اربع, 28 آڪٽوبر 2020

حضرت امام علي عه کي شهادت جي بشارت

  • انداز قلم

 

پاڻ سڳورن صه جن ماه مبارڪ رمضان جي استقبال ۾ هڪ خطبو ڏنو جيڪو خطبي شعبانيه جي نالي سان مشهور آهي.

سيرت معصومين عليهم السلام

ان خطبي ۾ پاڻ سڳورن صه مسلمانن جي لاءِ هن مهيني ۾ ڪجهه ذميوارين کي بيان ڪيو آهي ۽ حضرت علي عليه السلام کي اها بشارت پڻ ڏني ته توکي هن الله سائين جي مهيني ۾ مظلمانه انداز ۾ شهيد ڪيو ويندو.

پاڻ سڳورا صه خطبو ڏيندي ڏيندي روئي پيا حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا مان عرض ڪيو

فَقلتُ: یا رسولَ اللهِ ما یَبکِیکَ؟فقالَ یا علیّ، أبکی لِما یَستحلّ مِنک فی هذا الشّهر.کأنّی بِکَ وَ أنتَ تُصلّی لِرَبّکَ وَ قد انبَعَثَ أشقَی الأولینَ شَقیقَ عاقِرِ ناقَهِ ثمود، فَضَرَبَکَ ضربَةً علَی قَرَنِکَ فَخَضّبَ منها لِحیتَکَ، قالَ امیرُالمؤمنینَ علیه السّلام: فَقلتُ: یا رسولَ اللهِ، و ذلکَ فی سَلامَةٍ مِن دِینی؟فقال صلی الله علیه و آله: فی سلامة من دینک.

اي الله جا رسول اوهان کي ڪهڙي شي روئاريو آهي؟ فرمايائون: اي علي عه مان ان لاءِ روئي رهيو آهيان جو هن مهيني ۾ تنهنجو رت وهايو ويندو ( هن مهيني ۾ توکي شهيد ڪيو ويندو) ڄڻ ته مان تنهنجي شهادت جي منظر کي ڏسي رهيو آهيان ان وقت تون پنهنجي پالڻهار لاءِ نماز ۾ مصروف هوندين، ان وقت صالح (نبي) جي ڏاچي کي شهيد ڪرڻ واري شقي ۽ بدبخت ۽ گذريل بدبختن کان وڌيڪ شقي ۽ بدبخت ماڻهو تنهنجي پيشاني تي هڪ حملو ڪندو جنهن ڪارڻ تنهنجي ڏاڙهي رت سان رنگين ٿي ويندي.

اميرالمومنين علي عليه السلام فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو اي الله جا رسول ڇا ان وقت منهنجو دين صحيح ۽ سالم هوندو؟ فرمايائون: ها ان وقت تنهنجو دين سالم هوندو.

خطبي شعبانيه مان اقتباس

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي