اربع, 28 آڪٽوبر 2020

حجة الاسلام سيد اعجاز حسين شاه ڪاظمي (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

پيدائش، تعليم ۽ تربيت

خيرپور ضلعي جي ڳوٺ خانپور جوڻيجو جي علمي گهراڻي ۾ مورخه هڪ جنوري سن 1977 عيسوي ڌاري خميس جي ڏينهن نماز فجر کان پوءِ هڪ ٻار جي ولادت ٿي، جنهن جو نالو سندس والد بزرگوار خطيب ملت اسلاميه سيد فدا حسين شاهه ڪاظمي جن سيد واجد حسين چونڊيو (جيڪو سيد اعجاز حسين شاهه ڪاظمي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو).

جن سالڪن سڌاري سنڌ

پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي علائقي خانپور جوڻيجه جي هڪ گورنمنٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائون، ان کان بعد وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمنٽ هاءِ ناز اسڪول خيرپورميرس ۾ داخلا ورتائون. ان کان پوءِ مذهبي ۽ حوزوي تعليم جي لاءِ قديمي ديني درسگاهه سلطان المدارس خيرپور ميرس ۾ حجة الاسلام ڌڻي بخش سولنگي ۽ حجة الاسلام سيد ارشاد حسين نقوي جي سرپرستيءَ ۾ حاصل ڪيائون. ڪجهه عرصي کان بعد مدرسه مدينة العلم صوڀوديرو ۾ حجة الاسلام سيد محسن علي نقوي جن وٽ لمعتين مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ  تدريسي خدمات انجام ڏنائون ۽ منبر جي ايتري قدر زينت بڻيا جو مجالس عزا ۾ پنهنجي دؤر جا مايه ناز خطيب بڻيا ۽ فضائل توڙي مصائب ۾ سندن نالو هيو، جتي وادي مهراڻ جي عالمن ۽ خطيبن جا نالا هوندا هئا، انهن مان هڪ هيءُ نوجوان به هوندو هو.

اعلى تعليم لاءِ ايران روانگي

جڏهن مدرسه مدينة العلم مان فارغ التحصيل ٿيا ته مڪتب قرآن و معارف اهلبيتعليهم السلام مان وڌيڪ فيض پرائڻ لاءِ قبله جن حوزه علميه خراسان رضوي مشهد مقدس ايران تشريف کڻي ويا ۽ علوم آل محمد کان مستفيد ٿيندا رهيا. ملڪي ۽ قومي حالات کي مدنظر رکندي ۽ علائقي جي ضرورت محسوس ڪندي سيد بزرگوار مشهد مقدس مان وطن واپس موٽيا ۽ سندن علمي، مذهبي، سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تبليغي خدمات سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائون، علوم آل محمد (ع) جي تعليم ۽ تبليغ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجي آبائي علائقي خانپور جوڻيجه ۾ مدرسه جعفريه بحرالعلوم ڪاظميه ۾ ديني خدمتون انجام ڏيڻ لڳا، جيڪو سندن والد مرحوم جي ڪاوشن جو ثمر هو، جيڪو روشن ڏيئو سائين جي وفات کان بعد خاموشيءَ جي طرف وڃي رهيو هو، سائين ان کي روشن ڪرڻ لاءِ پنهنجيون توانائيون صرف ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي ڪافي حصن ۾ مڪتب آل محمدعليهم السلام جي تبليغ ۽ ترويج جو سلسلو شروع ٿيو ۽ سندن شاگرد مختلف علائقن ۾ خدمتون انجام ڏيئي رهيا آهن ۽ ان کان علاوه علم ۽ اجتهاد جي شهر قم المقدس، مشهد مقدس ۽ باب العلم جي شهر نجف اشرف ۾ فيض حاصل ڪري رهيا آهن.

سندن استاد

حجة الاسلام والمسلمين سيد ارشاد حسين شاھ نقوي.

حجة الاسلام مولانا ڌڻي بخش سولنگي.

حجة الاسلام والمسلمين سيد محسن علي نقوي.

حجة الاسلام والمسلمين سيد اختيار حسين نقوي

۽ حجة الاسلام والمسلمين محمد حسين شگري.

سندن بهترين مباحثي

حجة الاسلام والمسلمين عارف مهدي الحسيني (پرنسپل مدرسه جعفريه بحرالعلوم ڪاظميه)

حجة الاسلام والمسلمين سيد علي حسين نقوي (صدر جامعه روحانيت سنڌ قم المقدس)

مولانا عزيز الله نجفي (نجف اشرف ۾ درس خارج ۾ مصروف)

مولانا عبد الغفور نجفي (نجف اشرف ۾ درس خارج ۾ مصروف)

مولانا علي حسن مشهدي هيسباڻي (حوزه علميه خراسان رضوي ۾ تعليم ۾ مصروف)

سندن بهترين دوست ۽ ساٿي

مولانا سيد عرفان حيدر نقوي بخاري، مولانا همت علي نجفي، مولانا وحيد علي ساجدي، مولانا اصغر علي مشهدي، مولانا غلام مصطفى مدثري، مولانا خادم حسين بلادي، مولانا سعيد رضا جوادي، مولانا نياز حسين جوڻينجو ۽ مولانا ذالفقار علي لاڙڪ.

سندن شاگرد

مولانا سيد ساجد حسين شاهه ڪاظمي (شهنشاه مصائب)، مولانا فهيم عباس ڀنڀرو (بحرالعلوم ڪاظميه ۾ استاد) ۽ مولانا ساجد علي جلباڻي.

سائين جن جا ڪافي شاگرد آهن جيڪي علوم آل محمدعليهم السلام کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان، ايران ۽ عراق جي علمي مرڪزن ۾ مشغول آهن.

سيد بزگوار ملت اسلاميه جو عظيم سرمايو، مرد مجاهد، شجاع، عالم باعمل هو. هڪ اهڙي ڳالهه جيڪا سندن جذبي، همٿ ۽ خلوص جي عڪاسي ڪندڙ آهي، اها هيءَ آهي ته سندن مدرسه جا خرچ به الله سائين تي توڪل ۽ اڪثر مجلسن مان مليل تبرڪ (نياز) مان هوندا هئا.

سندن اولاد ۾ پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي.

جڳ سان محبت رکندڙ اهو عالم با عمل 22 صفر المظفر جي رات 2013_01_06 رات جو 30؛02 بجي دل جي دؤري سبب هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هن جي وڃڻ سان سندس ميت تي هر اک آلي نظر آئي! گهر ۽ مدرسي مان جنازي جي نڪرڻ جي دير هئي ته پنهنجن توڙي پراون، ننڍن توڙي وڏن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهيا. نماز جنازه ۾ اميرن، فقيرن، سيدن، غير سيدن، بزرگ عالمن ۽ طالبعلمن شرڪت ڪئي. سندن نماز جنازه استاد العماء سيد ارشاد حسين نقوي جي اقتدا ۾ پڙهي وئي. ميت مٿان حضرت امام حسين عليه السلام جي مجلس پڙهڻ کان پوءِ سندس خاڪي جسد کي پنهنجي اباڻي علائقي خانپور جوڻيجه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي