ڇنڇر, 18 سيپٽمبر 2021

سورت حجرات جي تفسير قسط (3)

  • انداز قلم

 

 

 

آيت 9 ۽ 10 جي تفسير

 

وَ إِنْ طَائِفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا فَإِنْ بَغَتْ إِحْدَاهُمَا عَلَى الْأُخْرَى فَقَاتِلُوا الَّتِي تَبْغِي حَتَّى تَفِي‌ءَ إِلَى أَمْرِ اللَّهِ فَإِنْ فَاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَ أَقْسِطُوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ ﴿9

 

إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُوا بَيْنَ أَخَوَيْكُمْ وَ اتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ ﴿10

 

ترجمو

 

۽ جيڪڏهن مومنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو، ۽ جيڪڏهن انهن مان هڪ جماعت ٻئي تي زيادتي ڪري ته زيادتي ڪندڙ سان جنگ ڪريو جيستائين وڃي الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچي. جڏهن موٽي اچي ته انهن ٻنهي ۾ عدالت جي بنياد تي صلح ڪرايو ۽ انصاف ڪريو. ڇو جو الله سائين انصاف ڪندڙن کي پسند ڪندو آهي.

 

مومن ته پاڻ ۾ ڀائر ئي آهن تنهنڪري پنهنجي ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ الله سائين کان ڊڄندا رهو جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

 

شان نزول

 

انهن آيتن جي شان نزول بابت منقول آهي ته مديني جي ٻن مشهور قبيلن ۾ اختلاف ٿي پيو، ان لفظي جهيڙي وڌي وڃي جنگ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن ۾ لٺن، مڪن، جتن وغيره جو آزاد استعمال ڪرڻ لڳا. تنهن تي اهي آيتون نازل ٿيون. جن ۾ اهڙي قسم جي صورتحال سان منهن ڏيڻ ۽ اهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ جي تعليم ڏني وئي آهي.

 

ڪجھ ڪتابن ۾ آهي ته انصار جي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو، انهن مان هڪ ٻئي کي چوڻ لڳو، مان پنهنجو حق تو کان زبردستي وٺندس. ڇو جو منهنجو قبيلو وڏو آهي، اسان جي جمعيت ۽ تعداد وڌيڪ آهي. ٻيو همراھ چوڻ لڳو ته اسان پنهنجو فيصلو رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي خدمت ۾ کڻي هلون ٿا. پر پهريون همراھ ان ڳالھ کي مڃڻ تي تيار نه ٿيو. اختلاف وڌڻ لڳو. ٻنهي قبيلن جا ڪجھ ماڻهو پنهنجي همراھ جي حمايت ۾ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ ڳالھ وڌي هٿا پائي تائين پهچي وئي. تنهن تي اهي آيتون نازل ٿيون.

 

تفسير

 

مومن هڪ ٻئي جا ڀائر آهن

 

قرآن مجيد هتي هڪ عمومي قانون ۽ دائمي قانون ٻڌائيندي ارشاد فرمائي ٿو ته: وَ إِنْ طَائِفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا، ۽ جيڪڏهن مومنن جون ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو.

 

جيتوڻيڪ ”اقتتال“ جو مادو قتال يعني جنگ جي معني لاءِ استعمال ٿيندو آهي ليڪن شاهدين ۽ ثابتين مان معلوم ٿئي ٿو ته هي لفظ هر قسم جي جهيڙي جهڳڙي کي شامل ٿئي ٿو، ڀلي کڻي جنگ جي نوبت نه اچي. شان نزول ۾ ذڪر ٿيندڙ ڪي ڳالهيون به ان مطلب جي تائيد ڪن ٿيون.

 

بلڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جنگ جو ماحول بڻجي وڃي جيئن مثال طور تي لفظي تڪرار ۽ هٿا پائي جنگ جو موجب بڻجڻ لڳي ته اتي به انهن آيتن مطابق صلح ڪرڻ جو اقدام ڪرڻ گهرجي. ”الغاءِ خصوصيت“ وارو قاعدو انهي ڳالھ کي ثابت ڪري ٿو. مطلب ته لازم نه آهي ته جڏهن ٻه مسلمان تلوار کڻي آمهون سامهون وڙهڻ لڳن ته فقط اتي ئي صلح ڪرائڻ گهرجي نه ته نه. بلڪ آيت جو مضمون عام آهي جيڪو هر قسم جي اختلاف ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ نقصان جي انديشي کي شامل آهي.

 

ٻن مسلمانن ۾ جهيڙي جي صورت ۾ آيت ٻين مسلمانن جي ضروري ذميواري کي بيان ڪري رهي آهي. جڏهن ٻن مومنن ۾ جهيڙو ٿي پوي ته ٻيا مومن غير جانبدار بڻجي هٿ تي هٿ رکي ويهي نه ٿا سگهن. يا رڳو بيهي ڪري تماشو نٿا ڏسي سگهن. بلڪ انهن جي ذميواري آهي ته وڙهندڙ ۽ جهيڙو ڪندڙ ٻن مومنن ۾ صلح ڪرائن. هي پهرين ذميواري آهي.

 

آيت اڳتي وري ٻئي ذميواري کي انهن لفظن سان بيان ڪري ٿي ته: فَإِنْ بَغَتْ إِحْدَاهُمَا عَلَى الْأُخْرَى فَقَاتِلُوا الَّتِي تَبْغِي حَتَّى تَفِي‌ءَ إِلَى أَمْرِ اللَّهِ؛ ۽ جيڪڏهن انهن مان هڪ جماعت ٻئي تي زيادتي ڪري ته زيادتي ڪندڙ سان جنگ ڪريو جيستائين وڃي الله جي حڪم ڏانهن موٽي اچي.

 

واضح آهي ته جيڪڏهن باغي ماريو وڃي ته ان جو رت ۽ خون سندس پنهنجي ذمي تي هوندو، اصطلاح مطابق ان جو رت رائيگان ويندو يعني ڪو ٻيو ضامن نه ٿيندس. ڀلي کڻي اهو مسلمان هجي ۽ جنگ مسلمانن جي ٻن گروهن ۾ ٿئي.

 

اسلام ظلم جو خاتمو چاهي ٿو ڀلي کڻي ان جي لاءِ باغي جو رت وهايو وڃي ۽ ساڻس جنگ ڪئي وڃي. عدالت جو نفاذ مسلمان جي رت وهائڻ کان به وڌيڪ اهم آهي. البت اهو حل ان صورت ۾ استعمال ڪجي جڏهن صلح جو ڪو گس نه هجي. نه ته جيڪڏهن صلح صفائي سان مسئلو حل ڪرڻ ممڪن هجي ته اتي رت وهائڻ هرگز به جائز نه آهي.

 

ان کان پوءِ آيت ٽيون حڪم بيان ڪندي، ارشاد فرمائي ٿي: فَإِنْ فَاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ؛ جڏهن موٽي اچي ته انهن ٻنهي ۾ عدالت جي بنياد تي صلح ڪرايو.

 

مطلب ته رڳو ظالم جي طاقت کي ختم ڪرڻ تي اڪتفا نه ڪريو، بلڪ هي جنگ، صلح صفائي جو باعث ٿيڻ گهرجي ۽ جنگ جي سڀني جڙن کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي. نه ته دير يا سوير وري جنگ ٿيڻ جو خطرو باقي رهندو. جڏهن به ظالم پنهنجي اندر طاقت ڀائيندو ته وري وڙهڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندو. نئين سر وري نوان جهيڙا ٿيندا رهندا.

 

ڪجھ مفسرن جو اهو به چوڻ آهي ته ”بالعدل“ جي تعبير مان خبر پوي ٿي ته جيڪڏهن ٻنهي گروپن مان ڪنهن جو ڪو حق پامال ٿيو هجي، يا ڪو ماڻهو ماريو ويو هجي جيڪو جهيڙو جو سبب بڻيو هجي ته ان جي به اصلاح ٿيڻ گهرجي نه ته اها اصلاح بالعدل نه هوندي. (تفسير الميزان، ج18، ص242)

 

ڇو جو ڪڏهن قبيلائي لاڙا ۽ قوم پرستي انسان کي ٻن وڙهندڙ قومن ۽ قبيلن جي وچ ۾ فيصلي ڪرڻ مهل غير جانبدر ناهي رهڻ ڏيندي تنهنڪري هن آيت ۾ قرآن مجيد جو چوٿون حڪم هي آهي ته: وَ أَقْسِطُوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ؛ ۽ انصاف ڪريو. ڇو جو الله سائين انصاف ڪندڙن کي پسند ڪندو آهي.

 

بعد واري آيت ان حڪم جي علت ۽ سبب کي بيان ڪندي فرمائي ٿي ته: إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُوا بَيْنَ أَخَوَيْكُمْ؛ مومن ته پاڻ ۾ ڀائر ئي آهن تنهنڪري پنهنجي ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو.

 

جهڙو نموني توهان پنهنجي ٻن سڳن ڀائرن ۾ صلح صفائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو، ٻن مومنن ۾ جهيڙي ٿيڻ جي صورت ۾ انهن جي وچ ۾ صلح صفائي جو پوري پوري ڪوشش ڪريو.

 

ڪيڏي نه ڀلي، دلچسپ ۽ جالب تعبير آهي ته سڀ مومن، هڪٻئي جا ڀائر آهن؛ انهن ۾ ٿيندر جهڳڙي ۽ جهيڙي کي ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي ۽ جهڳڙي جو نالو ڏنو، جنهن کي صلح صفائي سان جلد ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

انهي سڄي عمل کي الله سائين جي عين حڪم مطابق انجام ڏيڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي جانبداري ۽ ذاتي مفاد جو خيال نه ڪيو وڃي. تنهنڪري آيت جي آخر ۾ الله سائين کان ڊڄڻ ۽ تقوا اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته توهان جو اهو عمل توهان مٿان الله سائين طرفان رحمت نازل ڪرڻ جو سبب ٿيندو. وَ اتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ؛ ۽ الله سائين کان ڊڄندا رهو جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.

 

باغين سان جنگ ڪرڻ جون شرطون

 

اسلامي فقه ۾ ”ڪتاب الجهاد“ اندر ”باغين سان جهاد“ جي عنوان سان هڪ بحث ڪيو ويندو آهي، جنهن مان مراد اهي ظالم ماڻهو هوندا آهن جيڪي معصوم امام جي خلاف قيام ڪندا آهن؛ انهن جا پنهنجا مخصوص احڪام آهن. جيڪي ان باب ۾ بيان ڪيا ويا ويندا آهن.

 

البت مٿين آيت ۾ ذڪر ٿيل لفظ “باغي“ ڪنهن ٻئي معنى ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن مان مراد اهي جهيڙا ۽ جهڳڙا آهن جيڪي مسلمانن جي ٻن گروهن ۾ ٿين. اهي جهيڙا ۽ جهڳڙا جيڪي معصوم امام ۽ اسلامي حڪومت جي خلاف نه هجن. جيتوڻيڪ ڪجھ مفسرن آيت مان معصوم امام خلاف بغاوت ۽ قيام جي احڪام کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ”فاضل مقداد“ پنهنجي ڪتاب ”ڪنز العرفان“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته اهو استدلال صحيح نه آهي. ڇو جو معصوم امام جي خلاف قيام ڪرڻ ڪفر جو موجب ٿيندو آهي جڏهن ته ٻن مومنن جو جهڳڙو ۽ هڪٻئي خلاف قيام ڪفر جو باعث نه ٿيندو آهي؛ فقط ”فسق ۽ فجور“ جو موجب ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته مٿي ذڪر ڪيل آيت، مومنن کي هڪٻئي جو ڀائر ڪوٺيو آهي، تنهنڪري ان آيت ۾ ذڪر ٿيل لفظ ”باغي“ مان اهي احڪام اخذ نٿا ڪري سگهجن جيڪي معصوم امام خلاف بغاوت ڪرڻ واري شخص سان مخصوص هوندا آهن.

 

جيتوڻيڪ فقه ۾ اهڙي قسم جي عنوان سان ڪو خاص بحث نه ٿيو آهي، پر وري به مٿين آيت، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي بحث ۽ ٻين شاهدين ۽ ثابتين سان ان بابت به ڪجھ احڪام ذڪر ڪري سگهجن ٿا، جيڪي هن ريت آهن:

 

الف: وڙهندڙ ٻن گروهن ۽ مومنن ۾ صلح صفائي ڪرڻ واجبِ ڪفائي آهي.

 

ب: هن ڪم جي شروعات آسان مرحلن سان ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن انهن مان ڪو نتيجو نه ڪري ته پوءِ سخت مرحلن ڏانهن اچڻ گهرجي ۽ سڀني کان آخر ۾ جنگ ڪرڻ به جائز بلڪ ڪڏهن ضروري ٿيو وڃي.

 

ج: بغاوت ڪندڙ ۽ ٻين تي ظلم ڪندڙ جو مال ۽ رت رائيگان ويندو، ڇو جو اهي شيون شرعي حڪم تي عمل ڪرڻ جي ڪري ضايع ٿيون آهن تنهنڪري ڪو به ضامن نه آهي.

 

د: مذاڪرات، ڳالهين وسيلي جهيڙي کي حل ڪرڻ ۽ صلح ڪرائڻ لاءِ شرعي حاڪم جي اجازت ضروري نه آهي پر جتي عملي جاکوڙ خاص طور تي رت وهائڻ وغيره جهڙو مرحلو اچي ته اتي اسلامي حڪومت يا شرعي حاڪم جي اجازت کان بغير اهڙو اقدام ڪرڻ جائز نه آهي. جتي اسلامي حڪومت نه هجي ۽ شرعي حاڪم تائين دسترسي نه هجي ته اتي عادل، متقي ۽ پرهيزگار مومنن کي پاڻ ۾ صلاح مشوري ڪرڻ کان پوءِ اهڙو اقدام ڪرڻ گهرجي.

 

ھ: جيڪڏهن باغي گروھ ڪنهن جو مال ضايع ڪري يا رت وهائي ته شريعت جي حڪم مطابق اهو ضامن آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري ته ان کان قصاص به وٺي سگهجي ٿو. باقي جيڪڏهن ڪوئي ائين چوي ته آيت ۾ انهن حڪمن جو ذڪر نه ٿيو آهي تنهنڪري اهي حڪم ثابت نه آهن، ته ان جي جواب چيو ويندو ته آيت سڀني حڪمن کي بيان ڪرڻ جي مقام تي نه آهي. تنهنڪري اهڙي صورت ۾ انهن عام قاعدن ۽ عمومي قوانين ڏانهن رجوع ڪيو ويندو جيڪي قصاص وغيره جي باب ۾ بيان ٿيل آهن.

 

و: ڇو جو ان جنگ جو مقصد ظالم گروھ کي حق کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ هوندو آهي تنهنڪري ان جنگ ۾ ڪو به مال غنيمت طور نه ٿو کڻي سگهجي؛ نه ئي ڪنهن کي قيدي بڻائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن مصلحت ڪري ڪنهن کي قيد بند ۾ رکيو به ويو هجي ته جنگ ختم ٿيڻ ۽ صلح صفائي کان پوءِ ان کي آزاد ڪيو ويندو.

 

ز: ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته جهيڙي ڪرڻ وارا ٻئي فريق ۽ ٽولا باطل تي هوندا آهن، ٻئي گروھ ظالم هوندا آهن، ٻئي ناحق هڪٻئي جو مال ضايع ڪندا آهن ۽ ناحق رت وهائيندا آهن. مثال جي طور تي پهرين گروھ يا قبيلي، ٻئي قبيلي مان ڪنهن جو ناحق رت وهايو، ٻئي قبيلي وارن پهرين قبيلي وارن جا پنج ماڻهو ماري ڇڏيا ته ان صورت ۾ ٻئي ظالم ليکيا ويندا. جيتوڻيڪ ان صورت جو چٽو حڪم قرآن ۾ ذڪر نه ٿيو آهي، پر ذڪر ٿيل حڪم مان ان صورت جو حڪم به حاصل ڪري سگهجي ٿو، ڇو جو ظالم هڪ گروھ هجي يا ٻئي؛ ظلم جا حڪم ان آيت ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جيڪي هر صورت کي شامل ٿيندا.

 

آخر ۾ وري تاڪيد ڪريون ٿا ته آيت ۾ ذڪر ٿيل لفظ ”بغاوت“ مان مراد، ڪنهن مومن مسلمان خلاف بغاوت ۽ مٿس ظلم ڪرڻ آهي، ۽ آيت ۾ بيان ٿيل حڪم ان صورت سان مخصوص آهن. باقي معصوم امام خلاف بغاوت ڪرڻ واري جا پنهنجا مخصوص احڪام آهن. ٻنهي کي گڏايو نه وڃي. اهي ٻئي الڳ الڳ شيون آهن، ٻنهي جا حڪم به الڳ الڳ آهن.

 

اسلامي ڀائيچاري جي اهميت

 

مٿي آيت ۾ ذڪر ٿيل هي جملو ”انما المومنون اخوة“ اسلام جو بنيادي نعرو آهي. هڪ اهڙو نعرو جيڪو نهايت ئي سهڻو، معني سان ڀريل ۽ انتهائي گهرو نعرو آهي.

 

ٻئي ڪنهن دين يا مذهب وارا جڏهن پنهنجي دين يا مذهب وارن سان پنهنجو رشتو بيان ڪندا آهن ته چوندا آهن هي اسان جو دوست آهي. پر اسلام ان تعلق، رشتي ۽ ناتي کي ايترو ته مانُ ڏنو آهي جو انهن کي هڪٻئي جو ڀاءُ سمجهي ٿو. اهو مساوات ۽ برابري جو سڀني کان اعلى درس آهي.

 

ان اهم اسلامي نعري جي بنياد تي مسلمانن جو تعلق ڀلي ڪهڙي به قوم، قبيلي، ذات، بڻ، رنگ، نسل ۽ زبان سان سان هجي، تڏهن به اهي سڀ هڪ ٻئي جا ڀائر آهن. اهو ديني تعلق سڀني کي ايمان جي لڙي ۾ پوئي ڇڏي ٿو. اولھ، اوڀر، اتر يا ڏکڻ ۾ رهندڙ سڀني مسلمانن کي وحدت جي رنگ ۾ رڱي ڇڏي ٿو. اسلام، ايمان کان سواءِ ٻين سڀني صفتن کي غير اهم سمجهندي، پنهنجي سڀني پوئلڳن کي ايمان جي بنياد تي هڪٻئي جو ڀاءُ سڏي ٿو.

 

انهي اعلى اسلامي ڀائيچاري جي بهترين مثال طور، اسان حج جو مثال ڏئي سگهون ٿا. جتي جڳ جهان مان ڪاھ ڪري ايندڙ مختلف رنگ، نسل، علائقي ۽ زبان جا مسلمان هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪير به پاڻ کي بيگانو يا اجنبي محسوس ناهي ڪندو. هاءُ! اها روحاني ۽ معنوي ڪشش ئي ايتري اختلاف رکڻ وارن ماڻهن کي وحدت جي لڙي ۾ پوئي سگهي ٿي.

 

ٻين آسان لفظن ۾ ائين چئون ته اسلام، سڀني مسلمانن کي هڪ خاندان سمجهي ٿو، جتي سڀئي هڪ ٻئي جا ڀائر هوندا آهن. اهو نه فقط اسلامي نعرو آهي بلڪه اسلام، مومنن جا هڪٻئي مٿان حق به ڀائرن جهڙا ئي رکيا آهن.

 

اسلامي روايتن ۾ ان مسئلي جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي، ان نعري کي عملي صورت ۾ آڻڻ ۽ عملي جامو پهرائڻ تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي.

 

هتي ان حوالي سان ڪجھ روايتن کي پيش ڪريون ٿا:

 

الْمُسْلِمُ أَخُو الْمُسْلِمِ لَا يَظْلِمُهُ وَ لَا يَخْذُلُهُ ولا يسلمه (محجة البيضاء، ج3، ص 332)

 

مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي، اهو ڪڏهن به مٿس ظلم نه ڪندو آهي، ان جي مدد کان دستبردار نه ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ان کي (مشڪلات ۾) اڪيلو ڇڏيندو آهي.

 

ٻئي روايت ۾ آهي ته: مثل الاخوين مثل اليدين يغسل احداهما الآخر. (محجة البيضاء، ج3، ص 319)

 

ٻن (ديني) ڀائرن جي مثال ٻن هٿن جيان آهي، جن مان هر هڪ ٻئي کي ڌوئيندو آهي. (هر هڪ ٻئي سان مڪمل سهڪار ڪندو آهي ۽ ٻئي جا عيب پاڪ ڪندو آهي).

 

امام جعفر صادق عليه السلام جو فرمان آهي ته:

 

قَالَ سَمِعْتُ أَبَا عَبْدِ اللَّهِ ع يَقُولُ الْمُؤْمِنُ أَخُو الْمُؤْمِنِ كَالْجَسَدِ الْوَاحِدِ إِنِ اشْتَكَى شَيْئاً مِنْهُ- وَجَدَ أَلَمَ ذَلِكَ فِي سَائِرِ جَسَدِهِ وَ أَرْوَاحُهُمَا مِنْ رُوحٍ وَاحِدَةٍ (اصول ڪافي، ج2، ص166)

 

مومن، مومن جو ڀاءُ آهي، انهن ٻنهي جو مثال هڪ بدن جيان آهي جو جيڪڏهن ڪنهن هڪ عضوي کي تڪليف هجي ته ٻين عضون کي به قرار نه هوندو آهي؛ انهن ٻنهي جو روح به هڪ ئي هوندو آهي.

 

هڪ ٻئي حديث ۾ به امام جعفر صادق عليه السلام کان ئي منقول آهي ته:

 

عَنْ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ ع قَالَ: الْمُؤْمِنُ أَخُو الْمُؤْمِنِ عَيْنُهُ وَ دَلِيلُهُ لَا يَخُونُهُ وَ لَا يَظْلِمُهُ وَ لَا يَغُشُّهُ وَ لَا يَعِدُهُ عِدَةً فَيُخْلِفَهُ. (اصول ڪافي، ج2، ص166)

 

مومن، مومن جو ڀاءُ آهي، هو ان جي اک جيان هوندو آهي، ان جو رهنما هوندو آهي، ساڻس ڪڏهن به خيانت نه ڪندو آهي، نه ئي مٿس ظلم ڪندو آهي، نه ئي کيس ڌوڪو ڏيندو آهي، نه ئي ساڻس ڪو اهڙو واعدو ڪندو آهي جيڪو پورو نه ڪري سگهي ۽ پوءِ واعدي خلافي ڪري.

 

حديث جي مشهور منابع ۽ مآخذ ۾ هڪ مومن جا ٻئي مومن مٿان ڪيترن ئي قسمن جا حق بيان ويا آهن، انهن حديثن کي مختلف عنوانن تحت ذڪر ڪيو ويو آهي جيئن: ديني ڀائرن جي زيارت ڪرڻ جي اهميت، ساڻس مصافحي ڪرڻ ۽ هٿ ملائڻ جي اهميت، سندن دل کي خوش ڪرڻ جي اهميت، کائن ڪا مشڪل پري ڪرڻ ۽ سندن ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي اهميت، ڪنهن مومن کي کاڌي کارائڻ، ڪپڙا ڍڪائڻ ۽ احترام ڪرڻ وغيره جي اهميت وغيره. انهن سڀني عنوانن بابت تمام گهڻيون حديثون وارد ٿيون آهن.

 

آخر ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جن جي هڪ اهڙي حديث کي بيان ڪريون ٿا، جنهن ۾ هڪ مومن جا ٻئي مومن تي ٽيھ حق بيان ويا آهن، اها روايت هن باب جي سڀني کان جامع روايت آهي.

 

حَدَّثَنِي الْحُسَيْنُ بْنُ مُحَمَّدِ بْنِ عَلِيٍّ الصَّيْرَفِيُّ قَالَ حَدَّثَنِي أَبُو بَكْرٍ مُحَمَّدُ بْنُ عَلِيٍّ الْجِعَابِيُّ قَالَ حَدَّثَنَا أَبُو مُحَمَّدٍ الْقَاسِمُ بْنُ مُحَمَّدِ بْنِ جَعْفَرٍ الْعَلَوِيُّ قَالَ حَدَّثَنِي أَبِي عَنْ أَبِيهِ عَنْ آبَائِهِ عَنْ عَلِيٍّ ع قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ ص لِلْمُسْلِمِ عَلَى أَخِيهِ ثَلَاثُونَ حَقّاً لَا بَرَاءَةَ لَهُ إِلَّا الْأَدَاءُ أَوِ الْعَفْوُ يَغْفِرُ زَلَّتَهُ وَ يَرْحَمُ عَبْرَتَهُ وَ يَسْتُرُ عَوْرَتَهُ وَ يُقِيلُ عَثْرَتَهُ وَ يَقْبَلُ مَعْذِرَتَهُ وَ يَرُدُّ غِيبَتَهُ وَ يُدِيمُ نَصِيحَتَهُ وَ يَحْفَظُ خُلَّتَهُ وَ يَرْعَى ذِمَّتَهُ وَ يَعُودُ مَرْضَتَهُ وَ يَشْهَدُ مَيْتَتَهُ وَ يُجِيبُ دَعْوَتَهُ وَ يَقْبَلُ هَدِيَّتَهُ وَ يُكَافِئُ صِلَتَهُ وَ يَشْكُرُ نِعْمَتَهُ وَ يُحْسِنُ نُصْرَتَهُ وَ يَحْفَظُ حَلِيلَتَهُ وَ يَقْضِي حَاجَتَهُ وَ يَشْفَعُ مَسْأَلَتَهُ وَ يُسَمِّتُ عَطْسَتَهُ وَ يُرْشِدُ ضَالَّتَهُ وَ يَرُدُّ سَلَامَهُ وَ يُطَيِّبُ كَلَامَهُ وَ يُبِرُّ إِنْعَامَهُ وَ يُصَدِّقُ إِقْسَامَهُ وَ يُوَالِي وَلِيَّهُ وَ يُعَادِي عَدُوَّهُ وَ يَنْصُرُهُ ظَالِماً وَ مَظْلُوماً فَأَمَّا نُصْرَتُهُ ظَالِماً فَيَرُدُّهُ عَنْ ظُلْمِهِ وَ أَمَّا نُصْرَتُهُ مَظْلُوماً فَيُعِينُهُ عَلَى أَخْذِ حَقِّهِ وَ لَا يُسْلِمُهُ وَ لَا يَخْذُلُهُ وَ يُحِبُّ لَهُ مِنَ الْخَيْرِ مَا يُحِبُّ لِنَفْسِهِ وَ يَكْرَهُ لَهُ مِنَ الشَّرِّ مَا يَكْرَهُ لِنَفْسِهِ (ڪنز الفوائد / ج‏1 / 306)

 

هڪ مومن جا ٻئي مومن تي ٽيھ حق آهن، جن کي ادا ڪرڻ کان سواءِ هو پنهنجي ذميوارين کي ادا نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪنهن حق کي ادا نه ڪري سگهي ته پوءِ پشيماني جو اظهار ڪندي کائنس معافي وٺي.

 

1.جيڪڏهن ان کان ڪا خطا ٿي وڃي ته ان کي معاف ڪري ڇڏي.

 

2.جيڪڏهن هو مصيبت ۾ گرفتار هجي ته ان سان رحمدلي جو سلوڪ ڪري.

 

3.ان جي عيب کي لڪائي.

 

4.ان جي غلطين کان درگذر ڪري.

 

5.ان جي عذر کي قبول ڪري.

 

6.جيڪڏهن ڪوبه ان جا عيب بيان ڪري ته ان جي طرف کان دفاع ڪري.

 

7.هميشه ان سان مخلص رهي.

 

8.جيڪڏهن غربت ۾ ڦاٿل هجي ته کيس ان مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري.

 

9.جيڪڏهن هو ڪنهن سان عهد ڪري ته ان کي پورو ڪري.

 

10.بيمار هجي ته ان جي عيادت ڪري.

 

11.مري وڃي ته ان جي جنازي ۾ شرڪت ڪري.

 

12.جڏهن به کيس دعوت ڏئي ته قبول ڪري.

 

13.جيڪڏهن هو ڪو تحفو ڏئي ته قبول ڪري.

 

14.جيڪڏهن هو ڪوئي نيڪ ۽ سٺو سلوڪ ڪري ته ان جي بدلي ۾ ان سان به سٺو سلوڪ ڪري.

 

15.جيڪڏهن ان جي طرف کان ڪا نعمت ملي ته شڪر ڪري.

 

16.ان جي ڀرپور مدد ڪري.

 

17.ان جي اهل ۽ عيال جي سار سنڀال لهي.

 

18.ان کي ڪا به مشڪل پيش اچي ته ان جي حاجت روائي لاءِ ڪوشش ڪري.

 

19.جيڪڏهن هو سوال ڪري (۽ هو پورو نه ڪري سگهي ته ٻين جي آڏو) ان جي سفارش ڪري.

 

20.جيڪڏهن ان کي نڇ اچي ته يرحمڪ الله (الله تو تي رحم ڪري) چوي.

 

21.جيڪڏهن ان جي ڪا شي گم ٿي وئي هجي ته ان جي ڳولڻ ۾ مدد ڪري.

 

22.ان جي سلام جو جواب ڏئي.

 

23.ان سان نرم لهجي ۾ ڪلام ڪري.

 

24.جيڪڏهن هو ڪوئي احسان ڪري ته ان جو سٺو بدلو ڏئي.

 

25.جيڪڏهن هو ڪنهن ڳالھ (يعني مسئلي جي حل ڪرڻ) لاءِ قسم کڻي ته ان ۾ سندس مدد ڪري.

 

26.هر حال ۾ ان جي مدد ڪري. يعني جيڪڏهن هو ڪنهن سان نا انصافي يا زيادتي ڪري رهيو هجي ته ان صورت ۾ ان جي مدد اها آهي ته ان کي زيادتي ڪرڻ کان روڪي.

 

27.جيڪڏهن ان سان زيادتي يا نا انصافي ڪئي وڃي ته ان صورت ۾ ان جي مدد اها آهي ته ان کي ان جو حق ڏياريو وڃي.

 

28. ان کي پريشاني ۾ نه وجهي.

 

29.ان کي رسوا نه ڪري. (پريشانين ۾ اڪيلو نه ڇڏي).

 

30.جيڪا شي ان کي پنهنجي لاءِ پسند هجي اها ئي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به پسند ڪري ۽ جيڪا شي پنهنجي لاءِ پسند نه ڪري ان جي لاءِ به پسند نه ڪري.

 

بهرحال انهي سڀني حقن مان ديني ڀائيچاري جي اهميت واضح ٿئي ٿي ۽ اها به ڳالھ روشن ٿي وڃي ته اسلام فقط نعرو نه هنيو آهي بلڪ هڪ اهڙو منظم ۽ جامع سسٽم بڻايو آهي جيڪو ان نعري کي عملي جامو پهرائي سگهي ٿو.

 

جاري آهي .............

 

 

 

 

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي