سومر, 13 جولاءِ 2020

حضرت فاطمہ معصومہ (قم) سلام الله عليها جي سوانح حيات

  • انداز قلم

 

مقدمو:

حضرت بيبي معصومہ سلام الله عليها جي اهڙي خاندان ۾ پروش ٿي جيڪو علم ،تقوي ۽ اخلاقي فضائل جا مرڪز هئا، بيبي سلام الله عليها جي والد محترم امام موسي ڪاظم عليہ السلام جي شهادت کان پوءِ پاڻ سلام الله عليها جي ڀاءُ امام رضا عليه السلام هن خاندان جون تمام ذمه داريون پنهنجي زمه ڪيون،

سيرت معصومين عليهم السلام

امام رضا عليه السلام جي خصوصيات جي ڪري امام موسي ڪاظم عليه السلام جي تمام اولاد اعلي علمي ۽ معنوي مراتب تي فائض ٿي ۽ پنهنجي علم ۽ معرفت جي ڪري پوري جڳ ۾ مشهور ٿي .

ابن صباغ ملکي چوي ٿو: ابو الحسن موسي (معروف ڪاظم عليه السلام) جي اولاد مان هر فرد تمام وڏي فضيلت جو مالڪ آهي 

جڏهن امام رضا ع مدينه کان مڪه هجرت ڪري ويا ته پاڻ مدينه ۾ ٻين خاندان وارن سان گڏ هئي ۽ ڪجھ عرصه کان پوءِ پنهنجي ڀاءُ امام رضا عليه السلام سان مقلات ڪرڻ لاءِ مدينه کان خراسان جي سفر لاءِ روانه ٿي ۽ قم المقدس سندس آخري آرامگاه ٿي

والدين :

بي بي  سلام الله عليها  جو والد  باب الحوائج حضرت امام موسي ڪاظم  عليه السلام  ۽ والده ماجده حضرت نجمہ خاتون  سلام الله عليها  آهن جيڪا حضرت امام رضا  عليه السلام  جي به ماءُ آهي[1]

 

نالو ۽ لقب

امام رضا عليه السلام ۽ لقب (معصومه)

بيبي سلام عليها عليها جو نالو فاطمہ هيو ۽ لقب معصومه سلام الله عليها هيو پاڻ جنتي عورت، عبادت ۽ خدا سان راز ۽ نياز ۾ هميشه مشغول رهي ، براين کان پاڪ ۽ عالم مخلوق منجهان هڪ روشن چراغ آهي ، شايد هن بيبي کي لقب (معصومه) ان ڪري مليو آهي جو هن جي ماءُ سيد زهراء سلام الله عليها جي عصمت هن جي وجود ۾ به جلوه گر ٿي آهي، ڪجهه روايات جي مطابق هي لقب حضرت امام رضا عليه السلام پنهنجي ڀيڻ کي عطا ڪيو هيو، جليل القدر عالم دين جناب محمد باقر مجلسي روايت نقل ڪئي آهي، امام رضا عليه السلام فرمايو:” مَنْ زَارَ الْمَعصُومَةَ بِقُمْ کمَنْ زَارَنى“

جنهن شخص قم ۾ منهنجي ڀيڻ جناب معصومه سلام الله عليها جي زيارت ڪئي ڄڻ ته هن منهنجي زيارت ڪئي .

 

ڪريمه اهل بيت عليهم السلام

هي لقب امام معصوم جي طرفان جناب سيده معصومه کي عطا ٿيو آهي جيڪو پاڻ سلام الله عليها جي بلند مرتبه هجڻ تي دلالت ڪري ٿو .

انسان عبادت ۽ خداوند عالم جي بندگي جي نتيجي ۾ مظهر راه حق ۽ واسطه فيض الهي تائين پهچندو آهي ، هي ذات اقدس الهي جي عبوديت جو ثمرو آهي، خداوند عالم حديث قدسي ۾ ارشاد فرمايو: انا اقول للشيء کن فيکون اطعني فيما امرتک اجعلک تقول للشيء کن فيکون“[2]

اي آدام جي اولاد مان ڪنهن به شي جي لاءِ چوندو آهيان ٿي وڃ ته اُها ٿي ويندي آهي ، تون به منهنجي ٻڌايل رستي تي هل، مان توکي اهڙو بڻائيندس جو تون به چوندي ٿي ته اها شئي ٿي پوندي .

 

امام صادق عليه السلام فرمايو :

”العبودية جوھرية کنهها الريوبية“[3]

يعني خدا جي بندگي هڪ گوهر آهي جنهن جي نهايت ۽ هن جي باطن موجودات تي حاڪم هوندي آهي .

اولياء الهي جن بندگي ۽ اطاعت جي راه ۾ ٻين کان اڳڀرائي حاصل ڪئي ۽ هن راه تي خلوص سان پنهنجي منزل تائين پهتا ، اهي پنهنجي عارضي زندگي ۾ به زندگي کان پوءِ به ڪرامات ۽ عنايات جا مرڪز آهن ۽ هي سب انهن جي پاڪيزه زندگي جو نتيجو آهي .

 

سيده سلام الله عليها جو هي آستانو تمام گهڻي زماني کان ڪرامات ۽ عنايات رباني جو مرکز رهيو آهي ڪيترائي نا اميد دليون خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پر اميد ٿي ويون، ڪيترائي ئي افراد رحمت ربوبي سان پنهنجي جهوليون ڀري چڪا آهن، ڪيترئي افرا جيڪي ٻين جي درن تان ٽوڪرون کائيندا هن ڪريمه اهل بيت عليهم السلام جي در مان فيض ۽ ڪرم سان فيضياب ٿيا ۽ خوشحالي ۽ شادماني سان گڏ واپس موٽي ويا ۽ اولياء حق جي ولايت جي ڇائو ۾ محڪم ايمان سان پنهنجي نئي زندگي جو بنياد رکيائون . هي تمام شيون خدا جي ڪنيز جي روح جي عظمت ۽ خداوند عالم جي فيض ۽ ڪرم جي نشاندهي ڪندي آهي ۽ هي ثابت ڪندي آهي ته سيده معصومه (سلام الله عليها) ڪريمه اهل بيت (عليهم السلام ) آهي .

 

هاڻي اسان ڏسون ٿا ته ڪريمه اهل بيت عليهم السلام جو لقب ڪهڙي طرح ظاهر ٿيو؟

حقيقت ۾ هي لقب هڪ هڪ بزرگ مرجع تقليد جي والد بزرگوار جي سچي خواب جي ذريعي سان ظاهر ٿيو . خواب جي حقيقت هن ريت آهي .

آيت الله العظمي سيد شهاب الدين مرعشي نفي (رحمة الله عليه) جي والد محترم مرحوم آيت الله سيد محمود مرعشي نجفي (رحمة الله عليه )، حضرت سيده فاطمه سلام الله عليها جي قبر مطهر جي اصلي جڳه معلوم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ان سلسلي ۾ هن هڪ مجرب ختم پڙهڻ جو عهد  ته جيئن هن طرح سان معلوم ٿي سگهي ته ام ابيها سلام الله عليها جي گمشده قبر ڪٿي آهي ؟ چاليهن ڏينهن تائين هن پنهنجو ذڪر جاري رکيو ۽ چالهين رات هن پنهنجو ختم مڪمل ڪيو، تمام گهڻي دعا ۽ توسل کان پوءِ آرام ڪرڻ لاءِ ستا ، خواب ۾ حضرت امام محمد باقر عليه السلام يا حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي زيارت جو شرف حاصل ٿيس . امام عليه السلام هن کي فرمايو : عَلَيک بکرِيمَةِ اهل الْبيتِ“

يعني ڪريمه اهل بيت عليهم السلام جي زيارت پابندي سان ڪيو

هن سوچيو ته امام عليه السلام حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي زيارت جي سفارش ڪري رهيا آهن ، عرض ڪيائين :

 

مان تواهان تي قربان وڃان : مون ختم جو چلو ان ڪري ڪيو آهي ته مان حضرت زهرا مظلومه سلام الله عليها جي گم ٿيل قبر جو صحيح مقام معلوم ڪري سگهان .

 امام عليه السلام فرمايو : منهنجي مراد حضرت معصومه سلام الله عليها جي قبر مطهر آهي.

پوءِ امام عليه السلام اڳتي فرمايو:

ڪجهه مصلحتن جي بنا تي خداوند عالم جو هي ارادو آهي ته حضرت زهرا سلام الله عليها جي قبر مطهر مخفي رهي ، جيڪڏهن خداوند عالم جي مشعيت هي هجي ها ته جناب سيده فاطمه سلام الله عليها جي قبر مطهر ظاهر هجي، ته خدا وند عالم ان جي لاءِ جيڪو جلال جناب فاطمه سلام الله عليها لاءِ مقرر ڪيو هو اُهو ئي حضرت معصومه سلام الله عليها جي لاءِ مقرر ڪيو اٿس.

 

آيت الله مرعشي نجفي جيئن ئي ننڊ مان اٿيا فورن ارادو ڪيائين ته جناب معصومه سلام الله عليها جي قبر مطهر جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ قم جي طرف روانو ٿيندس بس پنهنجي اهل و عيال سان نجف کان قم جي  طرف هليا آيا.

انهي وجه جي ڪري شيعه فقهاء ۽ علماء جي زبان تي حضرت معصومه سلام الله عليها (ڪريمه اهل بيت ) جي لقب سان مشهور ٿي .

 

ٻيا القاب:

سيده معصومه(سلام الله عليها) جي ٻن زيارت نامن ۾ جيڪي اسماء ۽ القابات بيان ٿيا آهن اُهي هي آهن .

طاهره (پاڪ ۽ پاڪيزه

1: حميده (جنهن جي ستائش ۽ تعريف هوندي آهي )

2:بِره (نڪوڪار )

3: رشيده (هدايت يافته ۽ عاقله)

4: تقيہ (پرهيزگار)

5:رضيہ (خدا کان راضي )

6:مرضيہ ( ان کان خدا راضي ۽ خوشنود آهي )

7: سيده صديقہ ( تمام گهڻي سچي عورت)

8: سيده رضيہ اُها عورت جيڪا خدا کان راضي آهي ۽ خدا به ان سان راضي ۽ خوشنود آهي .

ولادت کان هجرت تائين

حضرت بي بي فاطمہ معصومہ  سلام الله عليها  پهرين ذيقعد سن 173 هجري ۾ پنهنجا مبارڪ قدم هن دنيا تي رکيا [4] ۽ 10 [5] يا12 [6] ربيع الثاني سن 201 هڪ هجري ۾ ايران جي شهر قم المقدس ۾ هن دنيا مان رحلت ڪري وئي .

بيبي پاڪ  سلام الله عليها  جي پرورش اهڙي گهراڻي ۾ ٿي جتي پيءَ ،ماءُ ، ڀينر ۽ ڀاءُ سميت سڀ اخلاق جي اعلا درجه تي فائض هئا ، عبادت ،زهد ، تقوي ،صداقت ،حلم، مشڪلات ۽ مصائب تي صبر، جود و سخا، رحمت ۽ ڪرم ، پاڪ دامني ۽ ذڪر الهي هن خاندان جون وڏيون خصوصيتون هيون ، هي سڀ اهل معرفت ،هدايت جا چراغ امت جا پيشوا ۽ هادي هئا.

 

علم ۽ دانش

هن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي امام موسي ڪاظم عليه السلام جي اولاد مان حضرت امام رضا عليه السلام کان پوءِ بيبي معصومہ سلام الله عليها جو علمي ۽ اخلاقي مقام سڀني کان وڌيڪ آهي، هي وڏو مقام سيده سلام الله عليها جي نالن ۽ القابن کان علاوه آئمه اهلبيت عليهم السلام جي زبان مبارڪ مان بيان ٿيل فضائلن مان روشن آهي. ۽ هن مان واضح ٿئي ٿو ته سيده معصومہ سلام الله عليها به سيده ثاني زهرا جناب زينب سلام الله علهيا وانگر (عالمه غير معلمه) آهن.

 

بي مثال فضائل

حضرت بيبي فاطمہ معصومہ سلام الله عليها فضائل ،مراتب ۽ عالي مقام جي مالڪ آهي آئمہ معصومين عليهم السلام جون روايتون پاڻ سلام الله عليها جي وڏي مقام ۽ رتبي جون دليل آهن.

 

روى القاضى نور اللّه عن الصادق عليه السلام قال:

ان للّه حرماً و هو مکه ألا انَّ لرسول اللّه حرماً و هو المدينة ألا و ان لاميرالمؤمنين عليه السلام حرماً و هو الکوفه الا و انَّ قم الکوفة الصغيرة ألا ان للجنة ثمانيه ابواب ثلاثه منها الى قم تقبض فيها امراة من ولدى اسمها فاطمہ بنت موسى عليهاالسلام و تدخل بشفاعتها شيعتى الجنة باجمعهم۔

 

قاضي نورالله رحمة الله امام جعفر صادق عليه السلام کان روايت ڪن ٿا: الله جي لاءِ حرم آهي ۽ اهو مڪو آهي ، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو لاءِ حرم آهي ۽ اهو مدينو آهي ان کان علاوه اميرالمومنين عليهم السلام جو حرم آهي جيڪو ڪوفو آهي، ڄاڻي وٺو  قم المقدس اسان جو ننڊو ڪوفو آهي ، ڄاڻي وٺو جنت جا اٺ درواز آهن جن مان ٽي درواز قم جي طرف کلن ٿا ، منهنجي اولاد مان هڪ جنهن جو نالو فاطمہ(سلام الله عليها) آهي قم ۾ رحلت ڪندي جنهن جي شفاعت سان اسان جا تمام شيعه جنت ۾ ويندا .

 

حضرت معصومہ سلام الله عليها جو علمي مقام

حضرت معصومہ سلام الله عليها شيعت جي تمام وڏي شخصيت آهن جن جو تمام وڏو مقام آهي.

روايت ۾ آهي ته هڪ ڏينهن اهلبيت عليهم السلام جي شيعن جو هڪ گروه حضرت امام موسي ڪاظم عليه السلام سان ملاقات ڪرڻ لاءِ مدينه منوره آيو ، اُن وقت امام عليه السلام سفر تي ويل هئا ۽ هي شيعه پاڻ عليه السلام کان سوالات پڇڻ لاءِ آيا هئا امام عليه السلام جي نه هجڻ جي ڪري انهن پنهنجا تمام سوال سيد فاطمہ معصومہ سلام الله عليها جي حوالي ڪيا،(جيئن ئي امام عليه السلام اچن ته اُن جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن) جيڪا هن وقت ننڊي هئي، هي ٻي ڏينهن وري امام عليه السلام سان ملاقات لاءِ آيا پوءِ به امام(عليه السلام) سفر کان واپس نه آيا هئا ، انهن پنهنجا سوالات واپس گهريا پر انهن کي هي

معلوم نه هيو ته جناب سيده معصومہ انهن سوالن جا جواب تحرير ڪري ڇڏيا آهن .جڏهن انهن پنهنجي سوالن جي جوابن کي ڏٺو ته تمام گهڻا خوش ٿيا ۽ شڪريو ادا ڪري مدينه کان روانه ٿي ويا، اتفاق سان رستي ۾ انهن جي امام موسي ڪاظم عليه السلام سان ملاقات ٿي انهن امام کي تمام احوال کان آگاه ڪيو امام عليه السلام انهن سوالن جي جوابن جو مطالعو ڪيو ۽ فرمايو: بابا هن تان قربان وڃي ،بابا هن تان قربان وڃي ، بابا هن تان قربان وڃي.

 

حضرت امام رضا عليه السلام سان جناب سيده جي محبت

25 سالن تائين حضرت امام رضا عليه السلام ئي حضرت نجمہ خاتون جي اڪيلي اولادا هئا 25 سالن کان پوءِ خداوند عالم حضرت نجمہ خاتون کي ڌيءَ جي اولاد عطا ڪئي جنهن جو نالو امام موسي ڪاظم عليه السلام ”معصومہ“ رکيو، امام رضا عليه السلام پنهنجي ننڊي ڀيڻ سان تمام گهڻي محبت ڪئي ۽ پنهنجي محبت کي جناب معصومه سلام الله عليها جي دل ۾ امانتن رکي ڇڏيو. هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ حيرت انگيز حد تائين هڪ ٻي سان محبت ڪندا هئا انهن ٻنهي جي جدائي انهن ٻنهي لاءِ برداشت جي قابل نه هوندي هئي. زبان انهن ٻنهي جي محبت جي گهريائن کي بيان ڪرڻ ۾ قاصر آهي، امام موسي ڪاظم عليه السلام جي هڪ معجزي دوران  جنهن ۾ جناب سيده معصومہ سلام الله عليها جو به قردار شامل آهي . جڏهن نصراني هن ننڊي عمر واري امامزادي کان پڇا ڪئي :

توهان ڪير آهيو؟

 

پاڻ (سلام الله عليها) فرمايو: مان معصومه آهيان امام رضا عليه السلام جي ڀيڻ “

سيده سلام الله عليها جي هن بيان مان ٻه شيون ظاهر ٿين ٿيون :هڪ ته پاڻ (سلام الله عليها ) پنهنجي وڏي ڀاءُ سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي . ٻيو ته پاڻ (سلام الله عليها ) پنهنجي سڃاڻپ لاءِ امام رضا عليه السلام کي علامت سمجندي هئي ۽ امام عليه السلام جي ڀيڻ هجڻ کي پنهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجهندي هئي.

 

عورتن لاءِ خوشي:

حضرت فاطمه سلام الله عليها انفرادي،  ذاتي شخصيت ۽ روحاني ڪمالات جي لحاظ کان امام موسي ڪاظم عليه السلم جي اولاد منجهان حضرت علي ابن موسي الرضا عليه السلام کان پوءِ ٻين نمبر تي هئي .

ٻين لفظن ۾ پاڻ سلام الله عليها جو پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن منجهان ٻيو درجو هو. رجال جي تحقيق مطابق امام موسي ڪاظم عليه السلام کي 15 ڌيئرون هيون، حضرت معصومه سلام الله عليها سڀني لاءِ سرور هئي ايستائين جو ڀائرن ۾ به امام رضا عليه السلام کان پوءِ ان جي ڪو به برابر نه هو.

محدث بزرگوار شيخ عباس قمي (رحمة الله عليہ) امام موسي ڪاظم عليه السلام جي ڌيئرن جي باري ۾ لکي ٿو : جيڪي روايتون اسان تائين پهتيون آهن انهن مان هي ثابت ٿئي ٿو ته انهن سڀني مان افضل ۽ برتر جناب سيده فاطمہ بنت امام موسي ڪاظم عليه السلام آهن جيڪا معصومہ جي لقب سان مشهور آهي.

 

بي مثال فضيلت:

شيخ محمد تقي تُستري ، قاموس الرجال ۾ حضرت معصومہ سلام الله عليها جو هڪ مثالي خاتون (عورتن جي لاءِ اسوه ڪامله) جي عنوان سان تعارف ڪرايو آهي جيڪا امام رضا عليه السلام کان پوءِ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ بي مثال هئي، هو ان سلسلي ۾ لکن ٿا:

”امام موسي ابن جعفر صادق عليه السلام جي تمام گهڻي اولاد هجڻ جي باوجود امام رضا عليه السلام کي ڇڏي ڪري ڪو به حضرت معصومه سلام الله عليها جي برابر نه آهي“

 

 

پيغام جا نڪته

 

1: ايترو وڏو مقام ڇو:

سوال ڪندا آهن ايترو وڏو مقام ڇو آهي ؟ جڏهن ته معصومہ سلام الله عليها جون ٻيون به ڪيئريون ئي ڀينرون هيون ته هي سيده انهن کان افضل ڇو ٿي ؟

جواب: هي سوال جناب زهرا، جناب زينب ۽ جناب معصومه قم سلام الله عليها جي باري ۾ پڇيو ويندو آهي. جواب هي آهي ته هي ٽئي عورتون ذاتي ۽ خانداني شرافت سان گڏو گڏ ايمان ۽ عمل جي ميدان ۾ به بي مثال هيون ۽ ان لاءِ انهن پنهنجي انتخاب سان اعلي انساني اقدار جي اعلي مدارج ۽ مراتب طئي ڪيا هئا ۽ پنهنجي عرفان ۽ عمل جي بنا تي هن مقام ۽ مزلت تائين پهتيون هيون.

حضرت معصومه سلام الله عليها عمل، عرفان، ايمان، سياست ۽ مقام امامت جي حمايت ڪندي رهي آخر ڪار انهي رستي تي شهادت حاصل ڪيائين.

 

سيده معصومه سلام الله عليها قم ۾ ڪل 17 ڏينهن زنده رهي ۽ انهن 17 ڏينهن ۾ عبادت ۽ خداوند قدوس سان راز ۽ نياز سان گذاريا، ايستائين جو جو پاڻ (سلام الله عليها) جي قيامگاه کي (بيت النور) جو نالو ڏنو ويو  ۽ هي عبادت گاه هن وقت قم جي ميدان مير جي محلي ۽ مدرسه ستيه ۾ موجود آهي ۽ اڄ به هي مقام پاڻ( سلام الله عليها ) جي نورانيت ۽ پنهنجي خالق سان قرابت جي خلوص جي گواهي ڏئي ٿي.

حضرت معصومه سلام الله عليها جي 28 ساله بارڪت زندگي جي اثبات لاءِ هي ڄاڻڻ ڪافي آهي ته پاڻ (سلام الله عليها) جي 17 ڏينهن رهڻ سان حوزه علميه قم کي بقا ۽ دوام بخشو ۽ قم پاڻ (سلام الله عليها جي برڪت سان ڪيئي هزار محقق، عالم ، دانشور ، مراجع ۽ مجتهيدين شيعن جي حوالي ڪيا، وڏا وڏا علماء منجمله امام رضا عليه السلام جي صحابي زکريا بن آدم ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام جي وڪيل حسن بن اسحاق کان وٺي مفڪر علماء ۽ مراجع تقليد . منجمله: ميزائي قمي، آيت الله ابو القاسم قمي، ايت الله حائري، آيت الله صدر، آيت الله سيد محمد تقي خوانساري، آيت الله بحجت، آيت الله بروجردي، آيت الله سيد احمد خوانساري، آيت الله گلپايگاني، آيت الله مرعشي نجفي، آيت الله اراکي، علامه طباطبايي، استاد شهيد مرتضي مطهري ۽ حضرت امام خميني (اعلي الله مقامهم الشريف) تائين ، سڀ جا سڀ عالم عالمه آل عبا حضرت معصومه سلام الله عليها جي وجود جي برڪت سان هن سر زمين تي نشو ونما پاتائون ۽ بيبي جي وجود سان حوزه علميه کي مرڪزيت ۽ محوريت عطا ڪئي آهي ۽ قم پاڻ (سلام الله عليها ) جي برڪت سان مدينه فاضله جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. اسلامي انقلاب در حقيقت انهي سرزمين جو فرزند مطهر آهي جيڪو فيضيه جي جهولي ۾ پلندو رهيو، اهو ئي فيضيه جنهن کي معصومه سلام الله عليها جي مجارو فيض بخشو ، امام خميني انهي مدرسه ۾ ويهي ڪري عالمي استڪبار سان مبارزو ڪيو

 

 

۽ اتان کان اسلامي انقلاب جو چراغ روشن ٿيو جنهن اڄ جي دنيا ۾ هر ڪنڊ ۽ ڪرڇ ۾ چراغن کي روشن ڪري ڇڏيو آهي ۽ قومون کي اڄ انهن دشمنن جا اصلي چهرا نظر اچن ٿا جيڪي هميشه قومن کي اندهيري ۾ اڇلائيندا ٿا اچن، اڄ انقلاب اسلامي جو چراغ انهن جي رسوائي جو سبب ٿيو آهي ۽ هن چراغ ڪڏهن به پنهنجي روشني کي گهٽ نه ڪيو آهي ان ڪري دوشمن هن چراغ جي منبع (تيل) کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ، انهن جو خيال هيو ته امام خميني جي رحلت کان پوءِ انسانيت جي بلندي تي روشن ٿيڻ وارو اسلامي انقلاب به پاڻهي جو پاڻهي وسامجي ويندو پر هي چراغ ڪڏهن به ڦوڪن سان وسامجي نه سگهندو ، بس هن سيفنه انقلاب کي نئي امير جي حوالي ڪيو ويو ۽ استڪبار جو ننڊون حرام ٿي ويون ڇو جو رهبر انقلاب اسلامي حضرت آيت الله العظمي سيد علي خامنه اي مد ظله العالي سفينه انقلاب کي دنيا جي وسعتن ۾ اڳتي جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ۽ استڪباري منصوبه هاڻي هن رسته رستي کي روڪڻ کان عاجز ٿي ويا آهن .

 

آيت الله العظمي امام سيد علي خامنه اي به انهي حوزه علميه قم جو شاگرد آهي جيڪو هن انقلاب جي حفاظت ڪري رهيو آهي، هزارن سازشين،رڪاوٽن، دشمنين ۽ دوستن جي حماقتن ۽ دشمنن جي شرارتن جي باوجود انقلاب کي دوام ڏيڻ لاءِ هدايت ڪري رهيو آهي.

 خداوند عالم انبياء عظام، آئمہ طاهرين، اولياء الهي ، حقيقي مجاهدين ۽ سکان ارض و سماء جو سلام ۽ دورد هجي سيده ڪريمه اهل بيت عليهم السلام تي جنهن جو فيض جو چشمو جاري آهي ۽ جنهن جو نور هر وقت دنيا جي اونداهين ۾ هدايت جي اميد کي روشن ڪندو آهي، دورد ۽ سلام هجي ان ڪوثر ولايت تي .

 

 

قم جي مقدس هجڻ جو راز

تمام گهڻين روايتن ۾ قم جي مقدس هجڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، امام صادق (عليه السلام) قم کي پنهنجو ۽ پاڻ کا پوءِ اچڻ وارن امامن جو حرم قرار ڏنو آهي ۽ ان جي مٽي کي پاڪ ۽ پاڪيزه ڄاڻايو آهي. امام عليه السلام فرمائن ٿا: الا انَ حرمى و حرم ولدى بعدى قم. [7]

 

ڄاڻي وٺو ته منهنجو ۽ مون کان بعد ۾ اچڻ وارن پيشوائن(امامن) جو حرم قم آهي.

امام صادق عليه السلام پنهنجي مشهور حديث ۾ اهل ري  کي خطاب ڪندي فرمائن ٿا:
وان لاميرالمؤمنين عليه السلام حرماً و هو الکوفة الا وانَّ قم الکوفة الصغيرة
 ألا ان للجنة ثمانيه ابواب ثلاثه منها الى قم

 

حضرت اميرالمومنين عليهم السلام جي لاءِ هڪ حرم آهي ۽ اهو ڪوفو آهي، ڄاڻي وٺو ته قم اسان جو ننڊو ڪوفو آهي،ڄاڻي وٺو ته جنت جا اٺ دروازا آهن جن مان ٽي دروازا قم جي طرف کلن ٿا.

 

امام عليه السلام قم جي مقدس هجڻ جي باري ۾ پنهنجي حديث ۾ اڳتي فرمائن ٿا:

تقبض فيها امراة من ولدى اسمها فاطمہ بنت موسى عليهاالسلام و تدخل بشفاعتها شيعتى الجنة با جمعهم

منهنجي اولاد منجهان هڪ خاتون ”جن جو نالو فاطمه بنت موسي آهي“ قم ۾ وفات ڪري ويندي جنهن جي شفاعت سان اسان جا تمام شيعه جنت ۾ داخل ٿيندا.

 

راوي چوي ٿو : مون هي حديث امام موسي ڪاظم جي ولادت کان به پهريان امام صادق عليه السلام کان ٻڌي هئي ، هي حديث قم جي مقدس هجڻ کي  ٻڌائي رهي آهي  يعني قم جي شرافت ۽ تقدس کان پردو هٽائي رهي آهي ته هن شهر جو هيڏو وڏو تقدس ۽ شرف آهي، جيڪو روايات کان ثابت آهي، بس ڪريمه اهل بيت عليهم السلام جي وجود مبارڪ جي ڪري جو هن سر زمين تي شهيد ٿي ڪري هن جي مٽي کي حورن ۽ ملائڪن جي اکين جو سرمو بڻايو.

 

سيده پاڻ به قم جو انتخاب ڪيو

امام رضا عليه السلام جي مجبورن شهر مرو(خراسان) جي طرف سفر ڪرڻ جي هڪ سال کان پوءِ سن 201 هجري ۾ پاڻ سلام الله عليها پنهنجي ڀائرن سان گڏ پنهنجي ڀاءُ ۽ وقت جي امام عليه السلام سان نئو عهد ڪرڻ جي مقصد سان سفر تي روانه ٿي، رستي ۾ ساوه پهتي پر اُنهي زماني ۾ اُتان جا ماڻهون اهل بيت عليهم السلام جا سخت مخالف هئا لهذا انهن حڪومتي ماڻهن سان ملي ڪري انهن جي ڪافلي تي حملو ڪيو  ۽ انهن جي درميان جنگ شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي تعداد ۾ ان جي ڪافلي وارا شهيد ٿيا.[8]

 

سيده سلام الله عليها انهي غم ۽صدمي جي ڪري مريض ٿي پئي، ٻي روايت جي مطابق جناب سيده معصومہ سلام الله عليها کي ساوه ۾ هڪ عورت زهر ڏنو [9] جنهن جي ڪري پاڻ سلام الله عليها بيمار ٿي ۽ محسوس ڪيائين ته هاڻي خراسان نه وڃي سگهندس ۽ نه گهڻو وقت زنده رهي سگهندس ان ڪري فرمايائين: مون کي شهر قم وٺي هلو ڇو جو مون پنهنجي بابا کان ٻڌو هو ته: قم اسان جي شيعن جو مرڪز آهي.[10] اهڙي طرح پاڻ قم جي طرف روانا ٿي.

 

اهل بيت عليهم السلام جي هن ڪافلي تي حملو ٿيڻ ، ڪافي تعداد ۾ ماڻهن جو شهيد ٿيڻ ۽ اهڙي طرح ٻين ڏکوئيندڙ واقعن جو پيش اچڻ ، سيده سلام الله عليها  جو مرض جي حالت ۾ اُتان کان سفر ڪرڻ انهن تمام ڳالهين کي ڏسندي ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي ته جناب سيده کي عباسين جي حڪم سان ئي زهر ڏنو ويو هو.

 

جڏهن قم جي بزرگن وٽ هي خبر پهتي ته جناب سيده سلام الله عليها قم جي طرف اچي رهي آهي ته پاڻ سلام الله عليها جي استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪري آيا ، موسي بن خزرج اُٺ جي مهار کي پنهنجي هٿن ۾ ورتو ۽ جناب سيده سلام الله عليها کي پنهنجي ذاتي گهر ۾ وٺي آيو .[11]

 

اهل قم جو سوڳوار ٿيڻ

سيده سلام الله عليها امامت ۽ ولايت جي شهر ۾ سترهن ڏينهن گذاريا، انهن ڏينهن ۾ پاڻ سلام الله عليها مسلسل عبادت ۾ رهي، ۽ پنهنجي پاڻهار سان راض ۽ نياز ڪندي رهي ،اهڙي طرح پنهنجي آخري ڏينهن کي به خضوع ۽ خشوع سان گذاريائين، آخر ڪار اهي تمام خوشيون جيڪي ڪوڪب ولايت جي اچڻ سان اهل قم وارن کي نصيب ٿيو هيون اُهي عصمت ۽ طهارت جي سجھ لهڻ سان ئي غم ۽ حزن جي سمندر ۾ ٻڏي ويون، بس سيده معصومہ سلام الله عليها  دعوت حق کي لبيڪ چوندي عاشقان ولايت ۽ امامت کي سوڳوار ڪري وئي .

هي سن 201 هجر جو واقعو آهي.

 

سلام هجي هن عظيم المرتبه خاتون تي روز طلوع کان غروب تائين.

 

سلام ۽ درود هجي معصومہ سلام الله علهيا جي روح تي جنهن جي حرم مبارڪ قم جي ڪوهستاني سرزمين کي نورانيت بخشي .

 

اي سيده ! قيامت جي ڏينهن اسان سڀني جي شفاعت فرما ڇو جو تنهنجو الله جي بارگاه ۾ خاص مقام ۽ منزلت آهي .

سيده معصومه سلام الله عليها حضرت زينب سلام الله عليها وانگر پنهنجي برڪتن سان ڀريل سفر ۾ حقيقي رهبرن جي حقانيت ۾ امامت جي سند پيش ڪئي ۽ مامون رشيد جي چهري کان مڪر ۽ فريب جو نقاب لاهي ورتائين ، ڪربلا جي ظالمن وانگر پنهنجي ڀاءُ جي قاتل اصلي چهرو ظاهر ڪري ڇڏي فرق صرف ايترو هيو جو ان دور جي  حسين عليه السلام کي مڪر ۽ فريب سان قتگاه بني عباس ۾ آندو ويو ، انهي دوران خداوند عالم کي هي منظور هيو ته هن ولايت ۽ امامت جي همايت ڪرڻ واري خاتون جي قبر مطهر همشيه جي لاءِ تاريخ ۾ ظلم ، ستم ۽ بي انصافي جي خلاف قيام جو بهترين نمونو ۽ هر زماني ۾ علي عليه السلام جي پروڪارن جي لاءِ هڪ الهي الهام هجي، پاڻ (سلام الله عليها جهڙي موت شهادت نه ته ڇا هوندي ؟

 

پاڻ (سلام الله علهيا) خاندان پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪجھ افرادن ۽ محبان اهل بيت عليهم السلام سان گڏ مدينه کان سفر ڪري هي ثابت ڪري ڇڏيو ته هر زماني ۾ حقيقي ۽ خالص محمدي اسلام جي تربيت يافته جيالن مادي ۽ طاغوتي طاقتن جي سامهون حق جو اظهار ڪيو آهي. جيئن حضرت زينب سلام الله عليها يزيد جي اکين ۾ اکيون ملائي فرمايو ”ان استصغرک“ مان توکي حقارت جي نگاه سان ڏسان ٿي ۽ توکي سڀ کان وڌيڪ ذليل ۽ رسوا سمجهان ٿي .[12]

 

تدفين جون رسومات

جناب سيده (سلام الله عليها ) کي غسل ڏنو ويو ۽ ڪفن پارائي بابلان جي قبرسان جي طرف جنازو کنيو ويو ، پر دفن ڪرڻ لاءِ محرم (پنهنجا عزيز مثلا ڀاءُ، پيءَ، پٽ وغيره)نه هجڻ جي ڪري آل سعد مشڪل ۾ اچي ويا ، آخر ڪار ارادو ڪيائون ته هڪ ضعيف العمر بزرگ هن عظيم ڪم کي انجام ڏي پر اهو بزرگ ، ٻيا ڪافي بزرگ ۽ شيعن جا وڏا علماءَ هن عظيم ڪم جي ذمه داري کڻڻ جي لائق نه هئا ڇو جو حضرت معصومه (عليهم السلام) جي جنازي کي هر ڪو دفن نه پيو ڪري سگهي ، ماڻهو هن مشڪل جي حل لاءِ ضعيف العمر جي اچڻ جا منتظر هئا پر انهي دوران ماڻهن اچانڪ ٻن گهوڙي سوارن کي ايندو ڏٺو جڏهن اهي جنازي جي ڀر سان پهتا ته گهڙي مان لٿا ۽ ڪجھ چئي ۽ ٻڌي بغير جنازي نماز پڙهي ۽ هن عظيم هستي جي جسد مطهر کي سرداب ۾ دفن ڪري ۽ ڪنهن سان به گفتگو ڪرڻ جي بنا سوار ٿي واپس هليا ويا جڏهن ته انهن کي ڪنهن به نه پڇيو ته توهان ڪير آهيو. [13]

 

حضرت آية الله العظمي شيخ محمد فاضل لنڪران (رحمة الله) فرمايو: هي چوڻ بعيد نه آهي ته اُهي ٻئي بزرگوار امام معصوم هجن(امام رضا عليه السلام ۽ امام محمد تقي عليه السلام) جيڪي هن امر عظيم کي انجام ڏيڻ لاءِ قم المقدس تشريف کڻي آيا ۽ هليا ويا .

سيده معصومه سلام الله عليها کي دفن ڪرڻ کان پوءِ جناب موسي بن الخررج قبر جي عارضي تعمير ڪئي جيڪا ڪنهن مدت تائين رهي ، جڏهن حضرت زينب بنت امام محمد تقي الجواد عليه السلام قم آئي ته هن مقبره جي مٿان سرن جو قبو تعمير ڪرايو.[14]

 

زيارت حضرت معصومه سلام الله عليها روايات جي نگاه ۾

دعا ۽ زيارت اڪيلائپ ۾ ويهي ڪري الله تعالي سان راض ۽ نياز جو نالو آهي ، حضرت معصومه عليها السلام جي زيارت ڪرڻ زماني جي غبار آلوده فضا ۾ هڪ وڏي اميد پيدا ٿيندي آهي جيڪا انسان کي هن ماده پرست ماڻهن جي وچ ۾ الله جي ياد ڏياري ٿي ۽ هر مومن کي هن حرم ۾  زيارت ڪرڻ مهل ايئن محسوس ٿيندو آهي ته هو جنت جي باغن مان ايندڙ خوشبوء کي محسوس ڪري رهيو آهي.

حضرت فاطمه معصومه سلام الله عليها جي قبر جي زيات ماڻهن کي اعتماد جو درس ڏيندي آهي ، نا اميدي جي نه ڏسندڙ گرداب ۾ ٻڏڻ کان بچائيندي آهي ۽ هن کي اڃان وڌيڪ همت ۽ محنت جي دعوت ڏيندي آهي . ڪريمه اهل بيت سلام الله عليها جي مزار جي زيارت سبب بڻبي آهي ته زائر فقط پنهنجي پاڻ کي خداوند جي اڳيان نياز مند ۽ محتاج پائي، خدا جي سامهون خضوع ۽ خشوع اختيار ڪري، غرور ۽ تڪبر جي سواري”جيڪا تمام بدبختين ۽ شقاوتن جو سبب آهي “ کان هيٺ لهي ۽ حضرت معصومه سلام الله عليها کي پنهنجي ۽ خدا جي درميان واسطو قرار ڏي ، انهي ڪري پاڻ سلام الله عليها جي زيارت ڪرڻ لاءِ عظيم انعامن جو واعدو ڪيو ويو آهي .

 

حضرت معصوم سلام الله علهيا جي زيارت ڪرڻ لاءِ آئمہ معصومين عليهم السلام طرفان تمام گهڻيو روايتون نقل ٿيو آهن.

 

1: قم جي مشهور محدث(سعد بن سعد) چوي ٿو : مان امام رضا عليه السلام جي خدمت ۾ حاضرت ٿيس ته اٺين امام عليه السلام مون سان مخاطب ٿيندي فرمايو: اي سعد ! اسان جي هڪ قبر اوهان وٽ آهي، مون عرض ڪيو : منهنجي جان اوهان تي قربان ٿئي ڇا توهان فاطمه بنت موسي بن جعفر عليه السلام جي قبر جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ؟ امام فرمايو: من زارها فله الجنة“[15] جيڪو شخص هن جي زيارت ڪندو اُن جي لاءِ جنت آهي.

 

2: امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو:

”من زارها عارفا بحقها فله الجنته“[16]

جيڪو به هن جي زيارت ڪندو ۽ هن جي هڪ جي معرفت رکندو هوندو ان لاءِ جنت واجب آهي ، ۽ هڪ ٻي حديث ۾ آهي هن جي زيارت بهشت جي برابر آهي “


3: ۽ فرمايائون: ”ان زيارتها تعدل الجنته“ بتحقيق هن جي زيارت جنت جي برابر آهي “

 

4: امام رضا عليه السلام فرمايو:

من زار المعصومة عارفا بحقها فله الجنه“ [17]

جيڪو به شخص هن جي معرفت کي سڃاڻي هن جي زيارت ڪندو  اُن جو انعام جنت آهي.

۽ فرمايو: من زار المعصومه بقم لمن زارني“

جنهن شخص قم ۾ حضرت معصومه (سلام الله عليها ) جي زيارت ڪئي اُن شخص ڄڻ ته منهنجي زيارت ڪئي “

6: ابن الرضا امام محمد تقي الجواد عليه السلام فرمايو :

من زار قبر عمتي بقم فله الجنه“[18]

جنهن شخص قم ۾ منهنجي ڦڦي جي زيارت ڪئي اُن تي جنت واجب آهي “

 

7: هڪ مومن امام رضا عليه السلام جي زيارت ڪرڻ لاءِ مشهد ويو ۽ اُتان کان ڪربلا جي طرف روانو ٿيو ۽ همدان جي رستي کان ڪربلا هليو ويو، سفر جي دوران هن خواب ۾ امام رضا عليه السلام جي زيارت ڪئي ۽ امام رضا عليه السلام هن کي چيو :ڇا ٿئي ها جو تون سفر جي دوران قم کان گذرين ها  ۽ منهنجي ڀيڻ جي زيارت ڪرين ها.

 

8: مولي حيدر خوانساري لکي ٿو : روايت ۾ آهي ته امام رضا عليه السلام فرمايو: جيڪو شخص منهنجي زيارت جي لاءِ نه اچي سگهي اهو منهنجي ڀاءُ (حمزه) جي زيارت ڪري يا قم ۾ منهنجي ڀيڻ ”معصومه“ جي زيارت ڪري ته ان کي منهنجي زيارت جيترو ثواب ملندو. [19]

 

حديثن جي مختصر وضاحت

هي تمام حديثون حضرت معصومه سلام الله عليها جي عظمت جي دليل آهن پر انهن روايتن ۾ ڪجهه اهڙا نڪتا موجود آهن جيڪي ذڪر ڪرڻ جي لائق آهن جيئن :

جنت جو واجب هجڻ، جنتي جي برابر هجڻ، بهشت جو مالڪ هجڻ، جيڪو لفظ(لہ) مان سمجه ۾ اچي ٿو ۽ ان جي زيارت جو ثواب امام رضا عليه السلام جي زيارت جيترو ثواب ۽ امام رضا عليه السلام جو شيعن کان سيده معصومه جي زيارت ڪرڻ لاءِ اچڻ جي خواهش ڪرڻ.

حضرت معصومه سلام الله عليها جي زيارت جي سفارش ڪرڻ فقط ڪنهن هڪ امام نه ڪئي آهي پر تمام آئمہ عليهم السلام هن جي زيارت ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي: امام صادق عليه السلام، امام رضار عليه السلام ۽ امام جواد عليه السلام ، تمام گهڻي تعجب جي ڳالهه هي آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام جناب معصومه سلام الله عليها جي ولادت کان تمام گهڻو پهريان ئي امام ڪاظم عليه السلام جي ولاديت کان به اڳ ۾ جناب سيده جي زيارت جي سفارش ڪئي هئي .

 

ٻيون دلچسپ نڪتو پنجين روايت آهي جنهن ۾ حضرت معصومه سلام الله عليها جي زيارت کي امام رضا عليه السلام جي زيارت جي برابر قرار ڏنو ويو آهي .

 

زيد شحام امام جعفر صادق عليه السلام کان سوال ڪيو: يا بن رسول الله جنهن شخص توهان منجهان( آئمہ اهلبيت ) ڪنهن هڪ جي زيارت ڪئي اُن جو ثواب ڪيترو هوندو ؟

امام عليه السلام جواب ۾ فرمايو: جنهن اسان منجهان ڪنهن هڪ جي زيارت ڪئي ”کمن زار رسول الله (صلي الله عليه وآله وسلم) ڄڻ ته اُن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪئي ، بس جنهن به جناب سيده معصومہ ”سلام الله عليها “ جي زيارت ڪئي اُن در حقيقت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت ڪئي  ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جناب سيده جي زيارت کي پنهنجي زيارت قرار ڏيندي فرمايو آهي :”الا فمن زارني و هو علي غسل، خرج من ذنوبه کيوم ولدته امه “ ڄاڻي وٺو جنهن به غسل زيارت ڪري منهنجي زيارت ڪئي اهو گناهن کان ان طرح پاڪ ٿي ويندو جيئن هو ماءُ کان پيدا ٿيڻ وقت پاڪ هوندو آهي .

 

انهن حديثن مان هي ثابت ٿئي ٿو ته جناب سيده سلام الله عليها جي زيارت گناهن جو ڪفارو به آهي ۽ جنت جي ضمانت به آهي ان شرط سان ته انسان زيارت ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ کي گناهن کان پري ڪري.

ٻن حديثن ۾ امام صادق عليه السلام ۽ امام رضا عليه السلام زيارت جي قبوليت ۽ جنت جي واجب هجڻ لاءِ پاڻ (سلام الله عليها) جي حق کي سمجهڻ جي شرط قرار ڏني آهي ۽ اسان پاڻ سلام الله عليها جي زيارت ۾ پڙهندا آهيون : يا فاطِمَة ا ِشْفَعي لي فِي الْجَنَّةِ، فَا ِنَّ لکَ عِنْدَاللّْه شآناً مِنَ الشَّآن“

اي فاطمه (سلام الله علهيا)جنت ۾ منهنجي شفاعت ڪجان ڇو جو توهان جو خدا جي بارگاه ۾ هڪ خاص شان ۽ منزلت آهي “

امام صادق عليه السلام جي فرمان مبارک مطابق تمام شيعيان اهل بيت عليهم السلام جناب سيده سلام الله علهيا جي شفاعت سان جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ اسان ان جي زيارت  ۾ پڙهندا آهيون، پاڻ (سلام الله عليها ) اسان جي شفاعت ڪندي ڇو جو پاڻ سلام الله عليها خداوند عالم جي بارگاه ۾ هڪ خاص شان ۽ منزلت رکن ٿيون، علماء چوندا آهن ته هي شان، شان ولايت آهي جيڪو جناب معصومہ کي حاصل آهي ۽ انهي منزلت جي بنا تي مومنين جي شفاعت ڪندي ۽ جيڪڏهن ڪو هن جي شان جي معرفت رکندو هجي ۽ پاڻ سلام الله عليها جي زيارت ڪري ته اُن تي جنت واجب آهي .

 

زيارت ۽ اُن جي فلسفو:

قاموس شيعه ۾ هڪ مقدس ۽ معروف ڪلمو، ڪلمه زيارت آهي، اسلام ۾ جن آدابن جي تمام گهڻي تاکيد ڪئي وئي آهي انهن منجهان هڪ اهل بيت عليهم السلام ۽ انهن جي اولاد جي قبر جي زيارت لاءِ سفر ڪرڻ آهي ، روايتن ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ آئمه معصومين جي طرفان ان امر جي تمام گهڻي تاکيد ڪئي وئي آهي .

مثلا رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:

”من زارني او زار احدا من ذريتي زرته يوم القيامة فانقذته من اهوائها“[20]

جيڪو منهنجي يا منهنجي اولاد منجهان ڪنهن جي زيارت ڪندو مان قيامت جي اُن جي ديدار لاءِ پهچندس ۽ اُن کي اُن ڏينهن جي خوف کان آمان ڏياريندس .

 

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

من اتي قبر الحسين عارفا بحقه کان کمن حج مئة حجة مع رسول الله“[21]

جيڪو حق جي معرفت سان گڏ امام حسين عليه  السلام جي قبر جي زيارت ڪندو اُن شخص ڄڻ ته 100 حج رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ انجام ڏنا آهن.

هڪ ٻي روايت ۾ امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا :

امام حسين عليه السلام جي زيارت هزار حج ۽ هزار عمرن جي برابر آهي .[22]

امام رضا عليه السلام پنهنجي زيارت جي لاءِ فرمايو آهي:

جيڪو شخص معرفت سان گڏ منهنجي زيارت ڪندو مان اُن جي شفاعت ڪندس .[23]

امام علي نقي عليه السلام فرمائن ٿا:

جنهن جناب عبدالعظيم(عليه السلام) جي قبر جي زيارت ڪئي ڄڻ ته هن امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪئي. [24] (جناب عبدالعظيم جنهن جي قبر مطهر ايران جي گاڌي واري شهر تهران ۾ موجود آهي .)

امام جواد عليه السلام به امام رضا عليه السلام جي لاءِ فرمايو :

اُن شخص تي جنت واجب آهي جيڪو (طوس ۾) اسان جي بابا جي زيارت ڪندو .

اسان حضرت بيبي معصومہ سلام الله عليها جي زيارت جي لاءِ مٿي روايتون بيان ڪيون سين .

هاڻي سوال هي آهي ته انهن جي فضائل ۽ جزا جو فلسفو ڇا آهي ؟ ڇا هي تمام اجر ۽ ثواب بغير ڪنهن هدف جي فقط هڪ ئي مرتبه زيارت ڪرڻ واري شخص کي ملي ويندو ؟

 

حقيقت ۾ زيارت جو فلسفو هي آهي ته اسان انهن جي تعليمات کي آخرت لاءِ پنهنجو سامان قرار ڏيون ۽ خدا جي راه ۾ اهڙي طرح هلون جهڙي طرح هي هليا ، تمام معصومين جي زيارت جي سلسلي ۾ بيان ٿيندڙ اڪثر روايتن ۾ هي شرط آهي ته حق جي معرفت سان زيارت ڪيو تڏهن توهان آخرت جو ثمري جو اميد رکو .

هي بزرگ هستيون ، عالم بشريت جي لاءِ نمونه ۽ مثال آهن ، اسان کي انهن جو حق سمجهي ڪري انهن جي زيارت لاءِ سفر جو تمام سختيون برداشت ڪرڻ گهرجن ۽ ان سان گڏ خدا جي راه ۾ انهن جو قربانيون، قرآن ۽ اسلام جي حفاظت جي غرض سان انهن جي محنت ۽ مشقت کان اسان کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي دنياوي ۽ ديني حاجتن لاءِ انهن کان التجا ڪجي ته جيئن اسان جي شفاعت ڪن، ان ڪري انهن جي حق جي سڃاڻپ ضروري آهي .

 

حضرت معصومه سلام الله عليها جو زيارت نامو:

هر ڪنهن جي سان ملاقات(زيارت ) جو هڪ خاص حکم هوندو آهي،حضرت معصومہ سلام الله عليها جي بارگاه ۾ به حاضر ٿيڻ جا خاص آداب آهن انهي ڪري پاڻ سلام الله عليها جي زيارت لاءِ معتبر روايتن سان نقل ٿيو آهي ته جيئن جيڪي زيارت جا مشتاق افراد آهن اهي انهن نوراني جملن جي تلاوت ڪري رشد ۽ ڪمال جي راه ۾ پاڻ سلام الله عليها سان مخاطب ٿين ۽ حق جي اُن سمنڊ مان جنهن جون حدون ئي نه آهن، کان پنهنجي ظرف مطابق ڪجھ قطرا کڻي سگهن.

 

حضرت معصومہ سلام الله عليها جي هڪ خصوصيت هي آهي ته پاڻ (سلام الله عليها) جو ماثور زيارت نامو آئمه اهلبيت عليهم السلام کان وارد ٿيو آهي، سيدة العالمين جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها کان بعد پهرين بيبي آهي جنهن جي لاءِ آئمه معصومين عليهم السلام جي طرفان زيارت نامه وارد ٿيا آهن .

 

تاريخ اسلام ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي والده حضرت آمنه بنت وهب (عليها السلام)، حضرت اميرالمومنين عليه السلام جي والده حضرت فاطمه بنت اسد، حضرت سيده زهرا سلام الله عليها جي والده حضرت بيبي خديجه بنت خويلد(عليها السلام)، حضرت ابو الفضل العباس عليه السلام جي والده حضرت فاطمه ام البنين(عليها السلام)، شرڪة الحسين ثانيه زهراء عليها السلام، حضرت امام علي النقي عليه السلام جي حمشيره حضرت حڪيمه ۽ حضرت امام مهدي عليه السلام جي والده ماجده حضرت نرجس خاتون(سلام الله عليهن اجمعين) جهڙيون عظيم عالي مرتبه خواتين ٿي گذريون آهن جن جي مقام ۽ منزلت ۾ شڪ ۽ شبهه جي ڪا به گنجائش ناهي پر انهن جي باري ۾ معصومين کان ڪو به مستند زيارت نامو وارد ناهي ٿيو جڏهن ته حضرت معصومه سلام الله عليها جي لاءِ زيارت نامو وارد ٿيو آهي ۽ هي حضرت معصومه سلام الله عليها جي عظمت جي نشاني آهي  ته جيئن شيعيان ۽ پيروڪاران اهل بيت عليهم السلام بالخصوص عوتون هن عظمت جو خيال رکن ۽ هن زمين تي عفت ، پاڪ دامني، حياء ۽ تقوا جو عملي نمونو پيش ڪنديون رهن انهي صورت سان پاڻ سلام الله عليها جي روح مطهر اسان کان خوشنود ٿيندي ۽ اسان جي شفاعت ڪندي .

 

حضرت معصومه سلام الله عليها جي شفاعت:

هن ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ته شفاعت جو تمام وڏو مقام آهي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو ئي مقام آهي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو مقام قرآن مجيد ۾ مقام محمود قرار ڏنو ويو آهي 

اهڙي طرح پاڻ سڳورن جي خاندان منجهان ٻن عورتن جي لاءِ تمام وسيع شفاعت کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا تمام گهڻي وسيع آهي جو پورو محشر انهن ٻنهي خاتونن جي شفاعت جي دائر ۾ داخل ٿي سگهن ٿو ان شرط سان ته اهي شفاعت جي لائق هجن.

هي ٻه عاليه قدر عورتن، صديقه طاهره سلام الله عليها حضرت زهرا سلام الله عليها ۽ شفيعه روز جزا حضرت فاطمه معصومه سلام الله عليها آهن. حضرت ام الحسنين عليها السلام جي شفاعت جو مقام ڄاڻڻ لاءِ هي ڪافي آهي  ته پاڻ (سلام الله عليها ) جي جو حق مهر شفاعت آهي ۽ جڏهن الله جي حڪم سان پاڻ (سلام الله عليها ) جو نڪاح حضرت علي ابن ابي طالب عليه السلام سان ٿي رهيو هو ته خداوند عالم جي طرفان قاصد وحي حضرت جبرائيل عليه السلام شادي جو پيغام رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاه ۾ کڻي آيا جيڪو ريشمي ڪپڙي تي هن طرح لکيل هو :

” محمد(صلي الله عليه وآله وسلم) جي گناه گار امت جي شفاعت خداوند عالم حضرت فاطمه زهرا (سلام الله عليها) جو حق مهر مقرر ڪيو آهي “

هي حديث اهل سنت جي منابع مان به نقل ٿي آهي .

سيده زهرا سلام الله عليها کان پوءِ ٻي ڪنهن به عورت کي شفيعه روز محشر ناهي چيو ويو سواءِ حضرت معصومه سلام الله عليها جي ، انهي ڪري امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو:

”ڄاڻي وٺو ته جنت جي اٺن دروازن مان ٽي دروازا قم جي طرف کلندا، منهنجي اولاد منجهان هڪ عورت جنهن جو نالو ”فاطمه“ هوندو قم ۾ رحلت ڪري ويندي جنهن جي شفاعت سان اسان جا تمام شيعه جنت ۾ ويندا“

 

حضرت معصومہ سلام الله عليها کان منقول روايتون:

 {عَنْ فَاطِمَةُ بِنْتَ موسَى بْن جَعْفَر(ع) عن فاطمة بنت جعفر الصادق(ع) عن فاطمة بنت محمد الباقر(ع) عن فاطمة بنت علی زین العابدين(ع) عن فاطمة بنت الحسين(ع) عن زينب بنت اميرالمؤمنين(ع) عَنْ فَاطِمَةَ بِنْت ِرَسُول ِاللّهِ صَلَّى اللّه عليه ِوَ آله وِ سَلَّمَ، قَالَتْ: قَالَ رَسُولُ اللّهِ صَلَّى اللّهِ عليه ِوَ آله ِوَ سَلَّمَ: ألا مَنْ ماتَ عَلى حُبِّ آل ِمُحَمَّد ماتَ شَهِيداً}۔ [25]


حضرت فاطمه معصومه سلام الله عليها، فاطمه بنت جعفر صادق عليه السلام کان هن فاطمه بنت امام محمد باقر عليه السلام کان اُن فاطمه بنت امام سجاد عليه السلام کان، اُن فاطمه بنت امام حسين عليه السلام کان، اُن زينب بنت اميرالمومنين عليه السلام کان ، اُن فاطمه الزهراء سلام الله عليها کان نقل ڪيو آهي : رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم
فرمايو جيڪو آل محمد سان محبت رکي هن دنيا مان مري ويندو اهو شهيد جي موت مرندو .

2: حضرت علي عليه السلام ۽ اُن جي شعين جي قدر ۽ منزلت

حضرت فاطمه معصومه سلام الله عليها (مٿين ساڳين سند سان) فاطمه زهر سلام الله عليها کان نقل ڪري ٿي: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو : معراج واري رات، مان بهشت ۾ داخل ٿيس ته هڪ محل ڏٺم جنهن جو هڪ دروازو ياقوت ۽ موتين سان سان سجايل هيو ۽ اُنهي دروازي جي مٿان هڪ مردو ڏنل هيو مون اُن کي مٿي ڪري ڏٺ ته اُن تي لکيل هو :

لا اله الا الله محمد رسول الله علی ولي القوم

خدا کان سوا ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي محمد(صلي الله عليه وآله وسلم )الله جو رسول ۽ علي (عليه السلام) ماڻهن جا رهبر آهن

۽ اُنهي پردي تي لکيل هو ”بخ بخ من مثل شيعته علي“ مبارک هجي مبارڪ هجي علي عليه السلام جي شيعن جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ مان هن محل ۾ داخل ٿيس اُتي مون هڪ عمارت ڏٺي جيڪا سرخ(ڳاڙهي) عقيق سان ٺهيل هئي ۽ ان جو دروازو چاندي جو هو اُن تي به پردو لڳل هو ۽ ان جو به پردو کڻي ڪر ڏٺم ان تي لکيل هو :

محمد رسول الله علي وصي المصطفی

محمد (صلي الله عليه وآله وسلم) الله جو رسول ۽ علي (عليه السلام) مصطفي جا وصي آهن .

اُن پردي تي لکيل هو :

بشِر بشيعة علي بطيب المولد

علي  عليه السلام  شيعن کي حلال زادو هجڻ تي مبارڪ باد ڏي .

 

مان اُن ۾ به داخل ٿيس اتي زبر جد سان ٺهيل هڪ محل ڏٺم جنهن بهتر مون ڪڏهن به اهڙو محل نه ڏٺو هو اُن جو دروازو ڳاڙهي ياقوت سان ٺهيل هو جيڪو موتين سان سجايل هو اُن تي به هڪ پردو لٽڪيل هو مون سر ڪيو ته پردي تي لکيل هو

شيعته علي هم الفائزون“

علي ( عليه السلام ) جا شيعه ڪامياب آهن“

مون جبرائيل کان سوال ڪيو : هي محل ڪنهن جو آهي ؟ جبرائيل  عليه السلام  جواب ڏنو هي توهان جي چاچي جي پٽ توهان جي جانشين حضرت علي ابن ابي طالب  عليه السلام  جو آهي ، قيامت جي ڏينهن علي  عليه السلام  جا سڀ شعيه هن ۾ پيرن اگاڙا داخل ٿيندا.[26]

 

3: حضرت معصومه سلام الله عليها روايت ڪن ٿيون: حضرت بيبي فاطمه  سلام الله عليها  فرمايو؛

 من اصعد الی الله خالص عبادته اهبط الله عزوجل اليه افضل مصلحته

جيڪو شخص پنهنجون خالص عبادتون الله جي بارگاه ۾ موڪليندو خدا پنهنجون بهترين مصلحتون اُن جي طرف موڪليندو.



[1] . دلائل الامامة ص:309

[2] . ناسخ التواريخ، ج ٣، ص ٦٨، بحواله کتاب "ڪريمه اهل بيت"، ص ٣٢۔

[3] . مصباح الشريعه باب ۱۰۰

[4] . زندگي حضرت معصومه ۽ تاريخ قم :ص 34، وقايع الشهور ص :212

[5] . وسيلہ لمعصومه بنقل نزهمة الابرار.

[6] . مستدرڪ سفينة البحار:ج 8 ص 257

[7] . بحارالانوار: ج 60 ص 216

[8] . زندگاني حضرت معصومه (آقاي منصوري): ص 14،

[9] . وسيلة المعصوميه: (ميرزا ابو طالب بيوڪ) ش 68، الحياة السياسبة للامام الرضا عليه السلام ؛جعفر مرتضي عاملي :ص 428 ، قيام سادات علوي : (علي اڪبر تشيد)ص؛168.

[10] . دريائي سخن (تاليف سقازاده تبريزي) ص 12

[11] . :تاريخ قديم قم:ص:213

[12] . بيبي جو شام ۾ خطبو

[13] . تاريخ قديم قم ؛ص214

[14] . سفينة البحار :ج 2 ص 376

[15] . ثواب الاعمال و عيون اخبار الرضا(ع) ، عوالم العلوم، ج 21 ص 353، بقل ڪيو ويو آهي اسني المطالب کان صفحو 49 کان 51 تائين

[16] . بحارالانوار: ج 48 ص 307

[17] . عيون اخبار الرضا (ع)

[18] . ڪامل الزيارات

[19] . زبده التصانيف :ج 6 ص 159، بحواله ڪريمه اهل بيت :ص 3

[20] . کامل الزيارات :ص 18

[21] . بحار الانوار: ج 101 ص 42

[22] . بحارالانوار: ج 101 ص 43

[23] . بحارالانوار: ج 102 ص 33

[24] . بحار الانوار: ج 102 ص 265

[25] . اثار الحجة محمد رازی ص / ۹ ، نقل از اللولؤ الثمينه ص / ۲۱۷۔

[26] . بحار ج / ۶۸ ، ص / ۷۶۔

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي