفر صادق عليه السلام جي علم جي دستر خوان مان علم جا ڪجھ داڻا کڻڻ وارن مان شمار ٿيندو آهي.

ابن خلڪان هڪ سني محقق آهي جيڪو جابر بن حيان جي باري ۾ لکي ٿو ته: ڪيمسٽري جو هي باني امام جعفر صادق عليه السلام جو شاگرد هيو، ٻين مورخن به ڪجھ اهڙي طرح لکيو آهي. مزي جي ڳالھ هي آهي ته جن جن علمن جي بنياد جناب جابر رکي آهي انهن علمن کي پهريان ڪنهن به متعارف نه ڪرايو هو. پوءِ جناب جابر سائنس جي دنيا ۾ نوان نوان انڪشاف ڪري جديد ترين دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هن موضوع تي هن وقت تائين تمام گهڻي تعداد ۾ ڪتاب ۽ رسالا شايع ٿي چڪا آهن. دنيا جي سڀني سائنسدانن ۽ ماهرن جناب جابر جي جديد علمي خدمتن کي بيحد ساراهيندي چيو آهي ته جيڪڏهن جابر نه هجي ها ته پوري انسانيت اهڙي وڏي علم کان محروم رهجي وڃي ها.

ايران جي ممتاز دانشور جناب تقي زاده، جناب جابر بن حيان جي علمي ۽ ديني خدمات تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيائين: منهنجي خيال ۾ جناب جابر جي باري ۾ تمام گهڻيو شيون لڪيل ۽ پوشيدھ آهن. تعجب جي ڳالهه هي آهي ته جناب جابر جهڙي عظيم انسان جو تذڪرو اسان شيعن وٽ به تمام گهٽ ٿيندو آهي، ايسيتائين جو ڪجھ شيعن علم رجال ۽ حديث جي ڪتابن ۾ هن بزرگ جو نالو ڪٿي به ذڪر ناهي ڪيو، هي هڪ حقيقت آهي جنهن جو اعتراف پوري دنيا کي ڪرڻو پوندو ۽ مڃڻو پوندن ته امام جعفر صادق عليه السلام پنهنجي علمي مڪتب ۾ ڪجھ اهڙا لائق ۽ فاضل عالم تيار ڪيا آهن جن امام عليه السلام کان علم حاصل ڪري پنهنجو فرض ادا ڪندي علم کي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلايو ايسيتائين جو انهن جي وڇڙي وڃڻ کي ته صديون گذري ويون آهن پر پوءِ به هي جديد دنيا انهن هستين جي علم مان فائدو حاصل ڪري رهي آهي.

هشام بن الحڪم:

امام جعفر صادق عليه السلام جو هڪ ٻيو معروف شاگرد جناب ”هشام بن الحڪم“ آهي. هشام هميشھ پنهنجي زماني ۾ ٻين شخصيتن تي برتري رکي آهي پاڻ جڏهن به ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندا هئا ته هميشھ ٻڌڻ وارن کي پنهنجو شيدائي ڪري ڇڏيندا هئا. هن مردِ قلندر جي زبان ۾ عجيب اثر هو. جناب هشام سان وڏا وڏا عالم اچي ڪري شوق و ذوق سان بحث ۽ مباحثو ڪندا هئا ۽ علم جي سمنڊ کي ڇوليون هڻندي ڏسي ڪري پنهنجي دل ۾ هڪ خاص قسم جو اطمينان ۽ سڪون حاصل ڪندا هئا.

ابوالهذيل علاف هڪ ايراني دانشور هئو کيس علم ڪلام ۾ اعلي درجي جو ماهر تسليم ڪيو ويو آهي. شبلي نعماني تاريخ علم ڪلام ۾ لکي ٿو: ابو الهذيل جي سامهون  ڪو به شخص بحث نه ڪري  سگهندو هو پر اهو ساڳيو ئي ابو الهذيل ”هشام بن الحڪم“ جي سامهون اچڻ جي جرئت نه ڪندو هو. هشام جديد علمن ۾ جديد تحقيق کي رواج ڏنو، پاڻ طبيعيات جي باري ۾ اهڙن اهڙن رازن  کي بيان ڪيائون جيڪي ماڻهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هئا، سندس چوڻ آهي ته رنگ ۽ بوء انساني جسم جو هڪ مستقل جزء آهي ۽ هي هڪ اهڙي شيءَ آهي جيڪا هوا ۾ ڦهلجي ويندي آهي.

ابو الهذيل هشام جي شاگردن منجهان هيو، هو اڪثر پنهنجي علمي نظرين ۾ پنهنجي استاد محترم جناب هشام جو حوالو ضرور ڏيندو هو.

هشام امام جعفر صادق عليه السلام جي شاگرد هجڻ تي تمام گهڻو فخر ڪندا هئا، ڇو جو امام جعفر صادق عليه السلام  تعليم، تربيت، تهذيب ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۽ زندھ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، فرصت جي لمحن کي ضروري ۽ اهم ڪمن لاءِ استعمال ڪيو. ڇو جو اسان جي آئمه منجهان ڪنهن کي به ڪم ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو هو، امام جعفر صادق عليه السلام واحد شخصيت هئا جيڪي تمام گهٽ عرصي ۾ اهڙو ڪم ڪري ويا جيڪو صدين ۾ به مڪمل نه ٿئي ها، ان کان پوءِ ماحول تمام خراب ٿيندو ويو، حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام جو دؤر انتهائي مصيبتن ۽ پريشانين جو دؤر هيو، امام عليه السلام تي حد کان وڌيڪ پابنديون لڳايون ويون، بغير ڪنهن جرم ۽ خطا جي پاڻ عليه السلام کي جيل ۾ وڌو ويو. ان کان بعد ايندڙ اڪٽر آئمہ کي جواني ۾ ئي شهيد ڪيو ويو، سندن دشمن به ڪيترا بزدل هئا جو سڀني کي زهر جي ذريعي سان شهيد ڪرايائون، پاڪ هستين جي زندگي ان ڪري تنگ ڪيائون ته جيئن علم ۽ عمل جي فروغ ۽ انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جي لاءِ ڪم نه ڪري سگهن، امام جعفر صادق عليه السلام کي هڪ ته ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ٻيو امام جي عمر مبارڪ به ٻين آئمہ کان وڌيڪ رهي. تقريبا ۶۶ سال زندھ رهيا، امام عليه السلام جي علمي انقلاب مان هشام جهڙا شاگرد پيدا ٿيا جن مختلف علمن کي دنيا جي هر جاءِ تي پهچايو ۽ اسلام ۽ تشيع جو سر بلند ڪيو.

حمران بن اعين

حمران جو خاندان عام طور تي آئمه اهلبيت عليهم السلام جو پيروڪار هيو، حمران ۽ ان جو ڀاءُ زرارهٻئي شيعن جي لاءِ نمايان شخصيتون آهن ۽ پنهنجي زماني ۾ با فضيلت افراد شمار ٿيندا هئا، امام محمد باقر عليه السلام ۽ امام جعفر صادق عليه السلام جي وڏن بزرگ صحابين مان شمار ٿيندا آهن. حمران  معنوي بزرگي ۽ ممتاز مقام رکڻ کان علاوھ علم قرآن ۽  ٻين علمن  (جهڙوڪ علم نحو، لغت، ادبيات عرب) ۾ به صاحب نظر هئا، ان جي نظريات کي علماء دليل جي طور تي پيش ڪندا آهن، امام جعفر صادق عليه السلام سندس باري ۾ فرمايو: ”حمران بن اعيناهڙو ته با ايمان شخص آهي جو ڪڏهن به پنهنجي دين کان منهن نه موڙڻ وارو آهي ۽ فرمايائون حمران اهل بهشت منجهان آهي.

هشام بن سالم نقل ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن هڪ جماعت سان گڏ امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر هيم ،  شام مان هڪ شخص امام جي خدمت ۾ آيو، امام عليه السلام پڇيس ڇا ٿو چاهين؟ هن چيو : مان توهان سان مناظرو ڪرڻ چاهيان ٿو، امام عليه السلام فرمايو ڇا جي باري ۾ مناظرو ڪندين؟ هن چيو قرآن جي باري ۾. امام عليه السلام کيس چيو ته حمرانسان مناظرو ڪر، هن شامي عرض ڪيو مان توهان سان مناظرو ڪرڻ آيو آهيان، امام عليه السلام فرمايو: جيڪڏهن تو حمران کي شڪست ڏني ته ائين سمجھ تو مونکي شڪست ڏني، هو شامي حمران سان مناظرو ڪرڻ لڳو جيڪو به هن حمران کان پڇيو حمران اُن جو جواب مضبوط دليلن سان ڏنو ايسيتائين جو اهو شامي مطمئن ٿي ويو ، امام عليه السلام هن شامي کي چيو تو حمران کي ڪيئن ڏٺو؟ هن چيو: حمران هڪ ماهر استاد آهي مون جيڪو ڪجھ هن کان پڇيو اُن جو جواب تمام سٺي نموني سان ڏنائين. (۱)

ابو محمد مفضل بن عُمر جُعفي ڪوفي

مفضل امام جعفر صادق عليه السلام جو هڪ بزرگ صحابي هيو. ان کان علاوه پاڻ امام موسي ڪاظم عليه السلام ۽ امام رضا عليه السلام جو به صحابي هئو، مفضل  پنهنجي زماني جو مشهور فقيھ شمار ٿيندو هو ۽ امام طرفان ڪجھ ذميوارين کي انجام ڏيڻ به سندس ذمي هو. مفضل بن عمر  ڪوفي شهر ۾ پيدا ٿيو. هن امام جعفر صادق ۽ امام موسي ڪاظم عليهما السلام کان تمام گهڻيون حديثون نقل ڪيون آهن، هن جو شمار حديث جي معتبر راوين ۾ ٿيندو آهي،

اڪثر شيعه عالم دين جيئن ڪليني، شيخ مفيد، شيخ طوسي، هن کي امام جعفر صادق عليه السلام ۽ امام موسي ڪاظم عليه السلام جي خاص شيعن ۾ شمار ڪندا آهن، محدث قمي چئي ٿو: مفضل شيعن جي وچ ۾ ٿيندڙ اختلافن کي ختم ڪندو هو ۽ پاڻ ٻنهي امامن جي طرفان انهن جو خاص نمائيندو به هو. هڪ ڏينهن شيعن جو هڪ وفد مديني ۾ آيو ۽ امام عليه السلام کي عرض ڪيائون ته توهان اسان کي اهڙي شخص جي باري ۾ ٻڌايو جو جيڪڏهن اسان کي ڪو ديني مسئلو پيش اچي وڃي ته اسان ان جي طرف رجوع ڪيون، امام عليه السلام فرمايو: مفضل کي مون اوهان  لاءِ معين ڪيو آهي جيڪو توهان کي چئي اُن کي قبول ڪجو هو حق کان سواء ڪجھ به ناهي چوندو،  امام جعفر صادق عليه السلام ڪجھ علمي نشستن ۾ مفضل کي توحيد جي سلسلي ۾ ڪجھ خاص درس ڏنا هئا، جن جو مجموعو ڪتابي شڪل ۾ ”توحيد مفضل“ جي نالي سان مشهور آهي. هي درس مفضل تي امام جي خاص عنايت ۽ امام جي نزديڪ ان جي وڏي عظمت جي شاهدي ڏئي رهيا آهن.

مفضل بن عمر جا مشهور ڪتاب: ڪتاب توحيد مفضل: جنهن ۾ امام عليه السلام خدا شناسي کي بيان ڪيو آهي ۽ هي گهڻو ان ڪتاب جي ڪري مشهور آهي ۲٫ ڪتاب الوصيت : جنهن ۾ امام جعفر صادق عليه السلام مفضل کي مسلمانن جي امور، زندگي گذارڻ، آئيندھ پيش اچڻ وارن واقعن ۽ هن دنيا جي اسرارن کان آگاه ڪيو آهي. ۳٫ ڪتاب اليوم والليل: جنهن ۾ دعائون ۽ مستحب عمل جنهن کي مفضل امام کان  نقل ڪيو آهي. ۴٫ ڪتاب علل الشرايع: جنهن ۾ فلسفه ۽ شريعت جي احڪامن کي بيان ڪيو ويو آهي.

ابو حمزه ثمالي

سندس اصلي نالو ثابت بن دينار هو، پاڻ ثقه، جليل القدر صحابي ۽ زهد ۾ پنهنجي مثال پاڻ هئو، ابوحمزه ثمالي ڪوفي جو رهڻ وارو هو ۽ مفسر قرآن هئو ۽ قرآن جي هڪ تفسير به لکيائون. (۲) پاڻ نه فقط امام جعفر صادق عليه السلام جا شاگرد هئا پر پاڻ امام سجاد، امام محمد باقر، امام جعفر صادق ۽ امام موسي ڪاظم عليهم السلام جا به شاگرد هئا، پاڻ امام جعفر صادق عليه السلام جي بهترين شاگردن مان شمار ٿيندا هئا.

امام رضا عليه السلام هن جي باري ۾ ارشاد فرمايو: ابو حمزه ثمالي پنهنجي زماني جو سلمان فارسي هيو. ان کان پوءِ اٺين امام فرمايو: ان ڪري جو هن اسان منجهان چئن شخصيتن (علي بن الحسين، محمد بن علي، جعفر بن محمد ۽ موسي بن علي عليهم السلام) جي صحبت حاصل ڪئي. (۳)

امام جعفر صادق عليه السلام هن کي پاڻ وٽ طلب ڪيو، جڏهن هي امام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته امام عليه السلام فرمايو: جڏهن به مان توکي ڏسندو آهيان ته تمام گهڻو سڪون حاصل ڪندو آهيان.

هڪ ڏينهن امام سجاد عليه السلام ڪوفي ۾ داخل ٿيا ۽ مسجد ڪوفه ۾ ويا، ابو حمزه ثمالي چئي ٿو: مون هڪ بهترين ۽ من کي موهيندڙ لهجو ٻڌو، مان اڃا نزديڪ ويم ته جيئن ٻڌي سگهان ته هي ڇا ٿو چئي، مون ٻڌو ته هي چوي پيو:

(  الهي ان کان قد عصيتک فاني قد اصعتک في احب الاشياء اليک)

اي منهنجا پروردگار! جيڪڏهن مون تنهنجي معصيت ڪئي ته تنهنجي خدمت ۾ اهڙي شيء کي آڻيندس جنهن کي تون پسند ڪندو آهين. ابو حمزه چيو: مان ان جي پويان پويان ويم ايستائين جو پاڻ ان جاءِ تي پهتا جتي اٺ بيهاريا ويندا هئا، مون اتي هڪ ڪاري رنگ جي غلام کي ڏٺو ۽ ان کان پڇا ڪيم، هي ڪير آهي ؟ هن غلام چيو: ڇا  تو هن نوراني چهري کي ناهي سڃاتو! هو علي بن الحسين عليه السلام آهن، ابو حمزه چيو مان امام جي قدمن تي ڪري پيس، امام جي قدم بوسي ڪيم امام پنهنجي هٿن سان منهنجي ڪلهن کي وٺي بلند ڪيو ۽ فرمايائين: اي ابو حمزه ائين نه ڪر، سجدو نه ڪندو ڪر سواءِ الله جل شانه جي، مون عرض ڪيو اي رسول خدا جا پٽ: ڇا جي ڪري هتي آيا آهيو؟ پاڻ عليه السلام فرمايائون: جنهن جو تو مشاهدو ڪيو يعني نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ آيو هيس، جيڪڏهن ماڻهو ڄاڻين ته هتي نماز پڙهڻ جي ڪيتري فضيلت آهي ته هو ٻارن جييان بامبوڙا پائي به هتي اچن. پوءِ امام عليه السلام فريايو ڇا تون چاهين ٿو ته منهنجي ڏاڏا علي ابن ابي طالب عليه السلام جي قبر مبارڪ جي زيارت ڪرڻ لاءِ هلون؟ مون عرض ڪيو ها، انهي ئي وقت ڏٺم ته اسان امام علي عليه السلام جي قبر جي مٿان بيٺا آهيون، امام عليه السلام پنهنجي چهري مبارڪ کي پنهنجي ڏاڏا جي قبر سان مس ڪيو ۽ فرمايو: هي منهنجي ڏاڏا علي ابن ابي طالب عليه السلام جي قبر آهي، اُن وقت پاڻ زيارت پڙهيائون. جنهن جي ابتدا هن ريت هئي،

( السلام علي اسم الله الرضي و نور وجهه المضيء…)

آخر ۾ پاڻ قبر مطهر کان وداع ڪري مديني جي طرف هليا ويا ۽ مان ڪوفي جي طرف واپس موٽي آيس. (۴)

ابو حمزه ثمالي لاءِ ذڪر ٿيو آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام ابو بصير کان ابو حمزه ثمالي جي باري ۾ پڇيو ته ابو بصير فرمايو جڏهن کان هو اسان کان جدا ٿيو آهي تڏهن کان بيمار آهي، امام عليه السلام ارشاد فرمايو: هاڻي جڏهن به ابو حمزه ثمالي سان ملاقات ڪجان ته هن کي ٻڌائجان ته تون فلاڻي ڏينهن فلاڻي مهيني هن دنيا مان هليو ويندين .

جڏهن ابو بصير جي ابو حمزه ثمالي سان ملاقات ٿي ته ابو بصير امام عليه السلام جا سلام ۽ امام عليه السلام جو ٻڌايل پيغام عرض ڪيو، ابو حمزه ثمالي چيو امام سچ ٿا فرمائن، امام جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي ۽ پاڻ ۱۵۰ هجري ۾ هن دنيا مان خالق حقيقي جي طرف هليا ويا.

………………………………………………….

حوالا

۱ـ  تاريخ سيماي پيشوايان : ص ۱۰۳

۲ـ رجال نجاشي ، ص ۸۳

۳ـ رجال علامه حلي، ص ۲۳٫

۴ـ منتهي الامال، ج ۲ ص ۱۹۰٫

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي