اربع, 01 اپريل 2020

حجة الاسلام والمسلمين سيّدعلي اسد الله ڪاظمي (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم


پيدائش

سائين علي اسد الله ڪاظمي پاڪستان جي سنڌ صوبيجي هڪ ننڍڙي ڳوٺ بختاور پور ڪنڊيارو ۾ 3 اپريل سن 1949 عيسوي ۾ پيدا ٿيو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جو هيءُ ٻار هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ علمي سج ٿي اڀرندو.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

پاڻ اڃا پنهنجي جيجل امڙ جي پيٽ ۾ ٽن مهينن جا هئا ته سندس پيءُ سيد جند علي شاهه ڪاظمي جو انتقال ٿي ويو. تنهنڪري سائين جن کي سندس ڏاڏي مرحوم سيّد جعفر علي شاهه ڪاظمي پالي وڏو ڪيو. سنڌ جا عالم ان ڳالهه جا گواهه آهن ته پاڻ پنهنجي نالي جي ڪيتري قدر لڄ رکيائون.

پاڻ جڏهن هلڻ جهڙا ۽ ڪجھه سمجھه جهڙا ٿيا ته سندس ڏاڏي ابتدائي تعليم پرائڻ جي لاءِ کيس انهيءَ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ استاد محترم پنهنجي انهي دنياوي تعليم جي سلسلي کي ايم، اي تائين جاري رکيو.

سندن هوشياري ۽ ذهانت

(پاڻ ڏاڍا محنتي ۽ هوشيار ۽ پڙهائڻ ۾ به ماهر استاد هوندا هئا. اسان ته سندن قابليت کي ديني تعليم جي ميدان ۾ بيان ڪري رهيا آهيون، پر هيٺ بيان ڪيل قصي مان سندن دنياوي تعليم ۾ به ذهانت ۽ هوشياري جي معيار کي پرکي سگھجي ٿو:[1])

سندن فرزند سيد هشام حيدر ڪاظمي ٻڌايو ته بابا سائين (سيّد علي اسد الله ڪاظمي) هڪ ڏينهن مون کي پنهنجي اسڪول جي زندگيءَ جو هڪ قصو ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اسڪول ۾ استاد ۽ سندس شاگرد رياضيءَ جا (ڪجھ) سوال حل ڪرڻ ۾ پريشان هئا ۽ آئون ان اسڪول جي پڙهائي مڪمل ڪري اتي جو سرٽيفڪيٽ وٺي چڪو هئس، پر ان ڏينهن گھمڻ جي نيت سان ان اسڪول ۾ آيس، جيڪي استاد پريشان ويٺل هئا، اهي مون کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا: هاڻي پريشان ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي؛ ڇا ڪاڻ ته سيد علي اسد الله اچي ويو آهي، جيڪو اسان جي هن مشڪل کي ضرور حل ڪندو. بابا سائين چيو: جيئن مون کي انهن استادن ان سوال کي حل ڪرڻ جي لاءِ چيو ته مون سٺي نموني غور ڪري ان سوال کي الجبرا (Mathemathis) جي فارمولي سان حل ڪري ورتو ته سڀئي استاد منهنجي حل ڪيل جواب کي ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا: اسان کي يقين هو ته سيد علي اسد الله هيءُ سوال ضرور حل ڪندو.

سائين جن ديني تعليم ۾ به ذهين هجڻ جي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اسان کي ياد آهي ته استاد محترم سان هڪ ٽولو مدرسه مشارع العلوم ۾ مناظرو ڪرڻ جي لاءِ آيو، جيڪو دعوى ڪري رهيو هو ته سندن مرشد جي تصوير چنڊ ۾ آهي. استاد محترم وٽ جڏهن به اهڙو ڪو مسئلو پيش ايندو هو ته سندن سڀني شاگردن کي ان ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ چوندا هئا، بنده حقير کي به ان مناظري ۾ شرڪت ڪرڻ جي توفيق حاصل ٿي. اهو مناظرو ٽي ڏينهن مسلسل هليو پر يقين ڪريو ته سائين جن پنهنجي قرآني دليلن سان انهن کي هار مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. نيٺ ٽئين ڏينهن تي اهي بحث کي اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا، اتان کان ئي سائين جن جي علمي معيار کي پرکي سگھجي ٿو. ياد رهي ته پاڻ فن ۾ ڏاڍا هوشيار هئا.)  

سندن ڪاروبار

پاڻ پڙهائيءَ سان گڏ روزگار جي لاءِ هڪ ننڍو ڪم به ڪندا هئا ۽ حيدرآباد سنڌ ۾ مولا علي (ع) جي قدم گاهه جي ميدان ۾ پنهنجي نالي سان هڪ بڪ  اسٽال جو دڪان کوليائون، جيڪو اڄ به موجود آهي.

پاڻ وڏي غربت ۾ زندگي گذاريائون، جيئن ته سندن فرزند ذڪر ڪن ٿا ته هڪ ڏينهن بابا جن مون کي هڪ قصو ٻڌائيندي چيو: پٽ! هڪ ڏينهن آئون پنهنجي ان ننڍي بڪ اسٽال تي ويٺو هيس ته هڪ ليڪچرار جيڪو مون کي سڃاڻيندو هو، مون کان پڇيو: توهان ڪيتري تعليم حاصل ڪئي آهي؟ مون چيو: ايم، اي تائين پڙهيو آهيان ۽ ان سان گڏ هيءُ هڪ ننڍڙو دڪان به کوليو آهي.

ليڪچرار چيو: توهان مون سان گڏ هلو آئون توهان کي پروفيسري جي نوڪري ڏيان ٿو.

پر بابا جن وراڻيو ته مون کي هن وقت ديني تعليم سان دلچسپي آهي، تنهنڪري آئون سرڪاري ملازم نٿو ٿيڻ چاهيان.

ديني تعليم سان لڳاءُ

سائين جن کي ديني تعليم پرائڻ جو شوق مولوي محمد اسماعيل ديوبندي جون تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ ٿيو، جنهن کان پوءِ پاڻ ان سان وڃي مليا ۽ ديني تعليم پرائڻ جي خواهش ان جي سامهون ظاهر ڪيائون، ان کيس جواب ڏنو ته سيد علي اسد الله توهان پهريان پنهنجي مقدماتي (ابتدائي) تعليم حيدرآباد شهر جي مدرسي مشارع العلوم ۾ (جنهن جو باني مولانا سيد ثمر حسن زيدي هو) حاصل ڪريو، ان کان پوءِ مون وٽ اچجؤ.

سائين جن مولانا اسماعيل ديوبندي جي ڳالهه تي عمل ڪندي پنهنجي ابتدائي ديني تعليم سائين ثمر حسن زيدي وٽ شروع ڪئي.

سائين جن جي ساٿي مولانا محمد عباس زيدي ۽ سندس ويجھي دوست مولانا علي نظير زيدي ٻڌايو ته مولانا علي اسد الله اٺ سال جو ڪورس ساڍي ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو جنهن جي ڪري سائين ثمر حسن جي تمام گھڻو ويجھي ٿي ويا ۽  انهيءَ عرصي دوران مولوي اسماعيل جي وفات جي به کين خبر ملي.

ان کان بعد پاڻ وڌيڪ تعليم لاءِ حوزه علميه قم المقدس آيا ۽ قم مان واپسيءَ کان پوءِ پنهنجي وطن عزيز پاڪستان موٽي مدرسه مشارع العلوم حيدرآباد ۾ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون، جنهن ۾ صرف ۽ نحو جي ڪتابن سان گڏوگڏ لمعه ۽ اصول جا درس پڻ پڙهائيندا رهيا سندن وڏي مهارت جي ڪري کين قابل استادن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو.

سائين مدرسي جي طرفان سونپيل درسن کان علاوه فصيح عربي جو درس به اهڙي پياري انداز ۾ ڏيندا هئا جو شاگرد کي عربي ٻولي تي عبور ٿي ويندو هو ۽ مون کي ياد آهي ته سائين جن جي ان عربي ڪلاس ۾ دوست ايتري قدر شوق سان ايندا هئا جو سندن حڪم سان ان ڪلاس جون ٻه ٽيمون ٺاهيون ويون ۽ هر ٽيم ۾ ٻارهن کان پندرهن شاگرد هوندا هئا، جن جي درميان عربي ٻولي ۾ ڳالهائڻ جو مقابلو ٿيندو هو جنهن تي سندن سخت نظارت هوندي هئي.

سندن اولاد

کين هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن ۽ ٽنهي پٽن جو نالو محمد جي نالي سان رکيائون (محمد شاهه اول، محمد شاهه ثاني، محمد شاهه ثالث جي نالي سان) ڇاڪاڻ ته مرحوم، حضرت امام صادق (ع) جي دعا مان انهن نالن کي ورتو هو جنهن ۾ مولا فرمائن ٿا ته جيڪو شخص چاهي ٿو ته ان کي رڳو پٽ ٿين ته اهي پنهنجي فرزند جو محمد نالو رکي، امام (ع) جي ان فرمان تي عمل ڪرڻ  جي ڪري کين خلقڻهار ٽي پٽ عطا ڪيا.

سندن لکيل ڪتاب

مرحوم پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ٻه ڪتاب لکيا جيڪي ٻئي ڪتاب شيعه مذهب جي خلاف لکيل ڪتابن جي جواب ۾ آهن، جن مان هڪڙو ڪتاب تحفه علي ولي الله ۽ ٻيو ڪتاب عين الفرقان در جواب اوضح البيان آهي.

سائين جن پنهنجي لکيل ڪتابن تي فخر ڪندي چوندا هئا ته شيعن جا مخالف ڪيتري به ڪوشش ڪن منهنجي ان ڪتابن جو جواب نٿا ڏيئي سگھن ۽ جيڪڏهن گھڻي ڪوشش ڪري ان جي مخالفت ۾ ڪي جواب به ڏئي وجھن ته ان جو جواب به مون وٽ آهي.

امام زمان (عج) جي زيارت

کين امام زمانه عج الله فرجه الشريف جي زيارت جو پڻ شرف حاصل ٿيو، پر ان راز کي ڪڏهن به پنهنجي زندگيءَ ۾ ظاهر نه ڪيائون. سندن ويجھي دوست مولانا غلام رضا شاهه اسان کي سائين جي انتقال کان پوءِ ٻڌايو جنهن چيو ته مون کي سائين جن روڪيو هو ته آئون ان راز کي سندن زندگيءَ ۾ ظاهر ڪيان.

سندن وفات

3 مارچ سن 2010 عيسوي تي مرحوم سبق پڙهائڻ کان پوءِ واپس موٽيا ته سندن روح پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا. سندن خاڪي جسد کي پنهنجي آبائي ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 



[1]. بريڪيٽ ۾ بند ڪيل جملا يا عنوان بندي سائين جن جي هڪ ننڍڙي شاگرد علي محمد مطهري (کوسه) جي طرفان آهن.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي