جمع, 07 آگسٽ 2020

حجة الاسلام وزير الحسن چانڊيو (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

 


پيدائش ۽ ننڍپڻ

سال 1968 عيسوي ۾ ضلع دادو تعلقه خيرپور ناٿن شاھ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيالڪي ۾ مرحوم قلندر بخش چانڊيو جي گهر هڪ ٻار جي ولادت ٿي جنهن جو نالو وزير الحسن رکيو ويو. جڏهن اسڪول ۾ پڙهڻ جيترو ٿيو ته کيس ميهڙ کان پندرنهن ڪلوميٽر فاصلي تي موجود وارياسو نالي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو

جن سالڪن سڌاري سنڌ

، جتي پنج درجا پاس ڪري اعلي تعليم لاءِ ميهڙ جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائون ۽ اتي مئٽرڪ ڪيائون.

مدرسي وڃڻ جو شوق

ابتدائي زماني ۾ ديني تعليم ۽ احڪامات کان گهڻو پري هئا اوچتو سندن زندگي ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جنهن ۾ قرآن کي مانُ ڏيڻ ۽ ان جي احترام سبب خدا سندس بخت کوليو جو سندس رستو بدلجي ويو ۽ کيس ڀلائي جي ڪمن سان محبت پيدا ٿي، جيڪا اڳتي هلي سندس ديني تعليم جي حصول واري شوق تي ختم ٿي. 

مرحوم وزير الحسن جو ويجهو دوست ميهڙ تعلقي جو مشهور سگهڙ منظور علي چانڊيو چئي ٿو ته سائين هڪ ڏينهن مون سان گڏ ويهي مون کي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي هلڻ لاءِ صلاحيو، پر ڇو جو مان گهٽ پڙهيل هئس ۽ گهر جون ذميداريون به منهنجي مٿان هيون مون کيس انڪار ۾ جواب ڏنو، جڏهن ته سائين جو ارادو پڪو هيو ۽ پاڻ ديني تعليم سان آراسته ٿيڻ خاطر سنڌ جي عظيم ديني درسگاھ دانشگاھ جعفريه واگهريجي جو رخ ڪيائون جيڪا سنڌ جي قديم درسگاهن مان هڪ عظيم درسگاھ آهي جنهن جو بنياد حجة الاسلام والمسلمين مرحوم غلام مهدي نجفي جن رکيو هيو ۽ کانئن بعد ان جون ذميداريون حجة الاسلام والمسلمين مرحوم عباس علي نجفي سنڀاليون ۽ انهي ئي عرصي ۾ مرحوم وزير الحسن درسگاھ ۾ داخلا ورتي ۽ لمعه اصول تائين اتي درس پڙهيا.

سندس استاد

سائين جن علم ۽ عمل جا موتي جن موچارن انسانن وٽان ميڙي گڏ ڪيا انهن ۾ حجة الاسلام سيد ارشاد حسين نقوي، حجة الاسلام مولانا سڪندر علي لطفي مرحوم، حجة الاسلام مولانا محمد حنيف، حجة الاسلام مولانا محمد محسن مهدوي، حجة الاسلام سيد محمد عباس نقوي جهانيان ۽ حجة الاسلام مولانا جابر حسين اسلامي مرحوم جا نالا قابل ذڪر آهن.

ديني خدمتن جو آغاز

مرحوم وزير الحسن حالات سازگار نه هجڻ سبب ديني تعليم کي اڳتي جاري نه رکي سگهيا ۽ اعلى اسلامي تعليم خاطر به ملڪ کان ٻاهر وڃي نه سگهيا. کيس وڏو شوق هئو ته اعلي ديني تعليم لاءِ قم ايران اچن پر سندن اهو شوق پورو نه ٿي سگهيو. واگهريجي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ لڳ ڀڳ سال 2000 عيسوي ڌاري لاڙڪاڻي جي علائقي نئون ٺارو وڌو ڳوٺ کي ديني خدمتن لاءِ مرڪز طور چونڊيائون ۽ اتان جي مومنن جي تعاون سان لڳاتار پنجن سالن تائين ديني ۽ سماجي خدمتون انجام ڏنائون. پوءِ ٽنڊو آدم جي معروف مذهبي شخصيت شهيد قيصر حسين چغتائي جي دعوت تي عزا خانه زهرا I ۾ خدمتون انجام ڏيڻ شروع ڪيائون. آس پاس ڪافي عشرا ۽ مجلسون پڙهيائون، لڳ ڀڳ اٺ 8 سال ڀرپور نموني سان مذهب اهل بيت عليهم السلام جي نشر و اشاعت لاءِ جاکوڙ ڪيائون. سندن تعلق شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان سان هئو ۽ قائد ملت اسلاميه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي سان هڪ خاص عشق ۽ عقيدت رکندا هئا.

ٻين جي نظر ۾

سائين جن جي هڪ غديري ڀاءُ حجة الاسلام والمسلمين مولانا اصغر علي لسڪاڻي جو چوڻ آهي ته آخري عمر تائين خلوص، محبت ۽ وفاداري سان پنهنجي ديني برادري تي قائم رهيا، هميشه پيار ۽ محبت جو سلسلو قائم رکيائون ۽ پاڻ هنن اعلى اخلاقي صفتن جا مالڪ هئا.

 

اهل سنت کي شيعه بڻائڻ

انسان جو اخلاق ئي آهي جنهن جي بدولت انسان دشمن کي به دوست بڻائي سگهي ٿو ۽ اها صفت مرحوم ۾ بدرجه اتم موجود هئي. پنهنجا ته پنهنجا ليڪن غيرن سان به ايترو سهڻي اخلاق سان پيش ايندا هئا جو انهن مان اڪثر وٽس ڪچهري لاءِ هلي ايندا هئا. اهل سنت جي ڪيترن ئي دوستن سندس سهڻي اخلاق کان متاثر ٿي مذهب اهل بيت عليهم السلام اختيار ڪيو.

ايثار ۽ مهمان نوازي

پاڻ ايثار جا مجسما هئا، پنهنجي مومن ڀائرن کي پاڻ تي مقدم رکندا هئا. دل ۽ جان سان انهن جي خدمت تي فخر ڪندا هئا، سندن مهمان نوازي جو اهو عالم هئو جو جيڪو به وتن لڙي ايندو هئو ان کي جيءُ ۾ جايون ڏيندا هئا ۽ بنا ڪجھ کارائڻ ۽ پيارڻ جي ڪنهن به طرح کيس وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا

استادن جو احترام

استادن جو احترام ئي آهي جيڪو انسان کي اعلى مقام تي پهچائيندو آهي، هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو مرحوم سگريٽ ڇڪي رهيا هئا جو اچانڪ قبلا سائين عباس علي نجفي کي پنهنجي طرف ايندو ڏٺائون، سگريٽ کي پنهنجي جسم سان چپڪائي بيهي رهيا ته جيئن قبلا جي احترام تي پنهنجي جسم جي سڙڻ کي به ترجيح ڏيئي سگهن.

ٻين جي مدد

 اسلامي احڪام ۾ ٻين جي مدد کي دنياوي ۽ اخروي زندگي جي ڪاميابي جو نسخو قرار ڏنو ويو آهي، مرحوم ٻين جي خدمت خاص طور تي طلاب جي مدد کي عظيم عبادت سمجهندا هئا ۽ مختلف بهانن سان طلاب جي مالي مدد ڪندا رهندا هئا. خاص طور تي جڏهن کين خبر پوندي هئي ڪو طالب علم اعلى ديني تعليم جي حصول خاطر ايران يا عراق وڃي رهيو آهي ته وڌي چڙهي سندس مدد ڪندا هئا.

ظاهري آراستگي

ڏٺو اهو ويو آهي ته ڪجھ ماڻهو خاص طور تي خشڪ متقي ظاهري سينگار ۽ سنوار کان پري ڀڄندا آهن، جڏهن ته شريعت مقدس اسلاميه ۾ پنهنجي پاڻ سينگارڻ ۽ سنوارڻ جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي ۽ ان کي هڪ ڀلو عمل قرار ڏنو ويو آهي، خاص طور تي ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪنهن سان ملاقات مهل اڇا ۽ اجرا ڪپڙا پهرڻ، خوشبو لڳائڻ، ظاهري وضع و قطع جو خيال رکڻ. انهن ئي شين کي نظر ۾ رکندي مولانا صاحب پنهنجي ظاهر تي به تمام گهڻو ڌيان ڏيندا هئا هميشه سٺا ڪپڙا پهريندا هئا، خوشبوءِ لڳائيندا هئا ۽ سندن ڏاڙهي ٺهيل هوندي هئي.

ولايت مداري

پاڻ ولايت جي واٽ جا واٽهڙو هئا، پنهنجي مجالس ۽ پروگرامن ۾ هميشه ولايت جي دفاع ۾ گفتگو ڪندا هئا ۽ شدت سان دفاع ڪندا هئا، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيل خطاب ۽ پڙهيل مجلسون سندس ان صفت جو چٽو ثبوت آهن.

زندگيءَ جا آخري سال

مرحوم وزير الحسن پنهنجي زندگي جا آخري پنج سال پنهنجي علائقي جي مومنن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا هئا، پاڻ پنهنجي ئي ڳوٺ سيالڪي اچي رهيا ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ عشره محرم الحرام ۽ مجالس جو سلسلو شروع ڪيائون.

مذهبي تنظيم شيعه علماء ڪائونسل طرفان محروم علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ غريب مومنن لاءِ گهرن جي تعمير جي سلسلي ۾ فعال مذهبي اڳواڻ مولانا رفيق مهدي سان گڏجي ڪاڇي واري علائقي ۽ بلوچستان جي ڪجھ محروم علائقن ۾ ڪيترا ئي نلڪا لڳرائي برن ۾ بهاريون آنديون ۽ گهر تعمير ڪرائي مسڪينن ۽ محتاجن جون محبتون ماڻيون ۽ سندن دعائن ۾ داخل ٿيا. انهن ئي پنجن سالن ۾ ايران ۽ عراق جي مقدس مقامات جي زيارتن جي توفيق پيدا ڪيائون جتي زيارت جي عظيم سعادت سان گڏوگڏ پنهنجي پراڻن ساٿين سان مليا.

وڇوڙو

پنهنجي عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ پنهنجي ڳوٺ سيالڪي ۾ ئي موجود هئا، جڏهن ته دل جي عارضي ۾ مبتلا هئا. کين ٻه ڀيرا دل جو دورو به پئجي چڪو هئو. کيس ٽيون ڀيرو 17 آڪٽوبر 2018 جي رات پيو جيڪو تمام شديد هئو کيس رات جو ئي سيالڪي کان ميهڙ کڻائي ويا. پر اتي دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري پنهنجي مالڪ حقيقي سان ملاقات ڪيائون.

18 آڪٽوبر 2018 عيسوي تي ڳوٺ توڙي آسپاس جا مومن سندس جنازي سان ميهڙ کان سندس ڳوٺ سيالڪي پهتا، جتي کيس غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو. شيعه علماء ڪائونسل جي مرڪزي نائب صدر حجة الاسلام والمسلمين مولانا محمد باقر نجفي سندس جنازي نماز پڙهائي ۽ وڏي تعداد ۾ علائقي جي مومنن شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان پوءِ سائين جي جسد خاڪي کي ڪاڇي جي مشهور درگاھ عبدالله شاھ گودڙيو کان ست ڪلوميٽر ڏکڻ طرف شيخ سلطان فقير جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو. مرحوم سوڳوارن ۾ ٽي گهرواريون ۽ نو ٻار، اٺ نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيا.

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي