جمع, 07 آگسٽ 2020

تاريخ اسلام جو ڪارو ڪوڙ

  • انداز قلم

 

مهاڳ :

نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي اهل بيت عليهم السلام  کي الله سائين هر قسم جي نجاست کان دور رکيو آهي ۽ انهن پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهي هر قسم جي پليدي کان پري آهن اهن جي سڄي زندگي کي اگر غور سان ڏسجي ته ڪٿي به ڪا اهڙي شيءِ نظر نه ٿي اچي جنهن سان انهن جي زندگي تي داغ لڳائي سگهجي.

انهن جي سڄي زندگي صرف تقوي، پرهيزگاري ۽ انسانن جي هدايت ڪرڻ ۾ گذري، انهن پنهنجي زندگي کي صرف انسانن جي هدايت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هيو جيڪو انهن جو ديني فرض پڻ هيو، انهن عظيم انسانن مان هڪ امام حسن عليه السلام  جن به آهن. امام عليه السلام  جن جي شخصيت، انهن جي اخلاق، ڪردار کي بيان ڪرڻ لاءِ ته قلم جي مس ۾ ايترو وس ناهي جو ان کي بيان ڪري سگهي، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم ، امام علي عليه السلام  ۽ جناب سيده زهراءِ عليها السلام جن جي سيرت جي سڄي جهلڪ امام حسن عليه السلام  جي زندگي ۾ ڏسي سهگجي ٿي، پر اسلام جي دشمنن کان امام حسن عليه السلام  جن جي شخصيت، انهن جا فضائل، انهن جو اخلاق، اسلام جي لاءِ قربانيون، برداشت نه ٿيون، جو امام حسن عليه السلام  جي شخصيت کي داغدار ڪرڻ جي لاءِ اهڙي عجيب غريب پروپئگنڊائون ڪيائون، جو سڄي مسلمانن جو سر ئي صرف انهن کي ٻڏي ڪري جهڪي وڃي، انهن مان هڪ تهمت اها به هئي ته امام حسن عليه السلام  نعوذ بالله گهڻيون شاديو ڪندا هئا، وري انهن گهروارين کي طلاق ڏئي ڇڏيندا هئا.

سوال: تاريخ اسلام ۾ ڪيترائي وڏا ڪوڙ ڳالهايا ويا انهن مان هڪڙو وڏو ڪوڙ  اهو به آهي ته امام حسن عليه السلام  جن نعوذ بالله گهڻيون شاديون ڪندا هئا ۽ وري انهن کي طلاق ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ ايتري قدر جو امام امير المومنين علي ابن ابي طالب عليه السلام  کي انهي ڳالهه جي منبر تي وڃي ڪري وضاحت به ڏيڻي پئي؟.

جواب : (محدود تعداد ۾ روايتون ذڪر آهن، انهن مان ٻه ڪافي ۾ ڪليني ذڪر ڪيون آهن، هڪ روايت حاسن برقي ذڪر ڪئي آهن، هڪ دعائم الاسلام ۾ قاضي نعمان مغربي ذڪر ڪئي آهي، هاڻي انهن جي صحيح نموني سان ڇنڊ ڇاڻ به ڪنداسين)

امام حسن مجتبي عليه السلام  جي سڄي زندگي جيڪا تقوي پرهيزگاري، يتيم پروي، حسن اخلاق، زهد، عبادت، انفاق، نبي مڪرم اسلام جي گود ۾ پلڻ، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو تمام گهڻي شفقت ۽ مهرباني سان امام حسن عليه السلام  سان پيش اچڻ، امام حسن عليه السلام  سان محبت ڪرڻ کي ڄڻ پاڻ سان محبت ڪرڻ قرار ڏيڻ، امام حسن عليه السلام  کي پنهنجي ڪلهن مبارڪ تي کڻي گهمائڻ پنهنجي بابي امام علي عليه السلام  جي حڪمن جي سامهون هر وقت لبيڪ چوڻ لاءِ حاضر رهڻ (1) ۽ ٻيون فضيلتون امام حسن عليه السلام  جي ايتري وڏي شخصيت، فضيلتن ۽ مناقبن کي ڇڏي ڪري صرف هڪ روايت تي اعتبار ڪرڻ پنهنجي عقل تي تالو هڻڻ جي برابر آهي.

امام حسن عليه السلام  جي مڪار دشمن جي چالاڪين ۽ مڪارن کي ڏسن ئي ڪو نه ٿا جيڪي ڪنهن به ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪنهن به غلط شئي کي منسوب ڪرڻ کان ڪيٻائيندا ئي ناهين جن  ڪيترائي الزام پڻ امام علي عليه السلام  تي هنيا جنهن کي امام عليه السلام  به نهج البلاغه جي خطن  خطبن ۾ ذڪر ڪيو آهي.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته انهن ڪميني دشمنن کان هر ڳالهه جي اميد رکي سگهجي ٿي، اهيا نسبت ته پري جي ڳالهه آهي !!!

امام حسن مجتبي عليه السلام  جي مطلاق هجڻ جي باري روايتن جو پوسٽ مارٽم

هاڻي جيڪي به روايتون امام حسن عليه السلام  جي مطلاق هجڻ جي لاءِ دليل جي طور پيش ڪيون ويون آهن اسان جي انهن جو پوسٽ مارٽم ڪري ڏسنداسين ته انهن ۾ ڪيتري سچائي آهي، يا اهي به جعلي ۽ هٿ ٺوڪيون آهن.

پهرين حديث: حُمَيْدُ بْنُ زِيَادٍ عَنِ الْحَسَنِ بْنِ مُحَمَّدِ بْنِ سَمَاعَةَ عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ زِيَادِ بْنِ عِيسَى عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سِنَانٍ عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ ع قَالَ: إِنَّ عَلِيّاً قَالَ وَ هُوَ عَلَى الْمِنْبَرِ لَا تُزَوِّجُوا الْحَسَنَ فَإِنَّهُ رَجُلٌ مِطْلَاقٌ فَقَامَ رَجُلٌ مِنْ هَمْدَانَ فَقَالَ بَلَى وَ اللَّهِ لَنُزَوِّجَنَّهُ وَ هُوَ ابْنُ رَسُولِ اللَّهِ ص وَ ابْنُ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ ع فَإِنْ شَاءَ أَمْسَكَ وَ إِنْ شَاءَ طَلَّقَ. (2) هن حديث ۾ ٻه راوي آهن جنهن جا نالا حميد بن زياد، حسن بن محمد بن سماعه انهن ٻنهي جي مذهب ۾ شڪ آهي علماء انهن ٻنهي کي واقفي مذهب تي هجڻ ڪري اعتبار نه ٿا ڪن

(علامه عسڪري به جڏهن انهن روايتن جي بررسي ڪئي آهي ته انهن جي روايتن کي خدشي دار سمجهيو آهي)

ٻئين حديث: عِدَّةٌ مِنْ أَصْحَابِنَا عَنْ أَحْمَدَ بْنِ مُحَمَّدٍ عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ إِسْمَاعِيلَ بْنِ بَزِيعٍ عَنْ جَعْفَرِ بْنِ بَشِيرٍ عَنْ يَحْيَى بْنِ أَبِي الْعَلَاءِ عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ ع قَالَ: إِنَّ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ ع طَلَّقَ خَمْسِينَ امْرَأَةً فَقَامَ عَلِيٌّ ع بِالْكُوفَةِ فَقَالَ يَا مَعَاشِرَ أَهْلِ الْكُوفَةِ لَا تُنْكِحُوا الْحَسَنَ فَإِنَّهُ رَجُلٌ مِطْلَاقٌ فَقَامَ إِلَيْهِ رَجُلٌ فَقَالَ بَلَى وَ اللَّهِ لَنُنْكِحَنَّهُ فَإِنَّهُ ابْنُ رَسُولِ اللَّهِ ص وَ ابْنُ فَاطِمَةَ ع فَإِنْ أَعْجَبَتْهُ أَمْسَكَ وَ إِنْ كَرِهَ طَلَّق‏. (3) ٻئ حديث (4) جو راوي يحيي بن ابي العلاء آهي جي جنهن کي ڪنهن به اعتبار جوڳو ناهي سمجهيو سڀ چون ٿا ته سائين جن مجهول آهن.(5)

ٽئين حديث: أحمد بن مُحمد بن خالِد البَرقي عَنِ ابْنِ مَحْبُوبٍ عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ سِنَانٍ عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ عليه السلام قَالَ: أَتَى رَجُلٌ أَمِيرَ الْمُؤْمِنِينَ عَلِيّاً عليه السلام فَقَالَ لَهُ جِئْتُكَ مُسْتَشِيراً أَنَّ الْحَسَنَ عليه السلام وَ الْحُسَيْنَ عليه السلام وَ عَبْدَ اللَّهِ بْنَ جَعْفَرٍ خَطَبُوا إِلَيَّ فَقَالَ أَمِيرُ الْمُؤْمِنِينَ عليه السلام الْمُسْتَشَارُ مُؤْتَمَنٌ أَمَّا الْحَسَنُ فَإِنَّهُ مِطْلَاقٌ لِلنِّسَاءِ وَ لَكِنْ زَوِّجْهَا الْحُسَيْنَ فَإِنَّهُ خَيْرٌ لِابْنَتِكَ.(6) ٽئين حديث جو ماخذ محاسن برقي آهي انهن جي باري ۾ نجاشي لکي ٿو ته: احمد بن محمد بن خالد بن عبدالرحمان برقي ڪوفي جي رهڻ وارو هيو، نجاشي اڳي لکي ٿو ته ڀلي کڻي پاڻ ثقه طور ڪوٺيو ويو آهي پر ضعيف راوين کان روايت ڪندو آهي، هن جي روايتن ۾ گهڻيون مرسله آهن ۽ ڇو جو محاسن برقي واري روايت تعارض رکي ٿي انهن روايتن سان جيڪي طلاق جي باري ۾ ذڪر آهن ان ڪري ان جي روايت کي اعتبار به ٿو ڪري سگهجي.

روايتن جي مضمون جي ڇنڊ ڇاڻ

1. امام عليه السلام  گهڻيون طلاقون ڏيندا هئا يعني گهڻيون شاديون ڪندا هئا ان ڪري تاريخ لکڻ وارن غلط نسبتون به گهڻيون ئي ڏنيون آهن ڪجهه چيو آهي ته 70 زالون ڪجهه چيو 90 زالون ڪجهه چيو 300 زالون  ( ڏيو منهن سائين هاڻي) 

ڪجهه نڪتن جي وضاحت ضروري آهي

1. علامه عسڪري لکي ٿو ته انهن روايتن جي مضمون ۾ واضح تضاد موجود آهي جيڪو انهن روايتن جي جعلي هجڻ ۽ سياسي جهڳڙي تي دلالت ڪري ٿو، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته امام حسن مجتبي عليه السلام  جي شخصيت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ انهن روايتن کي مٿي کنيو ويو.

2. ابن ابي الحديد لکي ٿو ته امام حسن عليه السلام  گهڻيون شاديون ڪندو هيو وري لکي ٿو ته انهن جو تعداد 70 آهي پر امام عليه السلام  جي گهر وارين جا نالا لکڻ وقت صرف 11 جا نالا لکي ٿو ۽ انهن جي باري ۾ اطلاع به ڪي چڱا نه ٿو ڏئي بلڪه چوي ٿو ته هنن هنن قبيلن جو عورتون هيون.

3. اگر امام عليه السلام  جون ايتري ئي گهر واريون هيون ته انهن جا نالا، حسب نسب ڪنهن به ذڪر ناهي ڪيو.

4. امام عليه السلام  اگر شاديون گهڻيون ڪيون ته اولاد به گهڻو هجڻ گهرجي .(7)

امام حسن مجتبي عليه السلام  جي حالات زندگي کي اگر ڏسون ته هر ڏينهن نماز صبح کان وٺي سج جي چوٽي چڙهڻ تائين محراب عبادت  ۾ ويهندا هئا ۽ ان کان بعد نماز ظهر تائين ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏيندا هئا ۽ صبح کان وٺي ظهر تائين مسجد ۽ پيروڪارن جي حاجات ۽ ضروريات کي حل ۾ لڳا پيا هوندا هئا.

( جنهن انسان جي زندگي ائين گذرندي هجي اهو دنيا داري جي ڪڍ هوندو ؟؟؟)

انهي ڪري ٽي حديثون جيڪي اماميه منابع ۾ ذڪر آهن اهي سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهن سراسر تهمت آهي امام حسن عليه السلام  تي.

صرف هڪڙي حديث جنهن ۾ امام عليه السلام  کان پڇيو ويو ته طايفه بني شيبان جي عورت کي توهان طلاق ڏني آهي، ان تي امام عليه السلام عليه السلام  جواب ڏنو ته اها خوارج مان هڪڙي هئي مان نه پيو چاهيان ان سان گڏ جهنم جي باهه ۾ سڙان.

هاڻي اسان اهو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته الله سائين امام حسن عليه السلام  کي پنهنجي ڪيترين ئي فضيلتن سان نوازيو، انهن کي انسانيت جي لاءِ امام بڻائي موڪليو، انهن جي ذريعي مسلمانن خاص ڪري شيعن کي تباهه ۽ برباد ٿيڻ کان بچايائين، انهن جي محبت کي ايمان جو حصو قرار ڏنائين، امام حسن عليه السلام  جي انهن عظتمن کي ڏسي ڪري دشمن وائڙو ٿي ويو، جڏهن امام عليه السلام  جي زندگي کي ڪا به قصر نظر نه آيس ته امام عليه السلام  تي ڪوڙيون تهمتون هڻڻ شروع ڪيائين، اهڙيون تهمتون جن کان عام انسان به پاسو ڪندو آهي، انهن دشمنن اهو سمهجيو پئي ته ڪامياب ٿي ويندا ۽ امام عليه السلام  جي زندگي کي داغدار ڪندا پر ”الله سائين جنهن کي رکي ان کي ڪير چک “ واري چوڻي جي موجب امام حسن عليه السلام  کي الله سائين هر قسم جي نجاست ۽ گندگي کان پري رکيو هيو، دشمنن نهن چوٽين جو زرو ڏنو پر امام عليه السلام  جي عظمت کي گهٽائي نه سگهيا.

حوالا

1. ابن شهرآشوب،  مناقب آل أبي طالب، ج 3 ص180.

2. ڪليني ، الڪافي ج 6 ص 56.

3. ڪليني ، الڪافي ، ج 6 ص 56.

4. مجلسي،‌محمد باقر، مرآة العقول في شرح أخبار آل الرسول، ج‏21، ص: 96.

5. الخوئي ،  معجم رجال الحديث، ج 21 ص 27.

6. البرقي، أحمد بن محمد بن خالد، المحاسن، ج 2 ص 601.

7. مرحوم طبرسي إعلام الوري ، أعلام الهدي، ص 214.

تاريخ اسلام

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي