اربع, 28 آڪٽوبر 2020

حجة الاسلام ذاڪر حسين مظاهري (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

 


مرحوم سن 1965 عيسوي ۾ سندس اباڻي ڳوٺ نبي بخش چانڊيو سرهاري ۾ جنم ورتو، سندس والد گرامي جو نالو سائين ڏنو چانڊيو هو. پنهنجي تعليم جو آغاز اسڪول محمود خان چانڊيو ۾ پرائمري پاس ڪيائين.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

ان کان بعد انٽر سرهاري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ پاس ڪيائين. ان کان بعد ۾ قبله ذاڪر حسين مظاهري تي قبله علامه امام بخش امامي جي والد گرامي حاجي محمّد بخش زرداري شفقت جو هٿ رکيو، جنهن قبله ذاڪر حسين کي ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حيدرآباد جامع علميه مشارع العلوم ۾ داخل ڪرايو. جتي قبله ذاڪر حسين مظاهري 8 (اٺ) سال مدرسه جامع علويه مشارع العلوم ۾ استاد العلماء حجة الاسلام والمسلمين قبله سيد ثمر حسين زيدي صاحب ۽ قبله علامه سيد محمّد عباس زيدي صاحب، قبله علامه حيدر علي جوادي صاحب، قبله علامه لئيق حسين نجفي صاحب اهڙن بزرگن کان لمعه تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کان بعد ۾ قبله ذاڪر حسين مظاهري ايران قم المقدس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ روانا ٿيا. ايران تائين پهچائڻ ۾ پڻ  حاجي محمّد بخش زرداريءَ جو وڏو هٿ رهيو. اتي قبله صاحب تقريباً ڏھ يارهن سال ديني تعليم حاصل ڪئي. ايران مان تعليم حاصل ڪري قبله ذاڪر حسين مظاهري سنڌ جي مشهور شهر ٽنڊو محمّد خان ۾ اچي ڪري تبليغ دين کي انجام ڏنو.

قبله ذاڪر حسين مظاهري صاحب هڪ بهترين خطيب پڻ هئا. ست اٺ سال ٽنڊو محمّد خان ۾ تبليغ ڪئي، ان کان بعد ۾ اچانڪ موزي مرض ڪاري سائي جي ڪري سائين جن ڪافي عرصو عليل رهيا. هن موزي مرض سان ڪافي عرصو جنگ ڪندا رهيا. آخرڪار سائين جن 16 آگسٽ 2009 عيسوي ۽ 25 شعبان تي هن فاني دنيا کي الوداع ڪري خالق حقيقي سان وڃي مليا. قبله پنهنجي زندگيءَ ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسي جو سنگ بنياد رکيو هو. اڄ ان مدرسي ۾ تقريباً 80 ٻار قرآن ۽ دينيات پڙهي رهيا آهن ۽ سائين جن کي به ان ئي مقام تي دفن ڪيو ويو آهي.

قبله ذاڪر حسين مظاهري ۽ قبله گل محمّد مظاهري بچپن کان ئي مدرسي مشارع العلوم کان وٺي ڪري ايران تائين گڏ رهيا. ٻنهي پاڻ ۾ دوست نه بلڪه سڳن ڀائرن وانگر زندگي گذاري. قبله ذاڪر حسين مظاهري ۽ قبله گل محمّد مظاهري اسان جي ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ اهل سنت جا ڪيترائي ڳوٺ شيعا ڪيا. اڄ انهن جي ڪاوش سان اهي ڳوٺ مسجدن ۽ مدرسن جي ذريعي آباد آهن. سائين ذاڪر حسين پنهنجي اولاد مان چار پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏي. سائين ذاڪر حسين مظاهري ۽ سائين گل محمّد مظاهري جي ڪاوشن جي ڪري اڄ الحمد لله اسان جي ڳوٺ ۾ تقريباً ڏھ مولوي صاحب آهن جيڪي مختلف شهرن ۾ دين جي تبليغ ڪري رهيا آهن

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي