اڱارو, 20 آڪٽوبر 2020

حجة الاسلام سيد فدا حسين موسوي (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

مهاڳ

الله سائين هر انسان کي ڪانه ڪا اهڙي خاصيت  ۽ خوبي عطا ڪئي آهي جيڪڏهن انسان ان جو خيال ڪري ۽ ان جو قدر ڪري ته حياتي ۾ ڪمال جي منزل تائين پهچي سگهي ٿو پر ڪي انسان ان خصوصيت کي نظر انداز ڪري هميشه ڪفر ڀريا ٻول ٻوليندا آهن

جن سالڪن سڌاري سنڌ

ته وري ڪي انسان ان نعمت جو شڪريو ادا ڪندي رب ڪريم جي قرب حاصل ڪرڻ جي لاءِ هميشه ڪوشان رهندا آهن

الله سائين هن مانڊاڻ کي اهڙي نموني خلقيو آهي جو ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي يا نقص ناهي. ڪمال مطلق ڪي ته اهڙيون باڪمال شيون هن سنسار ۾ خلقيون آهن جن کي ڏسندي ئي انسان کي دلي سڪون ۽ آرام ملي ٿو ۽ اهڙن وجودن کي ڏسي دل اهو چوندي آهي ته مولا اهي ئي آهن جن جي ڪري هن دنيا جو چرخو هلي ٿو. اهل بيت عليهم السلام جي زندگي هر انسان لاء نمونه عمل آهي ۽ جنهن انسان به ان کي اپنايو دنيا ۽ آخرت جي سعادت کيس شامل حال ٿي

انهن انسانن مان جن پنهنجي سڄي زندگي مڪتب توحيد ۽ مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي ترويج ۾ خرچ ڪري ڇڏي مولانا سيد فدا حسين موسوي جو نالو به اچي ٿو. سائين موسوي صاحب به سکر جي سرزمين تي هڪ قرآني سفير وارو ڪردار اپنايو.

کوڙ سارين روايتن ۾ ملي ٿو ته توهان مان ڀلو انسان اهو آهي جيڪو قرآن پڙهي ۽ پڙهائي. سائين مولانا فدا حسين گهر گهر وڃي ڪيترن ٻارن کي قرآن جي روخواني جي سکيا ڏني. هاڻي ان انسان جي فضيلت ڇا بيان ڪجي جنهن جو هدف ئي قرآن جي نور سان دلين کي منور ڪرڻ هجي .

ان سٻاجهڙي عالم دين سکر جهڙي ترقي يافته شهر ۾ به هڪ تمام سادي زندگي گذاري ايستائين جو جنهن شهر ۾ گرمي جو اهو عالم هجي جو سينٽي گريڊ پنجاهه کان مٿي هجي اتي به سندن گهر ۾ اي سي نه هئي. جتي دنيادار ماڻهو هميشه پنهنجن مٽن مائٽن جي پوسٽن ۽ مقامن جو استعمال ڪندا آهن اتي سائين فدا حسين ڪڏهن به پنهنجي وڏي ڀاء مولانا سيد محمد عالم شاه موسوي جي شهرت مان غلط استفادو نه ڪيو .

روايتن ۾ آهي ته جيڪو ڪنهن ميت کي غسل ڏئي ٿو الله سائين ان جا سڀ گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو. ايستائين جو ڪجهه روايتن ۾ آهي ته غسل ڏيڻ وارو ڄڻ هاڻي هن دنيا ۾ آيو هجي جو ان جي ماضي جا سڀ گناهه معاف ٿيو وڃن.

سائين مولانا فدا حسين موسوي ڪڏهن به غسل ڏيڻ ۽ جنازا پڙهڻ کان نه ڪيٻايو هميشه صبح هجي يا شام منجهند هجي يا اڌ رات ان ديني وظيفي کي انجام ڏيڻ لاء تيار رهندا هئا.

اهو ئي سبب آهي جو مولانا سيد عالم شاه موسوي جن سان جڏهن مان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته چيائون سکر جا ماڻهو مرد توڙي عورتون اچي پهتا آهن ۽ جنازي ۾ به تصويرن مان صاف ظاهر آهي ته هڪ سادي ۽ غريب عالم جي جنازي ۾ ايڏي وڏي شرڪت حقيقت ۾ سندس ڪيل نيڪ عملن جو ڏيک هو جيڪي مولانا صاحب سکر جي مومنن لاء انجام ڏنا هئا.

محرم جي مهيني ۾ وڇوڙو

سائين فدا حسين موسوي مولا حسين جو عزادار محرم جي مهيني ۾ سڀني پنهنجي چاهيندڙن مٽن مائٽن کي پنهنجي وڇوڙي سان غمگين ڪري ويا ايستائين جو هر ڪنهن جي زبان تي اهي لفظ هئا ته سائين! تنهنجي وڃڻ جي مند نه هئي.

سندن جنازي نماز شاه نجف امام بارگاه سکر ۾ مولانا سيد محمد مٺل شاه جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. سون جي تعداد ۾ عزادارن شرڪت ڪئي ۽ سندن جنازي تي مولا حسين (ع) جو مصائب پڙهيو ويو.

سائين فدا حسين ان سال اربعين جي زيارت لاء ڪربلا تيار هئا پنهنجو پاسپورٽ به ٺهرائي ڇڏيو هيائين ته ان سال نجف ڪربلا سامرا ڪاظمين جون زياريون ڪبيون پر الله سائين سندس روح کي پهريان ئي وادي السلام ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.

روايتن ۾ آهي ته زائر حسيني جي قبر ۾ مولا حسين عليه السلام جي آمد ٿئي ٿي سائين فدا حسين موسوي کي به ضرور مولا  فرمايو هوندو اي فدا حسين اي منهجا عزادار اي منهجا زائر تنهنجي زيارت قبول آهي.

سندن اولاد

الله سائين کين ڇهه پٽ عطا ڪيا، جن مان سندس وڏو پٽ سيد حامد علي ۽ سيد صدا حسين علوم آل محمد پڙهي رهيا آهن. سيد حامد علي مدرسه سفينة النجاة ۾ ديني تعليم پرائي رهيو آهي ۽ سيد صدا حسين نجف اشرف ۾ علوم علوي مان سيراب ٿي رهيو آهي.

سندن آخري آرامگاھ سندن وصيت مطابق اباڻي ۾ ڳوٺ پنهنجي والد سيد حامد علي موسوي جي ڀڪ ۾ بڻائي وئي. الله سائين سندس قبر مٿان رحمتن جو نزول فرمائي.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي