اربع, 23 سيپٽمبر 2020

موهن جو دڙو (قسط پهرين)

  • انداز قلم

 

 سنڌه امڙ ھون ته خوبصورت جاين سان ڀرپور آھي پر هن سنڌه جا خوبصورت علائقه ڪئين اجڙي ويا  ڪا به خبر نه پئي

وڏن ماڻهن ۽ ڪرپشن آفيسرن فقط انهن کي تفريحي جو مرڪز ٺاهي چڏيو آھي ۽ انهن خوبصورت جڳهن جي ڪابه سار سنڀال نه ٿا لهن

سنڌ جو خبرون

انهن مان هڪ موهن جو دڙو آھي

موهن جي دڙي جو صحيح نالو

 سرڪاري طور تي هن تاريخي آثار کي موئن جو ڌڙو (مئلن جو ڊيرو) ڪوٺيو ويو آھي جڏهن ته مشھور مصنف سرجان مارشل پنهنجي ڪتاب لاگ بوڪ ۾ لکيو آھي موهن جو ڌڙو (موهن هند ڌرم جو نالو آھي) لکيو ويو آھي ته ڪجھ ادبين جو خيال آھي ته هن منهن جو ڌڙو (منهن سامهون ڌڙو آھي) ڪن خيال ڪيو آھي ته موهن جو ڌڙو (مهيا هڪ قوم آھي) ڪجھ ادبين جو خيال آھي ته هئ مهين جو ڌڙو آھي مقامي آبادي هن آثار کي مهين جو ڌڙو ڪوٺيندي آھي

پر اڃان تائين هن جو صحيح نالو معلوم نه ٿئي سگهيو آھي

 

موهن جي ڌڙي جي ٻولي

موهن جو ڌڙو مان هٿ آيل مهرن تي اڪريل عبارتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي آباد ماڻھن ڳالهائيندڙ ٻولي کي لکي ۽ پڙھي سگهندا هئا جنهن لاء اسڪول ۽ ڪاليج پڻ ان موقف کي سگهارو ڪن ٿا ته هتي آباد قوم تمام گهڻي سنڌريل قوم هئي پر بدقسمتي سان موهن جو ڌڙو جي ٻولي کي اڄ تائين پڙهجي نه سگهي آھي جنهن ڪجھ محققن اڳ ڪٿيون ڪيون آھن پرتن تي ڪنهن به صورت ۾ يقين نه ٿو ڪري سگهجي هئ هڪ اهڙو راز آھي جيڪو تباه ٿيندڙ قوم جي سيني ۾ ئي رهجي ويو ۽ ان کي ظاهر قطعي طور ناممڪن آھي پر ڪوشش ٿي رهي آھي

 

موهن جي ڌڙي جو مختصر تعارف

انڊيا جي قديم آثارن جي ماهر راکلداس بئنرجي 1918ع کان ڏکڻ پنجاپ بيڪانير بهاولپور ۽ سنڌه ۾ سڪندڙ جا اهي 11ٺل ڳولڻ لاء مختلف هنڌن جي جاچ ۽ کوٽاهي ڪرايو رهيو هو

جيڪي سڪندر اعظم عيسوي سن سوا ٽي سو ورهيه اڳ پنهنجي کاه دوران بياس ندي جي ڪناري ٺھرايا هئا ۽ مٿن يوناني ٻولي ۽ هندي زبانن نوشتا اڪرايا هئا هن 1918ع کان 1922تائين وڏي جهدوجهد بعد سنڌه ۾ کير ٿرکان سنڌوندي تائين جيڪب آباد سکر لاڙڪاڻي ضلعن ۾ 27 وڏن ۽ 53ننڊڙن ڌرن کي ڳولي انهن جي کوٽائي ڪرائي پر اتفاق سان اهي سڀ پڌ دورجا يادگار نڪتا ائين اتفاق سان هئي ماهر وويندڙ وويندڙ 1922ع ۾ اچي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري شھر کان 6 ميل پري هڪ پڌ اسٽوپا وٽ پهتو جيڪو پد دور جو هڪ مندر هو اهو ٺل سنڌوئي جي سطع کان 46 فوٽ مٿي هڪ ڌڙي تي هيو جنهن ٺل جو ۽ اتان مليل پد ڌرم جي ڀڪشن جي رهڻ جي جاين جو ان کان هيٺين تهن يا زماني سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه هو هي مٿيون سڀ تعميرات پد ڌرم جي راجاواسديو (پهريون)دور جو هيون اهي ان کان هيٺ موجود شھر جي تباهي کان پوء هزار سال گذرڻ بعد ان مٿان وري اڏيون ويون هيون ان خيال کان ته زمين جي سطع کان مٿانهين جڳھ تي مذھبي آستاني جوڙڻ سان ان جو سال بسال سنڌوجي ٿيندڙ ٻوڏين کان بچاءٿي پئي سگهيو جڏهن بئنرجي ٺل ڀرسان ڪجھ کوٽائي ڪرائي ته کيس اتان جاپٿر جا ڪپ ۽ ٺڪر جي ٿانون ۽ اهڙو ٺيڪراٽ هٿ آيس جن جوپد دور سان ڪوبه تعلق ڪونهي پر اهي ڪنهن هزارين سال پراڻي دور جي ڪنهن نرالي تهذيب جي نشان دهي ڪن پيا جڏهن بئنرجي اسٽوپا ڀرسان کوٽائي ڪرائي ته اتان هن کي هڪ اهڙي مهر ملي جيڪا شڪل ۽ صورت ۾ هڙاپا مان مليل هڪ تصويري رسم الخط واري مهر سان هڪجهڙائي ڏيکاري وئي جيڪا سر الگزيندرڪنگهم کي هڙاپا جي کوٽائي مان ملي هئي ان مان بئنرجي اندازو لڳايو ته هتان اڃا تائين ڪنهن قديم تهذيب تي روشني پوندي جيڪا هڙاپا وانگر 5 هزار سال کن پراڻي هوندي چو جو هتان ملندڙ ڪجھ اوزار ۽ ٺڪر جا ٿانون هڙاپا مان انهن ڏينهن ۾ ٿيندڙ کوٽائي مان ملي رهيا هئا

بر صغير ۾ سڀ کان پراڻو ۽ قديم شمار ڪيو ويندو بس ائين ئي سنڌه جي 5 هزار سال کن پراڻي تهذيب مٿان زمانن جا پيل پردا ۽ لٺ لهڻ شروع ٿيان قديم آثارن جي ماهرن جون پرڏيهي اخبارن ۾ عظيم تهذيب بابت رپورٽون۽ بيان شايع ٿيڻ شروع ٿيان جلدئي سڄي دنيا ۾ عظيم تهذيب ۽ تمدن جي هاڪ پئجي وئي ان ئي کوٽائي سنڌوديس جي اڻ لکيل تاريخ ۾ 5هزار سال اڳ سونهري دور جو اضافو ڪيو بر صغير  سميت سڄي دنيا جي تاريخ جي شروعات هن خطي جي ذڪر سان شروع ٿيڻ لڳي ۽ هڪ ٻئي مصنف سرجان مارشل ظاهر ڪيو آھي ته موهن جي ڌڙي مان جيڪي مهرون ظاهر ٿيون آھن

تن مان ڪي عيسوي سن کان 2750 ورهيه ته ڪي 3250 ورهيه اڳ جون آھن يعني انهي تهذيب جي ڄمار اٽڪل پنج هزار ورهيه آھي ڪي مصنف چون ٿا ته پنج هزار ورهيه اڳئي اها تهذيب اهڙي اعلي درجي تي رسيل هئي تنهن مان ئي ظاهر آهي ته اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي انهي تهذيب اڄ کان ست هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿي هوندي تازو آڪٽوبر 1937 ۾ نامور عالم ريورنڊ فادر ايچ ايس هيرس مدارس يونورسٽي جي سهاري هيٺ هن مضمون تي تقرير ڪندي جيڪو چيو آھي تنهن مان ظاهر آھي ته موهن جي ڌڙي مان جيڪي مهرون لڌيون آھن تن جو لکتيون هو ڪجھ قدر سمجهي سگهيوآهي

هو صاحب چوي ٿو ته ڪيترن ئي مهرن ۾ سورج منڊل تي راسين ۽ لکشتري جو سنڌي توڙي اڻ سنڌي طرع اشارو آھي ۽ هڪ مهر تي مکيه راس بابت لکيل آھي ته ان جي رفتار تيز آھي پوء جوتش جي حساب موجب ڄاڻايو اٿس ته هن مهرن مان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌه جي ماڻھن جوتش وڌيا جي سنڌ عيسوي سن کان 5610ورهيه اڳئي هئي ۽ ميسو پوٽيما طرف جا ماڻھو اها وڌيا پوء سکيان ۽ لکڻ جو هنر به هنن هندوستان جي ماڻهن پوء اهو هنر يورپ طرف فهلايو مطلب ته فادر هيرس جي چوڻ موجب ماڻھن تي هندوستان جي سڀيتا جو آڳاٽي زماني ۾ وڏو اثر ٿيو هو

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي