ڇنڇر, 18 سيپٽمبر 2021

تفسير جو مفهوم، ضرورت ۽ ونڊ ورڇ

  • انداز قلم

قرآن مجيد، اهو واحد آسماني ڪتاب آهي جيڪو تحريف کان محفوظ رهيو آهي، جنهن ۾ انساني زندگي لاءِ تمام گهربل قانون، وحي جي صورت ۾ گڏ ڪري، انسان ذات جي هدايت لاءِ موڪليا ويا آهن.

هن عظيم ڪتاب جي تعليمات کي صحيح نموني سمجهڻ لاءِ هڪ خاص رنگ ۽ طريقي جي ضرورت آهي. جنهن کي “تفسير” جو نالو ڏنو ويو آهي. اسان هن مقالي ۾ تفسير جو لغوي ۽ اصطلاحي مفهوم، تفسير جي ضرورت ۽ تفسير جي ونڊ ورڇ پٽاندڙ ڇنڊ  ڇاڻ ڪنداسين.

لفظ تفسير جي لغوي اکيڙ

لفظ تفسير ڌاتو “فسر”  مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنى، جدا ڪرڻ، بيان ڪرڻ، وضاحت ڪرڻ ۽ لڪيل شي کي چٽو ڪرڻ آهي(1). ڪن عالمن سڳورن تفسير کي “فسر” جي برابر ۽ انجو هم معنى ڄاڻايو آهي جڏهن ته وري ڪن لفظ تفسير مبالغي جي معنى ۾ ڄاڻايو آهي. پر تقريبا لغت جي سڀني ماهرن تفسير کي عبارت ۽ الفاظ جي معنى جي سمجهاڻي ۽ بيان سان مخصوص ڄاڻايو آهي. ان ڳالھ کي سامهون رکندي ته تفسير باب “تفعيل” جو مصدر آهي، اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ مبالغي جي معنى لڪيل آهي، تنهنڪري تفسير جي معنى هيءَ ٿيندي: الفاظ جي معنائن ۽ لڪيل حقيقتن کي چٽي نموني بيان ڪرڻ(2) .

سڄي قرآن مجيد ۾ تفسير جو لفظ فقط هڪ ڀيرو سورت فرقان جي آيت 33 ۾ استعمال ٿيو آهي، ان آيت ڪريمه ۾ الله سائين ڪافرن جي ڪجھ سوالن ۽ انهن جي جوابن کي ذڪر ڪرڻ بعد فرمائي ٿو: وَلَا يَأْتُونَكَ بِمَثَلٍ إِلَّا جِئْنَاكَ بِالْحَقِّ وَأَحْسَنَ تَفْسِيرًا ۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نه ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ ڏاڍو چڱو بيان تو وٽ نه آندو هجي.

هن آيت ڪريمه ۾ تفسير جو لفظ پنهنجي لغوي معنى يعني واضح ۽ چڱي نموني چٽي ڪرڻ ۾ استعمال ٿيو آهي.

تفسير جو اصطلاحي مفهوم

تفسير ۽ علوم قرآني جي ڪتابن ۾ تفسير جي لاءِ ٻن قسمن جون اصطلاحون بيان ٿيون آهن. هڪڙن عالمن تفسير کي هڪ علم ۽ معرفت ڀريو منظوم ڄاڻايو آهي ته وري ٻين ان تي هڪ فڪري ڳولها جي عنوان سان ڌيان ڏنو آهي. اسان هتي ڪن عالمن جهڙوڪ راغب اصفهاني، علامه طباطبائي ۽ آيت الله مڪارم شيرازي، جي راءِ کي ذڪر ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسانجي راءِ موجب اهي عالم سڳورا ٻين جي بنسبت وڌيڪ ماهر آهن.

1_ راغب اصفهاني (502 کان 565) تفسير جي تعريف بابت لکي ٿو:“ التفسير في عرف العلماءِ کشف معاني القرآن و بيان المراد، اعم من ان يکون بحسب اللفظ المشکل و غيره، و بحسب المعني الظاهر و غيره، (3) تفسير عالمن جي نظر ۾ قرآن جي معنى کي چٽو ۽ مقصد کي بيان ڪرڻ آهي، پوءِ ڀلي اهو لفظ جي ڏکئي هجڻ سبب هجي يا وري ڪنهن ٻئي سبب ڪري، ۽ اها تفسير به ڀلي ظاهري معنا جي مطابق هجي يا مطابق نه هجي بلڪه غير ظاهر هجي.

هن تعريف جي بهترين سمجهاڻي هيءَ ٿي سگهي ٿي ته “ معنى کي چٽو ڪرڻ” جو مطلب قرآني لفظ جي استعمال ٿيندڙ معنى آهي. جڏهن ته “مقصد کي بيان ڪرڻ ” جو مطلب، عبارتن مان الله سائين جو حقيقي مقصد آهي. ان کان پوءِ وارو جملو تفسير جي ضرورت کي بيان ڪري رهيو آهي ته تفسير جي ضرورت ڪڏهن لفظ جي مشڪل يا ڏکئي هجڻ سبب هوندي آهي ته ڪڏهن وري ان جو ڪارڻ ڪا ٻئي شيءَ هوندي آهي. آخري جملي جو اشارو ان ڏانهن آهي ته ڪڏهن الله سائين جو حقيقي مقصد به اها ئي معنى هوندي  آهي جيڪا لفظ مان ظاهر ٿئي ٿي ۽ ڪڏهن وري ائين نه هوندو آهي بلڪه ان آيت مان سندس مقصد ٻئي ڪا معنى هوندي آهي.

پر سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا راغب اصفهاني حقيقت ۾ اهو ئي چوڻ چاهي ٿو يا سندس ڪو ٻيو مقصد آهي؟ ان عبارت مان ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي جڏهن ته تعريف جي لاءِ ضروري آهي ته چٽي ۽ واضح هجڻ گهرجي.

2_ علامه طباطبائي (1281 کان 1360 ) تفسير جي تعريف هن ريت ڪئي آهي:“ التفسير هو بيان معاني الآيات القرآنيه والکشف عن مقاصدها و مداليلها”(4)

 تفسير قرآني آيتن جي معنى کي بيان ڪرڻ ۽ انهن جي مدلول ۽ مقصد کي چٽو ڪرڻ آهي.

علامه جي تعريف مطابق تفسير جا ٽي مرحلا آهن:

1_ الفاظ ۽ عبارتن جي معنى کي بيان ڪرڻ (بيان معاني)

2_ قرآني عبارتن ۽ آيتن مان الله سائين جو مطلب بيان ڪرڻ (ڪشف مدلول)

3_ جيڪو مقصد الله سائين انهن لفظن مان ورتو آهي تنهن کي بيان ڪرڻ (ڪشف مقاصد)

مثال طور جن آيتن ۾ جنت ۽ دوزخ يا ملائڪن ۽ فرشتن جو وصفون بيان ٿيون آهن تنهن ۾ مفسر کي گهرجي ته پهريان انهن لفظن جي مفهوم ۽ قرآن نازل ٿيڻ واري دور ۾ انهن جي استعمال کي بيان ڪري. ٻئي مرحلي ۾ اهو واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڇا الله سائين انهن لفظن مان ساڳئي معنى مراد ورتي آهي، ٽئين مرحلي ۾ ان ڳالھ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ته الله سائين جو انهن وصفن جي بيان ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟

آيت الله مڪارم شيرازي پنهنجي تفسير نمونه ۾ لکيو آهي: تفسير جي لغوي معنى منهن تان نقاب هٽائڻ  آهي. پر ڇا قرآن جي چهري تي ڪو نقاب آهي جو ان کي هٽائڻ جي ضرورت پوي. نه هر گز نه، قرآن جي چهري تي ڪو به نقاب نه آهي جو ان کي هٽائڻ جي ضرورت هجي. پر نقاب اسان جي چهري تي آهي ان کي پنهنجي ذهن ۽ عقل تان هٽائڻو پوندو. جئين قرآني مفهومن کي سمجهي سگهون.

پر ٻئي پاسي قرآن جو هڪ رخ يا چهرو نه آهي بلڪه قرآن جو هڪ عمومي چهرو آهي جيڪو هر ڪو سمجهي سگهي ٿو پر قرآن جا ٻيا به چهرا آهن جن کي “بطون قرآن” چيو ويندو آهي جيڪي هر ڪنهن جي لاءِ سڃاڻپ جوڳا نه آهن تفسير جو علم انساني اک کي اها بصيرت ۽ سگھ ڏئي ٿو جو هو پنهنجي وت آهر انهن چهرن کي به ڏسي سگهي.(5)

تفسير جي ضرورت

قرآن مجيد جيڪي وصفون پنهنجي لاءِ بيان ڪيون آهن جئين بيان، تبيين، ڪتاب مبين، سولي ۽ آسان عربي ٻوليءَ ۾ هجڻ، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن مجيد نصيحت وٺڻ لاءِ سولو ۽ آسان آهي پر جيڪو به ڄاڻو ماڻهو قرآن مجيد سان ٿورو به واسطو رکندو هجي اهو چڱي نموني ڄاڻي سگهي ٿو ته قرآن ڪريم ۾ لڪيل علم ۽ معرفت جا مختلف درجا آهن جن مان ڪجھ کي سمجهڻ عام ماڻهو لاءِ به آسان آهي بس ايترو آهي ته ان کي عربي ٻولي جي ڄاڻ هجڻ گهرجي. ان کان پوءِ تفسير جي ضرورت نه هوندي. پر ڪجھ آيتن يا معرفت جي مٿانهن درجن کي تفسير کان سواءِ سمجهڻ ممڪن نه آهي، پوءِ ڀلي کڻي ماڻهو عربي ٻولي ۽ ان جي صرف و نحو جو چوٽي جو ماهر ئي ڇو نه هجي.

مطلب ته قرآني آيتن کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو، ڪن کي سمجهڻ لاءِ تفسير جي ضرورت نه آهي جڏهن ته ڪجھ کي سمجهڻ لاءِ تفسير نهايت ضروري آهي.

علم تفسير جي ضرورت جا ڪارڻ

علم تفسير جي ضرورت ۽ ان جي لازمي هجڻ جا مختلف ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. اسان انهن مان اهم ڏانهن اشارو ڪنداسين:

1_ قرآني لفظن جي معنى جي پروڙ نه هجڻ

قرآن مجيد پنهنجي مطالب کي بيان ڪرڻ لاءِ نازل ٿيڻ وقت عربي ٻولي ۾ رائج لفظن کان مدد ورتي. پر هڪ ئي دور جا سڀئي ماڻهو ان زبان جي سڀني لفظن جي معنى کي نه ڄاڻيندا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن متن ۽ عبارت کي سمجهڻ لاءِ لفظن جي معنى بابت تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪن. خاص طور تي قرآني الفاظ بابت تاريخي نشانيون ۽ آثار ظاهر ڪن ٿا ته قرآن نازل ٿيڻ وقت ڪجھ لفظ ڪجھ ماڻهن لاءِ نامعلوم ۽ اڻ سڃاتل هئا.

 مثال طور تي جڏهن حضرت ابو بڪر کان “ڪلاله” جي معنى بابت پڇيائون ته کيس خبر نه هئي ۽ چيائين: مان پنهنجي طرفان ٻڌايان ٿو جيڪڏهن صحيح هجي ته خدا طرفان آهي نه ته منهنجي ۽ شيطان طرفان آهي.(6) جڏهن ته اهو لفظ قرآن مجيد ۾ ٻه ڀيرا سورت نساء جي آيت 12 ۽ 176 ۾ استعمال ٿيو آهي. مفسرن ۽ لغت جي ماهرن ان لفظ لاءِ مختلف معنائون بيان ڪيون آهن، روايتن ۾ اهو لفظ اتي استعمال ٿيو آهي جتي ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ سندس وارثن ۾ ماءُ پيءُ يا اولاد نه هجي ته پوءِ “ڪلاله” جو بحث ٿيندو.(7) ان بنياد تي فقهي ڪتابن ۾ ميت جي ڀائرن، ڀينرن، ڀائٽن ۽ ڀاڻجن کي “ڪلاله” چيو ويو آهي. (8)

 يا وري جڏهن حضرت عمر کان “ابا” جي معنى بابت پڇيائون ته وراڻيائين: اسان کي گهڻي سوچڻ ۽ حيلن بهانن کان روڪيو ويو آهي.(9)

اهڙين جاين تي قرآني آيتن کي سمجهڻ ۽ انهن ۾ استعمال ٿيل لفظن جي ڄاڻ لاءِ تفسيري ڪوشش جي ضرورت آهي.

2_ شان نزول يا نزول جي ماحول کي نه ڄاڻڻ

ڪن جاين تي شان نزول يا نزول جي ماحول کي نه ڄاڻڻ، آيت جي معنى کي ابهام جي پردي ۾ لڪائي ڇڏيندو آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ تفسير جي ضرورت پوندي آهي. مثال طور هن آيت (إِنَّمَا النَّسِيءُ زِيَادَةٌ فِي الْكُفْرِ يُضَلُّ بِهِ الَّذِينَ كَفَرُواْ يُحِلِّونَهُ عَامًا وَيُحَرِّمُونَهُ عَامًا لِّيُوَاطِؤُواْ عِدَّةَ مَا حَرَّمَ اللّهُ،(10)

تعظيم وارن مھينن جو اڳي پوءِ ڪرڻ رڳو ڪفر ۾ واڌارو آھي اُن سان ڪافر ڀُلايا ويندا آھن اُن (مھيني) کي ھڪ سال حلال ڳڻين ٿا ۽ ٻئي سال اُن کي حرام ڀائين ٿا ھن لاءِ ته الله جي حرام ڪيل مھينن جي ڳاڻيٽي جو پورائو ڪن). ذڪر ٿيل آيت ۾ “نسي” کي سمجهڻ لاءِ تفسير جي ضرورت آهي. جڏهن اسان ان جو شان نزول ڏسنداسين ته ڪهڙي نموني عرب تعظيم وارن مهينن کي جن ۾ جنگ ڪرڻ حرام آهي، مٽائيندا ۽ اڳتي پوئتي ڪندا هئا، تڏهن چٽي نموني خبر پوندي ته هن آيت جي معنى ۽ مقصد ڇا آهي.

 

3_ عربي ٻوليءَ جي ادب کان وانجهايل هجڻ

جئين ته اسان سڀني کي خبر آهي ته قرآن مجيد عربي زبان م نازل ٿيو آهي تنهنڪري عربي ٻولي جي ادبيات جي تعليم، قرآن کي سمجهڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. عربي ٻولي جي ادبيات ۽ سندس قاعدن ۽ قانونن کي نه ڄاڻڻ يا لفظن ۽ جملن جي جوڙ جڪ ۽ بيهڪ يا آيتن جي بلاغتي وصفن جئين استعارو ۽ تشبيھ کي نه سڃاڻڻ به تفسير جي ضرورت جو هڪ ڪارڻ آهي.

مثال طور تي هن آيت (وَكُلُواْ وَاشْرَبُواْ حَتَّى يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الْخَيْطُ الأَبْيَضُ مِنَ الْخَيْطِ الأَسْوَدِ مِنَ الْفَجْرِ،(11)

۽ (ايستائين) کائو ۽ پيئو جيستائين ڪاري ڌاڳي کان باک جو اڇو ڌاڳو اوھان لاءِ پڌرو ٿئي) ۾ جيڪو استعارو استعمال ٿيو آهي تنهن کي نه سڃاڻڻ ڪري عدي بن حاتم سمجهيو پئي ته آيت جو مطلب هي آهي : رمضان جي مهيني ۾ تيستائين سحري کائڻ جائز آهي جيستائين فضا جي روشني ۾ اڇي ۽ ڪاري ڌاڳي کي سڃاڻي نه سگهجي.

4_ قريني ۽ شاهد جي سڃاڻ

جيڪڏهن ڪنهن آيت م ڪو مشترڪ لفظ استعمال ٿيو هجي جنهن جون هڪ کان وڌيڪ معنائون هجن ته انهن مان هڪ معنى کي معين ڪرڻ لاءِ قرائن ۽ شاهد کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ساڳئي ريت ڪنهن لفظ جي حقيقي معنى کي مجازي معنى کان الڳ ڪرڻ لاءِ يا آيت جي خاص مصداق کي مشخص ڪرڻ لاءِ به متصل (گڏيل) يا منفصل (جدا) قرائن ۽ شاهدن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري آيتن جي قرائن کي سمجهڻ هڪ مفسر لاءِ نهايت ضروري آهي ۽ مفسر پنهنجي تفسيري ڪوشش ۽ جدوجهد سان ڪيترن ئي لڪيل قرينن کي سمجهي ڪري آيت جي اوناهين ۽ دقيق معنى کي سمجهي سگهي ٿو. انهي عمل لاءِ به تفسير جي علم جي ضرورت آهي.

5_ قرآن مجيد جون خاص خصوصيتون

قرآن مجيد تي سوچ ويچار ڪرڻ سان پڌرو ٿئي ٿو ته هن عظيم آسماني ڪتاب جون ڪيتريون ئي اهڙيون خصوصيتون آهن جن مان ڪن کي سمجهڻ لاءِ تفسير جو علم نهايت ضروري آهي.

قرآن مجيد هڪ پاسي مطالب ۽ مضمونن کي سمجهائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي اهڙي جوڙ جڪ ڪئي آهي جو مختصر جملن ۾ نهايت اعلى ۽ بلند معنى کي سمائي ڇڏيو آهي. هن ڪتاب انهن تمام تعليمات کي جيڪي انسان کي ڪمال ۽ سعادت تائين پهچائي سگهن ٿيون، تمام گهٽ ۽ مختصر عبارتن ۽ جملن ذريعي بيان ڪيو آهي. تنهنڪري آيتن جي ڪن حصن کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ سوچ ويچار جي ضرورت آهي. اها گهرج به تفسير وسيلي ئي پوري ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي قرآن مجيد ۾ دنيا ۽ ڪائنات بابت گفتگو کان سواءِ اهڙيون آيتون به آهن جيڪي ما وراءِ ماده ( ميٿا فيزڪس) بابت بحث ڪن ٿيون، انهن آيتن ۾ هن دنيا کان مٿانهين حقيقت کي اهڙن لفظن وسيلي بيان ڪيو ويو آهي جيڪي هن دنياکي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. اهڙي طرح انهن آيتن مان الله سائين جي مطلب ۽  مقصد کي سمجهڻ ڏکيو ٿيو پوي، تنهنڪري به خاص سوچ ويچار ۽ تفسيري جاکوڙ جي ضرورت آهي.

ان کانسوءِ قرآن مجيد جو مطالب کي بيان ڪرڻ جو پنهنجو هڪ نرالو ۽ خاص انداز آهي. اهو ان ريت ته قرآن مجيد ڪڏهن به هڪ موضوع کي مڪمل طور تي هڪ جڳھ تي بيان نه ڪيو آهي بلڪه سندس هر صفحي يا هڪ ئي آيت ۾ ڪيترين ئي موضوعن تي بحث ٿيو آهي. اها ڳالھ به تفسير جي ضرورت کي بيان ڪري ٿي.

6_ زماني جو ڦير

وقت جو چرخو ان لحاظ کان جو علمي اوسر ۽ ترقي جو ڪارڻ آهي، ٿي سگهي ٿو ڪجھ آيتن جي مضمونن کي چٽو ڪري پر ٻئي لحاظ کان وقت جو فاصلو تفسير جي ضرورت کي وڌائي ڇڏي ٿو. ڇو جو هڪ پاسي ڪجھ لفظن جي معنى جو تبديل يا ختم ٿيڻ زمان نزول جي معنى سان واقفيت کي مشڪل بڻائي ٿو ته ٻئي پاسي آيتن جي معنى ۾ مفسرن جو نظرياتي اختلاف آيتن جي معنى کي ڏکيو بڻايو ڇڏي.

وقت جو فاصلو نون علمي سوالن ڪري به تفسير جي ضرورت کي چٽو ڪري ٿو ان لحاظ سان ته نزول کان پوءِ واري دور ۾ انسان جون اجتماعي ۽ علمي گهرجون وڌي ويون آهن، جن جو چٽي نموني قرآن ۾ ذڪر نه ٿيو آهي. اهڙن سوالن جو قرآن مان جواب حاصل ڪرڻ به هڪ خاص نموني جي فڪري جاکوڙ جو طلبگار آهي. اها گهرج به تفسير جي ضرورت کي بيان ڪري ٿي.

تفسير جي ونڊ ورڇ

اسلامي دانشورن ۽ مفسرن تفسير جا مختلف قسم بيان ڪيا آهن اسان هتي هاڻوڪي عالمن جي راءِ مطابق تفسير جا قسم بيان ڪنداسين.

1_ تفسير مفردات قرآن

هن تفسير ۾ مفسر جو ڌيان ۽ توجھ قرآن جي لفظن تي هوندو آهي ۽ هو حروف تهجي جي ترتيب مطابق قرآن ۾ استعمال ٿيل لفظن کي قرآني استعمال ۽ لغت مطابق واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان تفسير مطابق ڪجھ ڪتاب هن ريت آهن “مفردات راغب” ، “وجوه القرآن” ، “تفسير غرائب القرآن” طريحي. ۽ اڄوڪي دور ۾ ان جا اهم نمونا هي آهن:“التحقيق في ڪلمات القرآن الڪريم”  ۽ “نثر طوبي يا دائره المعارف قرآن مجيد”.

 2_ تفسير ترتيبي

قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڄ تائين تفسير جو هي قسم رائج رهيو آهي ان طريقي مطابق مفسر قرآن مجيد جي جمع ٿيل ترتيب مطابق هڪ هڪ آيت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آهي ۽ ان جي مقصد ۽ حقيقت کي چٽو ڪندو آهي. اسلام جي هاڪاري ۽ چوٽي جي عالمن هن طريقي مطابق سوين تفسيرون لکيون آهن. جن ۾ شيخ طوسي جي “تبيان” ، مرحوم طبرسي جي “مجمع البيان” ، علامه طباطبائي جي “الميزان” ، آيت الله مڪارم شيرازي جي “تفسيرنمونه” ، حجة الاسلام محسن قرائتي جي “تفسير نور” نالي کڻڻ وٽان آهن.

3_ تفسير موضوعي

تفسير جو هڪ اهم قسم تفسير موضوعي آهي جنهن ۾ مفسر هڪ ئي موضوع بابت سڄي قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿيل آيتن کي گڏ ڪري، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندو آهي. انهن سڀني کي سامهون رکي ان موضوع جي مختلف رخن کي چٽو ڪندو آهي ۽ ان موضوع بابت قرآني نظرئي جو نچوڙ بيان ڪندو آهي. مثال طور جيڪي به آيتون خدا شناسي جي دليلن سان لاڳاپيل آهن جهڙوڪ فطرت، برهان نظم، برهان وجوب و امڪان، مفسر انهن ۽ ٻين مختلف دليلن کي گڏ ڪري “القرآن يفسر بعضه بعضا (قرآني آيتون هڪٻئي جو تفسير ڪن ٿيون) ” مطابق هن موضوع کي مڪمل طور تي چٽو ڪري ٿو.

ظاهر آهي ته جيڪڏهن انهن آيتن کي جيڪي مختلف مناسبتن سان قرآن جي مختلف سورتن ۾ بيان ٿيون آهن هڪ جڳھ تي گڏ ڪري تفسير ڪئي وڃي ته ڪيتريون ئي نيون حقيقتون ۽ مطالب سامهون ايندا. اها ڳالھ تفسير جي هن قسم جي اهميت کي بيان ڪري ٿي.

تفسير جي هن قسم ۾ آيت الله مڪارم شيرازي جي “پيام قرآن” جعفر سبحاني جي “منشور جاويد” ۽ آيت الله جوادي آملي جي تفسير موضوعي قرآن جو نالو کڻي سگهجي ٿو.

منابع تفسير

قرآن کي ڪهڙي وسيلي سان سمجهي سگهجي ٿو؟ قرآن جو ڪهڙي نموني تفسير ڪري سگهجي ٿو؟ جنهن شيءَ وسيلي قرآن کي سمجهي يا تفسير ڪري سگهجي، ان کي “منبع تفسير قرآن” چوندا آهن. ان مطابق تفسير جا ٻه قسم آهن. هڪ ته قرآن جيڪو ديني متن آهي ان کي ديني متن ۽ نقل مطابق تفسير ڪرڻ يعني قرآن کي قرآن يا سنت ۽ روايت ذريعي تفسير ڪرڻ. ٻيو قرآن کي عقل ذريعي تفسير ڪرڻ. ان بنياد تي تفسير جا ٽي قسم ٿيا. اسان انهن مان هر هڪ کي مختصر وضاحت سان پيش ڪريون ٿا.

1_ قرآن جو قرآن سان تفسير

قرآن پاڪ جي تفسير ڪرڻ جو بهترين طريقو جيڪو اهل بيتF جو طريقو پڻ آهي، اهو قرآن جو قرآن سان تفسير ڪرڻ آهي. ان طريقي مطابق قرآن مجيد جي هر هڪ آيت، جي ٻين آيتن تي سوچ ويچار ڪندي، تفسير ڪئي ويندي آهي. هتي مناسب آهي ته علامه طباطبائي جي بيان کي جيڪو هن طريقي جو مشهور عالم آهي نقل ڪريون. سائين جن لکن ٿا ته قرآن جي بلند مقصدن ۽ حقيقتن کي سمجهڻ جا ٻه قسم ٿي سگهن ٿا:

الف) پهريان اسان علمي ۽ فلسفي بحث ڪريون ته جئين هر علمي ۽ فلسفي مسئلي جي حقيقت کي سمجهي سگهون پوءِ قرآني آيتن کي ان علمي ۽ فلسفي مسئلي تي حمل ڪريون. پر هي طريقو  قرآن کان علاوه ٻئي شيء ۾ ته صحيح آهي پر قرآن بابت صحيح نه آهي.

ب) قرآن کي قرآن سان تفسير ڪريون، هر آيت جي معنى کي، انهي آيت ۽ ٻين آيتن ۾ سوچ ويچار سان حاصل ڪريون ۽ آيتن ۾ ذڪر ٿيل خصوصيات کي مد نظر رکندي آيتن جي مصداق کي معين ڪريون. جئين الله جو فرمان آهي : نَزَّلْنَا عَلَيْكَ الْكِتَابَ تِبْيَانًا لِّكُلِّ شَيْءٍ(12)، ھر شيء کي پڌرو ڪندڙ ڪتاب تو تي نازل ڪيوسين اهو ڪئين ٿي سگهي ٿو جو قرآن ٻين لاءِ ته روشن ڪرڻ وارو هجي پر پنهنجي لاءِ نه هجي.

مثال طور جڏهن امام باقر عليه السلام کان سوال ٿيو ته مولا هي آيت (وَإِذَا ضَرَبْتُمْ فِي الأَرْضِ فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَن تَقْصُرُواْ مِنَ الصَّلاَةِ،(13)

۽ جڏھن اوھين ملڪ ۾ مسافري ڪريو تڏھن نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناہ ڪونھي) ڪهڙي نموني سفر ۾ نماز جي قصر جي واجب ۽ ضروري هجڻ تي دلالت ڪري ٿي جڏهن ته آيت ۾ واجب هجڻ جو ڪو به لفظ نه آهي. “لا جناح” جو لفظ واجب هجڻ کي بيان نٿو ڪري بلڪه جائز هجڻ تي دلالت ڪري ٿو. امام عليه السلام فرمايو: هن آيت ۾ “لاجناح” جو اهو ئي مطلب آهي جيڪو طواف واري  آيت ۾ آهي(فَمَنْ حَجَّ الْبَيْتَ أَوِ اعْتَمَرَ فَلاَ جُنَاحَ عَلَيْهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِمَا، (14) پوءِ جيڪو بيت الله جو حج ڪري يا عمرو بجاءِ آڻي تنھن کي ٻنھي جي طواف ڪرڻ ۾ گناھ نه آھي)

ان آيت ۾ طواف جي واجب هجڻ کي بيان ڪيو ويو آهي. ان مطابق “لاجناح” واجب هجڻ تي دلالت ڪري ٿو، تنهنڪري نماز جي قصر بابت جيڪا آيت آهي تنهن ۾ به قصر جي واجب هجڻ تي دلالت ڪري ٿو.

 2_ قرآن جو سنت وسيلي تفسير

الله سائين قرآن جي تلاوت، تعليم ۽ معارف کي بيان ڪرڻ جو ذمو پاڻ کنيو آهي. قرآن جي تلاوت لاءِ ارشاد ٿئي ٿونَتْلُوا عَلَيْكَ مِن نَّبَإِ مُوسَى وَفِرْعَوْنَ بِالْحَقِّ لِقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ (15) ،اي پيغمبر) مُوسىٰ ۽ فرعون جو ڪُجھ احوال مومن ماڻھن (جي ٻڌائڻ) لاءِ توکي سچيءَ طرح پڙھي ٻڌايون ٿا.

 ساڳئي ريت آيتن جي چٽي ڪرڻ ۽ نفس کي پاڪ ڪرڻ جو ذڪر سورت نساء جي آيت 26 ۽ 41 ۾ ٿيو آهي.

 وري الله سائين پاڻ اها ذميواري پنهنجي نبين:“ وَمَا أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلاَّ بِلِسَانِ قَوْمِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُمْ،(16) ۽ ڪنھن پيغمبر کي سندس قوم جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻيءَ (ٻوليءَ) سان نه موڪليوسون (ھن لاءِ) ته انھن کي (پڌرو) بيان ڪري”

 خاص طور تي اها ذميواري حضرت محمد صلى الله عليه و آله کي ڏني آهي:“ وَأَنزَلْنَا إِلَيْكَ الذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ إِلَيْهِمْ (17) ،۽ اسان توڏانھن قرآن ان لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين.

ڌيان جوڳي ڳالھ هيءَ آهي ته سنت مان صرف حديث ۽ قول نه آهي بلڪه معصوم جو قول، عمل ۽ ڪنهن عمل کان نه روڪڻ سڀ سنت ۾ داخل آهن. تنهنڪري قرآن جي تفسير ۾ انهن کان به مدد وٺي سگهجي ٿي.(18)

قرآن مجيد ۾ عام طور تي ڪلي ۽ مجموعي حڪم بيان ويا آهن جن جو تفصيل، جز، رڪن، شرط وغيره بيان ڪرڻ رسول اڪرم8 جي حوالي ڪيو ويو آهي. جئين ته نماز هڪ اهم اسلامي حڪم ۽ عظيم عبادت آهي پر ان جا جز، رڪن، شرط وغيره قرآن ۾ بيان نه ٿيا آهن.

3_ قرآن جو عقل ذريعي تفسير

اهڙن عقلي قانونن کان مدد وٺڻ جن کي سڀ عقلمند مڃيندا هجن، تنهن کي “عقلي تفسير” سڏيندا آهن. عقل، مفسر جي مدد ڪري ٿو ته صحيح تفسير ڪري.  لازمي آهي ته قرآني آيتن جي تفسير عقل جي صريح ۽ چٽي حڪم جي خلاف نه هجڻ گهرجي. مثال طور تي الله سائين فرمائي ٿو:“ يَدُ اللَّهِ فَوْقَ أَيْدِيهِمْ،(19) سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي، ٻئي پاسي انساني عقل سمجهي ٿو ۽ ثابت ڪري ٿو ته الله سائين جسم نٿو رکي، تنهنڪري ان آيت جي تفسير ۾ ان عقلي قانون کي سامهون رکندي اهڙي معنى ڪئي ويندي جيڪا عقلي حڪم جي مخالف نه هجي. مطلب ته چيو ويندو الله جي قدرت سڀني کان مٿانهين آهي.

جيتوڻيڪ انهن سڀني قسمن، طريقن ۽ منابع بابت تفصيلي گفتگو ڪري سگهجي ٿي ۽ هر هڪ لاءِ شرط شروط وغيره بيان ڪري سگهجن ٿا. پر اسان اختصار کي مد نظر رکندي اتي ئي قلم جون واڳون روڪيون ٿا. 

 

حوالا

1) لسان العرب، مجمع البحرين

2) روش تفسير قرآن، ص9

3) البرهان في علوم القرآن، ج2، ص285

4) الميزان في تفسير القرآن، ج1، ص4

5) تفسير نمونه، ج1، ص19

6) الڪشاف، ج1،ص 486

7) الڪافي، ج7، ص101

8) جواهر الڪلام في شرح شرائع الاسلام، 39، ص147

9) فتح الباري في شرح صحيح البخاري، ج13،ص 285

10) سورت توبه، آيت 37

11) سورت بقره، آيت187

12) سورت نحل، آيت 89

13) سورت نساء، آيت 101

14) سورت بقره، آيت 158

15) سورت قصص، آيت 3

16) سورت ابراهيم، آيت4

17) سورت نحل، آيت 44

18) تفسير تسنيم، ج1، ص136

19) سورت فتح، آيت 10

 

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي