اربع, 26 فيبروري 2020

حجة الاسلام والمسلمين محسن علي اسدي (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

پيدائش

مولانا محسن علي اسدي (کوسو) ضلعي بدين جي تعلقي ماتلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ پروکوسو ۾ هڪ مذهبي گهراڻي ۾ پيدا ٿيا. سندن والد لطف علي کوسو هڪ نمازي، پرهيرزگار ۽ اهل بيت عليهم السلام جو سچو عاشق هو، اهو ئي سبب آهي جو مولانا محسن علي اسدي هڪ عالم دين جي صورت ۾ سامهون آيا.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

ابتدائي تعليم

حسب دستور سائين محسن علي اسدي پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ پروکوسو جي پرائمري اسڪول ۾ پرايائون.

ديني تعليم

ابتدائي تعليم ختم ڪرڻ کان پوء پنهنجي ذاتي شوق ۽ والدين جي خواهش جي مطابق ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي لاء ان دور جي علمي مرڪز مشارع العلوم حيدرآباد روانا ٿيا جتي استاد العلماء سيد ثمر حسن زيدي ۽ قبلا حجة الاسلام والمسلمين لئيق حسين نجفي وٽ شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيائون ۽ اتي ان دور جي مطابق تعليم پوري ڪرڻ کان بعد ۾ حوزه علميه قم جو رخ ڪيائون. قم جي آبهوا سان سائين جن جي طبيعت سازگار نه آئي. والد محترم جي چوڻ مطابق ان آبهوا جي ڪري سائين اتي سخت مريض ٿي پيا ۽ واپس پاڪستان هليا آيا جيڪو منهجي علم ۾ آهي ته سائين قبلا تما ٿورو عرصو قم ۾ رهيا.

اجتماعي فعاليت

سائين محسن علي اسدي هميشه پنهنجي ذاتي ڪوششن سان نظم و ضبط ۽ اجتماعي زندگيءَ جي باري ۾ فڪرمند رهندا هئا ۽ انهي تلاش ۽ ڪوشش جي   نتيجي ۾ ڳوٺ جي جوانن کي منظم ڪرڻ جي لاء پاڻ هڪ تنظيم سپاهه امام زمانه جو بنياد رکيائون، جيڪا تنظيم ڳوٺ جي جوانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ مذهبي فعاليت جو سبب بڻي.

تدريس

سائين محسن علي اسدي قم کان جڏهن واپس پاڪستان آيا ته سائين عباس علي نجفي جي حڪم جي تعميل ڪندي نجف سنڌ دانشگاه جعفريه واگهريجي ۾ تدريس جا فرائض انجام ڏيڻ لاء راهي ٿيا انهيءَ علمي مرڪز ۾ تقريبا 10 سال سائين تدريس جا فرائض انجام ڏيندا رهيا.

سائين عباس علي نجفي جڏهن مدرسه امام زين العابدين تلهار ضلعي بدين جي لاء هڪ قابل مدير ۽ ماهر استاد جي ضرورت محسوس ڪئي ته سائين محسن علي اسدي کي ان مدرسي ۾ پرنسپل ڪري موڪليائون ۽ سائين قبلا محسن علي اسدي جي محنت ۽ دلچسپيءَ جي ڪري اهو مدرسو اڄ به پنهجي فعاليت ۾ مصروف آهي. مدرسه امام زين العابدين (ع) تلهار ۾ تقريبا پنج ڇھ سال خدمات انجام ڏيندا رهيا ۽ سائين عباس علي نجفي جي وفات کان بعد ۾ سائين محسن علي اسدي ڪجھ مشڪلاتن جي خاطر مدرسي کي الوداع ڪئي. بنده حقير شاهد آهي ته تلهار شهر جا معزز مومن اڄ به سائين محسن علي اسدي کي سٺن لفظن سان ياد ٿا ڪن جن مان محترم حسن علي لغاري، محترم احسان علي جتوئي، محترم لياقت علي خواجه ۽ ڊاڪٽر حسين بخش لغاري سرفهرست آهن.

تبليغي سرگرميون

مدرسه امام زين العابدين تلهار کي الوداع ڪرڻ کان بعد  پنهنجي آبائي ڳوٺ پروکوسو ۾ مسلسل تبليغ ڪندا رهيا، انهن تبليغن ۾ هيٺيان امور شامل آهن.

1: پنج وقت نماز جي جماعت 2. نماز جمعه جي جماعت 3. ڳوٺ جي ٻارڙن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏيڻ

 4. ماهه مبارڪ رمضان ۾ مختلف گهرن ۾ دعائن جو پروگرام منعقد ڪرائڻ

واضح رهي ته ان ڳوٺ ۾ سائين محسن علي اسدي جي محنت جو ئي نتيجو آهي جو تقريبا گذشته 20 سالن کان وٺي هر سال رمضان المبارڪ مهيني ۾ مختلف گهرن ۾ دعائن جو سلسلو هلي رهيو آهي جنهن ڪار خير جو بنياد قبلا محسن علي اسدي رکيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي.

ڪجھ سال پنهنجي ڳوٺ ۾ تبليغ ڪرڻ کان بعد ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري جي ڪجھ آفيسرن بزرگ عالم دين علامه حيدر علي جواديدامت برڪاته کان هڪ سٺي مبلغ جي گهر ڪئي ۽ سائين جوادي صاحب قبله، سائين محسن علي اسدي کي اها ذميداري سونپيائون ۽ سائين محسن علي اسدي بهترين نموني سان اتي تبليغ انجام ڏيندا رهيا ايستائين جو سائين گُردن جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ سائين علاج جي لاء ڳوٺ هليا آيا ۽ نتيجي ۾ هڪ سال جي لڳ ڀڳ بيمار رهڻ کان بعد ۾ هن فاني جهان مان سن2004 ۾ برقعو مٽائي ويا سندن پونيئرن ۾ هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ۽ بيوه شامل آهن.

5. سائين محسن علي اسدي ماه محرم جي عشري ۾ تبليغ جي لاء سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪري حسيني پيغام پهچائيندا رهندا هئا جن ۾ ڳوٺ حسين خان لغاري لڳ ٽنڊو محمد خان، بٺورو وغيره شامل آهن.

سادگي

سائين محسن علي اسدي انهن تمام صفتن جا مالڪ هئا جيڪي هڪ عالم دين ۾ هئڻ گهرجن سائين هر ننڍي ۽ وڏي سان احترام سان پيش ايندا هئا ۽ پنهنجا ڪم پاڻ ڪرڻ پسند ڪندا هئا پنهنجي گهر جو سيڌو سامان سائين پاڻ وٺڻ پسند ڪندا هئا. سائين سادي طبيعت وارا هئڻ سان گڏوگڏ هڪ خوش مزاج انسان هيا سائين جا شاگرد ۽ دوست ان ڳالھ جا شاهد آهن ته سائين محسن علي اسدي جي ڪچهري ۾ هميشه سڀني جي لبن تي مسڪراهٽ هوندي هئي.

سندن شاگرد

سائين محسن علي جا ڪيترائي شاگرد هن وقت مختلف شهرن ۾ تبليغ جا فرائض سرانجام ڏيئي رهيا آهن ته وري ڪيترائي شاگرد هن وقت حوزه علميه قم ۽ نجف ۾ ڪسب فيض ڪري رهيا آهن جن مان ڪجھه بزرگن جا اسم مبارڪ آڻڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان.

مرحوم مولانا جعفر حسين بادل، مولانا عبدالمجيد بهشتي، مولانا علي بخش سجادي، مولانا سيد محمد عباس نقوي، مولانا نائب علي ڪميلي، مولانا محمد اسلم مغل، مولانا معشوق علي مهدوي، مولانا جان محمد رند، مولانا اصغر علي لسڪاڻي، مولانا عبدالعزيز نجفي وغيره.

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي