اربع, 26 فيبروري 2020

حجة الاسلام سيد نادر حسين رضوي (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

وادي مهراڻ جي هڪ علائقي سکر ۽ بکر جي نالي واري رياست بڪار ۾ جتي رضوي سادات جي اڪثريت آهي، سن 1967 عيسوي ۾ هڪ شخصيت حجة الاسلام سيد نادر حسين رضوي فرزند سيد خدا بخش رضوي جنم ورتو. سيد نادر حسين رضوي سن 1967ع ۾ پهرين آگسٽ ڳوٺ ڏاڍاءَ بڪار، تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ هڪ مومن ۽ زميندار شخص بنام سيد خدا بخش رضوي جي گهر ۾ جنم ورتو.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

ابتدائي تعليم

پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏاڍاءَ ۾ حاصل ڪيائون اتي پنج درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ روهڙي ويا ۽ اتان کان ميٽرڪ پاس ڪيائون. رضوي سادات جا تعلقات سلمان زمان حجة الاسلام والمسلين قبلا غلام مهدي نجفي (رحمة الله عليه) سان تمام گهڻا هئا انهي ڪري پاڻ قبلا جي سيرت ۽ زندگيءَ کان تمام گهڻا متاثر هئا.

ديني تعليم جي حصول لاءِ سفر

قبلا سيد نادر حسين شاھ جو وڏو ڀاءُ سيد مختيار علي رضوي دنياوي تعليم ٻارنهن درجا (inter) پوري ڪرڻ کان پوءِ ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ مدرسه دانشگاھ جعفريه واگهرجي ويا هئا جنهن کي ڏسي قبلا سيد نادر حسين شاھ رضوي به ديني تعليم حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ دانشگاھ جعفريه واگهرجي جي طرف پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد مختيار علي رضوي سان گڏ سفر لاءِ روانا ٿيا ۽ سن 1986 ۾ وڃي ڪري مدرسي ۾ داخلا ورتائون.

سائين جا استاد

پاڻ علامه غلام مهدي نجفي، علامه عباس علي نجفي، علامه سيد ارشاد حسين نقوي ۽ علامه محمّد محسن مهدوي کان ڪسب فيض ڪيائون. مدرسي جي اندر توڙي ٻاهر سندس اخلاق ۽ زهد جا چرچا هوندا هئا. سائين جن ڪجھ اهڙين صفتن جا مالڪ هئا جيڪي صفتون تمام گهٽ ماڻهن ۾ پاتيون وينديون آهن.

پاڻ دانشگاھ جعفريه واگهرجي ۾ 1986 کان 1995 تائين علم ۽ حڪمت جا موتي ميڙيائون. ان کان بعد علم ۽ معرفت جا موتي ميڙڻ لاءِ قم المقدس ڏانهن روانا ٿيا. اتي ٻن سالن جو عرصو گذارڻ کان پوءِ پنهنجي وطن پاڪستان روانا ٿيا ۽ پنهنجي علم جي خزانن سان عوام جي پياس مٽائڻ ۾ مصروف ٿي ويا.

سائين جي دوستن جي بقول اسان سائين کي طالبعلمي جي زندگي ۾ ئي هڪ اهڙي منزل تي ڏٺوسين جتي وڏا وڏا بزرگ علماءَ فائز هوندا آهن. درسن کان پوءِ نماز ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ۾ مصروف عمل نظر ايندا هئا. ان سان گڏوگڏ دوستن ۽ استادن جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ غلامن وانگر نظر ايندا هئا. پنهنجي سٺي اخلاق سان ماڻهن کي غلام بڻائي ڇڏيندا هئا.

سائين جن انهن عالمن منجهان هئا جن هڪ جڳھ تي زندگي جا 25 سال گذاريا آهن.

پاڻ پاڪستان وڃڻ سان ئي خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ لياري ۾ پنهنجي زندگي جا ڏينهن گذاريا. پاڻ اتان جي ماڻهن ۾ اهڙي مقبوليت ماڻي جو اڄ تائين ڪنهن به اهڙو مقام ۽ اهڙي منزلت نه ماڻي آهي. پاڻ ڪيترن ئي دوستن کي ديني تعليم جي راھ تي آندو ۽ مدرسن تائين پهچايو جيڪي اڄ به مدرسن ۽ مختلف ڳوٺن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن.

سندن ڪرامتون

1: مستجاب الدعاء

قبله مولانا سيد ارشاد حسين نقوي جي بقول سائين جن هڪ مستجاب الدعاء سيد هئا. اگر ڪنهن جي به حق ۾ دعا يا بددعا ڪندا هئا ته انهيءَ وقت قبول ٿي ويندي هئي. اهڙيون مستجاب الدعا شخصيتون تمام گهٽ هونديون آهن. اها صفت عارف ۽ بزرگ عالمن جي صفت آهي جيڪا سائين ۾ پاتي ويندي هئي. پاڻ ننڍپڻ ۽ جواني ۾ انهي درجي تي فائز هئا، اسان ان کان ڊڄندا هئاسين ته ڪاٿي بد دعا نه ڏيئي وٺي.

 

 

2: رفع حاجت تي ڪنٽرول

حجة الاسلام والمسلمين سائين ارشاد حسين نقوي جن فرمائيندا آهن ته سيد نادر حسين رضوي هڪ ڪامل عارف،. متقي شخص هئا، هميشه خوف خدا ۾ هوندا هئا، روحاني حوالي کان فوق العاده انسانن ۾ شمار ٿيندا هئا. اهي شيون جيڪي عام انسانن جي قبضي ۾ ناهن سندس قبضي ۾ هيون مثال رفع حاجت، اگر چاهيندو هو ته ٿيندي هئي نه ته اٺ اٺ ڏينهن نه ڪندو هو، ۽ هي هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا دنيا جي تمام گهٽ ماڻهن ۾ پاتي وڃي ٿي. کيس اختيار هو ته هي ڪري يا نه ڪري!

پاڻ تمام گهٽ ڳالهائيندا هئا. جڏهن امام حسين عليه السلام جي مجلس ۾ خطاب ڪندا هئا ته هڪ توانا خطيب وانگر ٻه ٻه ڪلاڪ خطاب ڪندا هئا ليڪن فالتو، بغير ڪنهن مقصد جي ڪنهن سان به ڪلام نه ڪندا هئا، خوش مزاج به هئا، پنهنجي همعصر عالمن سان تمام گهڻا ويجھا هئا ۽ مذاق وغيره به ڪندا هئا.

پاڻ زميندار گهراڻي سان تعلق رکڻ جي باوجود به دنيا جي لالچ کان پري هئا بغير ڪنهن لالچ جي هڪ وڏو عرصو 25 سال لياري جهڙي ڳوٺ ۾ گزاريا.

مولانا علي بخش سجادي جي بقول سيد نادر حسين رضويS هڪ علم دوست طالبعلم هجڻ سان گڏوگڏ مطالعي جا تمام گهڻا شوقين هئا، هر وقت ڪتاب هٿ ۾ پڙهندي ڌٺم ۽ مون سان جڏهن به سکر ۾ ملاقات ٿي پڇيو ته خير ۾ سکر اچڻ ٿيو؟ جواب ۾ هميشه هڪ ئي جواب ڏنائون ته ڪتاب وٺڻ آيو هيس. يعني سائين نادر حسين رضوي پڙهڻ جا تمام گهڻا شوقين هئا. جڏهن سائين نادر حسين رضوي پنوعاقل مدرسي ۾ ايندا هئا ته طالبعلمن سان تمام گهڻي پيار سان پيش ايندا هئا. درس اخلاق ۽ تقوا جي تمام گهڻي تاڪيد فرمائيندا هئا. چوندا هئا مان پنهنجي ڀاءُ سائين  حجة الاسلام مختيار علي رضوي جي زيارت جي لاءِ آيو آهيان، پنهنجي ڀاءُ ۽ سڀني رشتيدارن جو حد کان وڌيڪ احترام ڪندا هئا. ڳوٺ جا وڏا سائين نادر حسين رضوي کي چوندا هئا جڏهن اسان جي حجة الاسلام سائين غلام مهدي نجفي جي زيارت جي لاءِ دل تڙپندي آهي ته اسان اوهان جي زيارت ڪندا آهيون. سائين سيد نادر حسين رضوي ايتري قدر تقوا ۾ بلند مقام جا مالڪ هئا.

سائين پنهنجي زندگي جا آخري لمحا پنو عاقل مدرسي ۾ گذاريا، جڏهن سائين جن جي گردن جي تڪليف وڌي ويندي هئي ته چوندا هئا منهنجي ڀاءُ سائين مختيار حسين رضوي کي نه ٻڌائجو ڇو جو سائين کي مدرسي جا ۽ مومنن جا تمام گهڻا ڪم آهن ۽ مان نٿو چاهيان ته سائين مختيار حسين رضوي منهنجي ڪري هن عظيم عبادت کان رڪجي وڃي ۽ منهنجي لاءِ پريشان ٿئي. ايتري قدر سائين نادر حسين رضوي کي پالڻهار جي دين جو درد هوندو هيو.

بيماري جي حالت ۾ خيرپور لياري جا عالم ۽ مومن سائين جي عيادت جي لاءِ ايندا هئا ۽ سائين جي وڏي ڀاءُ حجة الاسلام سيد مختيار علي رضوي  کان تمام گهڻو اصرار ڪندا هئا ته سائين سيد نادر حسين رضوي اسان کي ڏيو ته اسان سائين کي وٺي وڃون ۽ سائين جو خيال رکون! ايسيتائين جو لياري جا ماڻهو پنهنجي پيار ۽ محبت جو اظهار ڪندي ايتري قدر چوندا هئا ته سيد نادر حسين رضوي اسان جو آهي، اسان جو حصو آهي! اسان جو ڳوٺ سائين کان بغير ويران ٿو نظر اچي، سائين اسان جي ڳوٺ ۽ علائقي جو روح آهن، ايتري قدر سائين سان ماڻهو پيار ڪندا هئا. اگر سائين ڪڏهن پنهنجي ڳوٺ ايندا هئا ته لياري جي علاقي جا ماڻهو اچي سائين جي ڳوٺ پهچندا هئا جڏهن انهن کان سبب معلوم ڪيو ويندو هو ۽ چيو ويندو هو ته سائين ڪالھ ئي ته اوهان جي علائقي کان پنهنجي ڳوٺ آيو آهي، ته اهي چوندا هئا اسان جي سائين کان بغير پنهنجي ڳوٺ ۾ دل نٿي لڳي، سائين کان بغير مايوس ٿا ٿيون! ايتري قدر ماڻهو سائين سان محبت ڪندا هئا.

مالڪ حقيقي سان ملاقات

آخرڪار اها رات اچي وئي جنهن ۾ سائين پنهنجي خالق حقيقي ڏانهن ۽ محمد و آل محمد عليهم السلام جي ديدار جي لاءِ کلندي کلندي سڀني دوستن، رشتيدارن، ڀائرن، اولاد ۽ پيار ڪرڻ وارن کان الوداع ڪئي. ۽ 29 مئي 2016 تي تقريبا 50 سالن جي ڄمار ۾ خالق حقيقي جي سڏ تي لبيڪ چيو.

کين پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڏاڍاءَ بڪار ۾ دفن ڪيو ويو. سندن جنازي نماز حجة الاسلام مولانا علي بخش سجادي پڙهائي، علماءَ ۽ سادات ڪرام جي هڪ وڏي هجوم ۾ ڪا به اهڙي اک نه هئي جيڪا روئي نه رهي هجي، هر ماڻهو سائين نادر حسين رضوي جي وڇوڙي کي محسوس ڪيو. سائين پنهنجي پويان هڪ وفادار گهرواري ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيون جيڪي سائين جي زندگي جو ڪل سرمايو آهن، جيڪي هن وقت سائين جي وڏي ڀاءُ حجة الاسلام سيد مختيار علي رضوي جي زير نظر آهن.

آخر ۾ پالڻهار جي بارگاھ ۾ دعا آهي ته سائين جي درجات ۾ بلندي عنايت فرمائي ۽ سائين کي محمد و آل محمد عليهم السلام سان گڏ محشور فرمائي. آمين.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي