اربع, 26 فيبروري 2020

حجة الاسلام امداد علي خليلي(رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم


مهاڳ

اهي انسان جن جو هدف فقط معاشري جي اصلاح هوندو آهي، صدين کان پوءِ هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڄمندا آهن، انهن جو دليون معاشري جي اصلاح واري درد سان ٽمٽار هونديون آهن، انهن جي سامهون رب ڪريم جو هڪڙو فرمان امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هوندو آهي.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ صرف انهي فرمان کي ٻين سڀني شين تي مقدم ڪندا آهن. اهڙن انسانن مان هڪڙو انسان حجة الاسلام قبله امداد علي خليلي صاحب جن به هئا، جن جي سڄي زندگي صرف حقوق الله ۽ حقوق الناس جي پابندي ڪندي گذري.

سندن پيدائش

سائين جن 1983 ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪنڊي ۾ اک کولي. هي ڳوٺ سنڌ صوبي جي ضلع قنبر جي تعلقه ميروخان جي ويجهو مشهور درگاهه حاڪم شاهه پٽ والا جي ويجهو آهي. سندن والد صاحب جو نالو قربان علي ۽ پاڻ بلوچ قبيلي جي مگسي خاندان مان هئا.

 

 

سندن تعليم

سائين جن پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي علائقي ۾ حاصل ڪئي، ان کان پوءِ ٻارهين ڪلاس تائين شهداد ڪوٽ جي سرڪاري ڪاليج ۾ پڙهيا. گريجوئيشن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ ماسٽر آن فلاسافي به شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڪيائين. جنهن ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جن جي ڏاڏي جناب عبدالمطلب جي شخصيت تي تحقيق مڪمل ڪندي اعلي تعليم جي سند حاصل ڪيائون.

سائين جن پنهنجي ديني تعليم  مدرسه دار الحڪمة ٻٻرلوءِ، مدرسہ قائم آل محمد شهدادڪوٽ ۽ مدرسہ المهدي ع ڪراچي مان حاصل ڪئي.

علمي صلاحيت

سائين جي ذاتي تحقيقات ۾ علوم ديني ۽ خاص طور تي فقه شامل هئا جن تي سندن عبور هو. عربي، فارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليون ڄڻ ته سندن مادري ٻوليون هيون. فارسي ۽ عربي متن وارا ڪتاب ته سائين جن سان سدائين گڏ هوندا هئا. سائين جي ويجهي دوستن جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪنهن سوال ۾ منجهي  پوندا هئا سائين ڏانهن فون گهمائيندا هئاسين، جواب ائين ملي ويندو هو ڄڻ سائين جن گهمندڙ ڦرندڙ گوگل آهن.

 

ديني ۽ سماجي خدمتون

سائين جن پنهنجي پيشي جي حساب سان پرائمري استاد هئا ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام علي مگسي ۾ فرائض انجام ڏيندا هئا ۽ بعد ۾ اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ليڪچرار مقرر ٿيا ۽ پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڪراچي جي هڪڙي گورنمينٽ ڪاليج ۾ به اسلامڪ اسٽڊيز ۾ ليڪچراري جا فرائض انجام ڏيندا رهيا.

اسان ذڪر ڪيوسين ته سائين جن جو اصل تعلق هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ سان هيو جنهن ڪري اتي لکڻ پڙهيل ماڻهن جو تعداد ٿورو هيو. ان ڪمي جو پورائو ڪندي سائين جن پنهنجي ڳوٺ جي آسپاس جي مومنن سان ملي ڪري اتي جي شاگردن کي يونيورسٽي تائين پهچائڻ جون ڪوششون ڪيائون.

مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي جڏهن مان سنڌ امڙ جي تعيلمي شهر ڄامشورو ۾ رهندو هئس جتي سنڌ جون ٽي وڏيون يونيورسٽيون آهن، اتي اسان تنظيم اصغريه جي همٿ سان هاسٽل وٺي رهندا هئاسين. يونيورسٽين جي ٽيسٽن جي ڏينهن ۾ پاڻ تمام گهڻو متحرڪ هوندا هئا. مون ڏانهن فون ڪندا هئا ته اسان جي علائقي مان اسٽوڊنٽس جو چڱو تعداد اچي رهيو آهي، انهن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست اوهان جي ذميواري آهي.

سن 2009 کان وٺي قنبر شهر ۾ ننڍڙي مدرسي جامعة الحسين جو بنياد رکيائون جنهن ۾ پاڻ استاد جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيندا هئا. هر مهيني تربيتي ڪئمپ پڻ لڳائيندا هئا. محرم الحرام ۾ هڪ ٽيم هئي جنهن جو ڪم مجلسن جو انعقاد ڪرڻ هوندو هو، اها ٽيم اڃا تشڪيل ڏني ويندي آهي.

رمضان المبارڪ ۾ قنبر شهر ۾ عمومي درس ڪرائيندا هئا. غريبن جي لاءِ راشن جو بندوبست ڪرڻ، انهن جي رهائش جو بندوبست ڪرڻ سائين جي سڀ کان پهرين ترجيح هوندو هو.

ٻوڏ واري قدرتي آفت وقت سائين جن 500 گهر ٺهرائڻ ۾ حصو ورتو ۽ ان کان علاوه مسجدن جي تعمير ته سائين جن جو شوق هوندو هو.

پاڻ هيٺين علائقن ۾ مسجدون ٺهرايائون: ميرڻ ماڇي، ڀيلم، ڍيوڙا، قبو سعيد خان، هاشم ڀٽي، جوڻيجو، ميهون تاجو، ان کان علاوه سائين مسجد امام علي عليه السلام ۾ پڻ حصو ورتو جيڪا حاڪم پٽ والا ۾ آهي، جتي ڪافي عرصو پاڻ امامت جا فرائض به انجام ڏيندا رهيا.

تنظيمي، علمي ۽ تربيتي خدمتون

سنڌ ۾ اسلامي تعليمات جي فروغ خاطر اصغريه جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ خليلي صاحب جن وڌ کان وڌ حصو ورتو ۽ اصغريه جي اهم عهدن تي فائز پڻ رهيا. جڏهن پاڻ ڏٺائون ته تنظيم جو بنياد فرد سازي ۽ انسان سازي تي آهي ته پوءِ تنظيم جي ترقي ۽ ان کي فعال ڪرڻ ۾ اڳڀرا هوندا هئا. ايترين ڪاميابين هوندي به ڪڏهن تڪبر ۽ وڏائي کان ڪم نه ورتائون، سدائين سادگي سان زندگي گذاريائون ۽ عام لباس ۾ ملبوس هوندا هئا، ايسيتائين جو سائين جن جي ويجهن دوستن کي به سائين جي باري ۾ مڪمل معرفت نه هئي.

مون کي ياد آهي ته سائين خليلي صاحب جو هڪڙو ويجهو دوست جيڪو کين سڃاڻيندو هو ۽ ساڻن گڏ ڪاليج ۾ فرائض انجام ڏيندو هو، چوي ٿو ته مان هن عظيم انسان کي نه سڃاڻيندو هئس. هڪڙي دفعي محرم الحرام جي مهيني جي آخري ڏهاڙن ۾ جڏهن مان هڪ ڪمري ۾ داخل ٿيس، ڏٺم ته ڪاليج وارا استاد سائين خليلي صاحب جي چوڌاري حلقو ٺاهي ويٺا آهن ۽ روئي رهيا آهن، جڏهن مان ويجهو ويس ٻڌم ته پاڻ فصيحاڻي انداز ۾ سيد الشهداء امام حسين عليه السلام جن جو ذڪر ڪري رهيا آهن ۽ نهايت ئي سهڻي انداز ۾ انهن استادن تائين معرفت امام جو درس پهچائي رهيا  آهن. سندن هر هڪ ڳالهه منهنجي دل ۾ اثر ڪندي آئي آهي، عام لباس ۾ ملبوس، ڪاليج جي هيٺئين اسٽاف سان به ويهڻ ۾ نه ڪيٻائيندا هئا. سندن شخصيت جو هڪڙو پهلو ”خاموش“ رهڻ به هو. پاڻ هر هڪ جي سامهون پنهنجي علم جو اظهار نه ڪندا هئا ۽ خاموش رهندا هئا، بلڪه هر هڪ سان ان جي لهجي ۾ ڳالهائيندا هئا. جڏهن بحث ڇڙي ويندو هو ته ڀلي انداز ۾ پنهنجي علمي صلاحيتن جو اظهار ڪندا هئا.

هيءَ ڳالهه 2008 عيسويءَ جي آهي جڏهن ڪراچيءَ جي هڪ امام بارگاهه ۾ اصعريه آرگنائيزيشن ۽ اصغريه اسٽوڊنٽس جي باهمي تعاون سان هڪ تربيتي ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ تنظيم جي سينيئر ماڻهن شرڪت ڪئي پئي، خليلي صاحب جن به سينيئر هجڻ جي ڪري ان ۾ شرڪت ڪئي.

پهرين رات سائين حسين شاهه موسوي جو درس ٿيو، درس کان پوءِ جڏهن انتظامي امور سنڀالڻ وارا پاڻ ۾ گڏجي ويٺا ته چيائون صبح جي نماز ۽ تجويد جي درس لاءِ ته ڪنهن مولوي کي ناهي چيو؟

انهيءَ وقت حسين شاهه موسوي صاحب جن مسڪرائي چيو ته هڪڙو مولوي صاحب آهي پاڻهي صبح جو مسئلو حل ڪندو. صبح جي وقت سائين خليلي صاحب جن اسان سڀني کي نماز لاءِ اٿاريو ۽ نماز کان پوءِ تجويد جو درس به ڏنائون ۽ اسان کان قرآن مجيد جي ڪجهه آيتن جي تلاوت پڻ ڪرايائون ۽ غلطين جي تصحيح ڪيائون، اهڙي نموني اسان جي مشڪل حل ٿي وئي.

سائين جن جي سوچ صرف فرد سازي يا انسان سازي ئي هئي. اهو ئي ته سبب هو جو جڏهن suit  ۾ راهه رباني ٿي وڃڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا (ڇو جو ڊاڪٽرن پهريائين چيو هو ته توهان جي زندگي جي اميد گهٽ آهي) ان وقت به معاشري جي اصلاح خاطر پروگرام جوڙيندا وتندا هئا ۽ پنهنجن ويجهن ساٿين کي ٻڌائيندا رهندا هئا. ماڻهن سان محبت ڀرئي انداز ۾ پيش اچڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ سماجي مسئلن ۾ سڀني کان اڳتي هوندا هئا، مسجدن جي تعمير ۽ خاموشي سان مسجدن کي آباد ڪرڻ ۽ عظيم ڪم انجام ڏيڻ جو دوستن کي اندازو ان وقت ٿيو جڏهن سائين جي جنازي ۾ دوستن ۽ ويجهن جي شرڪت ٿي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن عظيم انسان جي وجود جي خوشبوءِ ڪيترو پري پري تائين پکڙيل هئي. سندن وفات کان پوءِ سڀني پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي پيو ته سائين جن جي محبت بنا ڪنهن فرق جي سڀني سان هڪجهڙي هئي.

وفات ۽ نماز جنازه

جڏهن جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ وطن جي ڪنڊ ڪرڇ مان دوست پهتا، ته سندن اباڻي ڳوٺ کي ڏسي ڪري چون پيا ته هي اهو ڳوٺ آهي جتي فلسفي جو استاد امداد علي خليلي رهندو هو. اتي سائين جي ڪجهه دوستن روئندي چيو پئي ته ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ وڏو ماڻهو اسان کان وڇڙي ويو، ڄڻ ته انهن سڀني کي اها خبر ئي هئي ته خليلي صاحب اهي خدمتون لڪي ڪري انجام ڏئي رهيا آهن جو انهن کي خبر نه پوندي هئي ته سائين جن شخصيت ۾ ايترو ته رعب هو جو ماڻهو سندن ميت سان به منهن نه پيا ملائي سگهن. پاڻ موت مان ايترو ته مطمئن هئا ڄڻ اسان کي ٻڌائي رهيا هئا ته پريشان نه ٿيو، مان پنهنجي حقيقي وارثن ڏانهن وڃي رهيو آهيان. پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا جگر جي بيماريءَ سببان ڪراچي جي مشهور اداري suit ۾ گذارڻا پيا، جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم سائين جي سارسنڀال لاءِ مقرر هئي. انهن مان هڪڙي ڊاڪٽر چيو ته: مان اڄ تائين جن به مريضن کي ڏٺو آهي اهي موت کان گهٻرائيندا آهن، پر سائين خليلي صاحب جي چهري تي ڪڏهن به موت جي خوف جا آثار نه ڏٺا ويا هئا. خليلي صاحب ته مطمئن آهن، موت جي پرواهه ئي نه اٿن. ڊاڪٽر اڳتي چيو ته:Till his last breath he was satisfied and not apprehensive all really marvelous  آخرڪار خليلي صاحب جنوري 2019 عيسويءَ ڌاري راهه رباني ڏانهن روانو ٿي ويا.

اڄ جي دور ۾ موت جي باري ۾ ايترو اطمئنان واري ڳالهه ته اسان جي سمجهه کان ٻاهر هئي، پر جڏهن سائين خليلي صاحب جي ٽيجهي جي مجلس پڙهڻ لاءِ حسين شاهه موسوي آيو، مجلس پڙهندي بيان ڪيائين ته انسان سڀ ستا پيا آهن، جڏهن مرن ٿا ته انهن جون اکيون کلي پون ٿيون، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جن جون اکيون موت کان پهريان به کليل هونديون آهن، سڀ حقيقتون انهن جي لاءِ واضح هونديون آهن، جنهن ڪري انهن کي موت کان ڪنهن به قسم جو خوف محسوس ناهي ٿيندو. حقيقت ۾ اهو ئي موت شهادت جو موت هوندو آهي. خدا جو قسم! مرحوم خليلي موت کان پهريائين ئي ان کان آگاھ هئا .

 

سندن اولاد

سائين جن کي الله سائين چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون عطا ڪيون هيون. وڏي پٽ جو نالو محمد رضا، وري علي رضا، غلام رضا ۽ حسن رضا هئا (پنهنجن پٽن جا نالا امام رضا عليه السلام سان خاص عقيدت جي ڪري رکيائون).آخر ۾ پرهندڙن دوستن جي خدمت ۾ هڪ ڀيرو سورت فاتحه ۽ صلوات جي هديه جي درخواست آهي

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي