ڇنڇر, 18 سيپٽمبر 2021

حجة الاسلام والمسلمين شهيد محمد حسن جوادي (رح)جي سوانح حيات

  • انداز قلم

پيدائش جي تاريخ

شهيد علامه محمد حسن جوادي سنڌ جي برک عالم دين استاد العلماء حجة الاسلام والمسلمين علامه حيدر علي جوادي(دام عزه) جن جا وڏا فرزند هئا. سندن پيدائش جنوري سن 1965 عيسوي ڌاري مهراڻ ڌرتي جي ضلع بدين، تعلقي ماتلي جي ڳوٺ پروکوسي ۾ ٿي

جن سالڪن سڌاري سنڌ

۽ سندن نالو محمد حسن رکيو ويو. انهيءَ نالي رکڻ جو اثر ايترو ٿيو جو سائين جن هڪ عالم دين ۽ شهيد جي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا.

ابتدائي تعليم

سائين جن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ سائين محمد عظيم وٽ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ديني تعليم حاصل ڪرڻ خاطر مدرسه مشارع العلوم حيدرآباد ويا. اتي ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سن 1985 عيسوي ڌاري پاڻ اعلى تعليم لاءِ حوزه علميه قم المقدسه ڏانهن روانا ٿيا. قم جي مدرسي رسالت ۾ تحصيل علم ۾ مشغول رهيا. ان کان علاوه ان دور جي بزرگ عالم دينن جهڙوڪ آيت الله  حرم پناهي، آيت الله جوادي آملي ۽ ٻين بزرگن جي درسن ۾ پڻ شرڪت ڪندا رهيا. سائين جن تقريبا 1985 کان 2006 تائين قم المقدسه ۾ تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول رهيا ۽ درس خارج تائين پهچڻ کان بعد علوم آل محمد (ع) جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ وطن واپس ٿيا. ياد رهي ته سائين جن جي دستاربندي مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظمي فاضل لنڪراني(نور الله مرقده) جي هٿن مبارڪن سان ٿي.

سندن شاگرد

پاڻ قم المقدسه ۾ تحصيل علم سان گڏوگڏ تدريس ۾ به مشغول رهيا، سندن شاگردن منجهان حجة الاسلام مولانا جاويد علي جوادي، مولانا مختار علي مطهري، مولانا محمد يعقوب مطهري آهن ۽ اهڙيءَ ريت مولانا علي محمد مطهري ۽ مولانا محمد اسلم مطهري پڻ سندن شاگرد آهن، جيڪي اڃا تائين قم ۾ درس خارج ۾ مشغول آهن.

قم جي زندگي

شهيد جي شريڪ حيات جي چوڻ مطابق اهي جڏهن شادي ڪري قم المقدسه ڏانهن آيا ته ان وقت ايران ۽ عراق جي جنگ عروج تي هئي ايتري تائين جو قم المقدسه تي به بمباري ٿي رهي هئي، جنهن سبب مدسه رسالت بلڪل ختم ٿي ويو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ ڏينهن شهيد پنهنجي گهر واپس اچي رهيا هئا ته سندن اکين جي سامهون بمباري ٿي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، پاڻ ٻين ماڻهن سان ملي ڪري زخمين کي اسپتال تائين پهچايائون. ان کان پوءِ پاڻ جڏهن گهر آيا ته سندن گهرواريءَ کانئن پڇيو ته توهان کي ته ڪجھ به نه ٿيو، اوڏي مهل شهيد ٿڌو ساھ ڀري چيو: منهنجي اها قسمت ڪٿي جو شهيدن جي لسٽ ۾ منهنجو نالو اچي.

دين جي تبليغ ۽ ترويج

سائين جن هر سال قم کان رمضان المبارڪ جي تبليغ ۽ محرم جي عشري لاءِ پاڪستان ويندا هئا. سڀ کان پهريان تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ ڇپر خان  کوسي ۾ تبليغ  شروع ڪيائون. سندن تبليغ جو ان ڳوٺ ۾ ايترو ته اثر ٿيو جو اڃا تائين ڇپر خان کوسي جا مومن سائين جن کي ياد ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته سچ پچ! سائين جي زحمتن جي ڪري اسان جي ڳوٺ ۾ دينداري آئي آهي؛ ڇو جو پاڻ عملي طريقي سان هڪ هڪ مومن کي وضو ڪرائيندا هئا ۽ ان جي سامهون نماز پڙهندا هئا. پاڻ سنڌ جي ٻين محروم علائقن ۾ به تبليغ جي لاءِ ويندا هئا. جهڙوڪ نظرپور، ڪوٽڙي، ٻٻر اسٽاپ وغيره.

نظم ۽ ضبط

سن 2006 عيسوي کان جڏهن شهيد مدرسي مرڪز تحقيقات و تبليغات اسلامي ڄامشوري جي مديريت کي سنڀاليو ته پوري ڪوشش ڪيائون ته مدرسي جي هر ڪم کي نظم ۽ ضبط سان ڪيو وڃي. سندن ڪاوشن جو اهو نتيجو نڪتو جو هر طالبعلم جو الڳ الڳ فائل ٺاهيو ويو، ان فائل ۾ هر طالبعلم جي شخصي معلومات، شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي، علمي سَنَدون ۽ مارڪ شيٽ رکيا ويا ۽ جيڪڏهن ڪوئي طالبعلم قانون جي خلاف ورزي ڪندو هيو ته انهيءَ کان تعهد نامو وٺندا هئا ۽ اهو تعهد نامو به ان فائل ۾ رکي ڇڏيندا هئا. اهو فائل فقط مدرسي ۾ رهڻ وارن طالبعلن سان مخصوص نه هو. شهيد پوري ڪوشش ڪئي ته جيڪي طالبعلم ان مدرسي مان فارغ التحصيل ٿين ٿا يا ڪنهن به طريقي سان مدرسي مان فارغ ٿي چڪا آهن انهن جي به معلومات گڏ ڪري. سندن چوڻ مطابق جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ ڪاغذي ڪاروائي نه ڪئي وڃي ته ڪڏهن به ان اداري ۾ نظم نه ٿو اچي سگهي.ان فائل کان هٽي ڪري شهيد هڪ جنرل رجسٽر به ٺاهيو، جنهن ۾ هر طالبعلم جي داخلا جو سال ۽ ڪورس مڪمل ڪرڻ جي سال کي انهيءَ ۾ درج ڪيو ويندو هو ۽ ان طالبعلم کي رجسٽري نمبر ڏنو ويندو هو، ته جيئن جيڪڏهن سڀاڻي ڪوئي مديريت کي سنڀالڻ اچي ته اهو طالبعلمن جي باري ۾ ڪجھ معلومات ته رکندو هجي. مدرسي جي حساب ڪتاب لکڻ ۾ ساڻن گڏ قبله اختر شريعتي صاحب گڏ هئا، اهي تفصيل سان ٻڌائي سگهن ٿا ته پاڻ مدرسي جي روزانه آمدني ۽ روانگي کي پوري غور سان لکندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سائين جن رات جو دير تائين به فقط مدرسي جي حساب ۽ ڪتاب ۾ لڳائي ڇڏيندا هئا.

صله رحمي

شهيد جا ٻه ڀائر حجة الاسلام شبيه الحسن جوادي ۽ حجة الاسلام سجاد جوادي قم ۾ گهڻي عرصي تائين مشترڪ گهر ۾ گڏ رهيا. قبله شبيه الحسن جوادي پنهنجي فيملي سان گڏ رهندا هئا. شهيد جو اهو معمول رهيو ته جڏهن به پنهنجي ٻچڙن جي لاءِ ڪا شيءِ جهڙوڪ ڪپڙا وغيره وٺندا هئا ته پنهنجي ڀائٽين لاءِ  به وٺي ايندا هئا. پنهنجي والد بزرگوار علامه حيدر علي جوادي(دام عزه) جي سامهون ائين ويهندا هئا، جيئن ڪنهن استاد جي سامهون ويهبو آهي ۽ پوري ڪوشش ڪندا هئا ته بابا جي سامهون گهٽ ڳالهائي ۽ وڌيڪ بابا جي ڳالهين کي ٻڌي. پنهنجي ماء سان محبت جو اهو عالم هو جو مدرسي وڃڻ وقت به پنهنجي جيجل امڙ کي سلام ڪري دعا وٺي پوء ويندا هئا ۽ واپسي ۾ به امڙ وٽ ويهي ڪچهري ڪري پوءِ پنهنجي گهر واپس ويندا هئا.

سادگي

شهيد جي نياڻي جيڪا جامعة الزهرا مان فارغ التحصيل آهي، ٻڌائي ٿي ته اسان جڏهن به بازار ويندا هئاسين ته بابا اسان کي اهو چوندو هيو ته امان ڪپڙو اهڙو وٺجؤ جو جيڪڏهن ڪوئي غريب ڏسي ته ڪمتريءَ جو احساس نه ڪري. سندن گھر واري ٻڌائي ٿي ته هڪ عبا شهيد ورتي انهيءَ وقت طالبعلمن جي مالي حالت صحيح ڪانه هئي جڏهن شهيد اها عبا پائي مدرسي ۾ ويا ته هڪ طالبعلم ان عبا جي تعريف ڪئي ته سندن ذهن ۾ اها ڳالھ آئي ته شايد هي طالبعلم اهو سوچيندو هجي علامه حيدر علي جوادي جي فرزند وٽ پئسا آهن انهي ڪري اها عبا پائي پيو! ان کان بعد شهيد ڪڏهن به اها عبا زيب تن نه ڪئي.

مهمان نوازي

شهيد جي گهرواريءَ جي بقول ته اسان شروع ۾ ڪجھ وقت حجت الاسلام مولانا غلام قنبر ڪريمي صاحب وٽ رهياسين. ان کان بعد جڏهن پنهنجي گهر وياسين ته شهيد جي اها عادت رهي ته جيڪو به طالبعلم سرزمين سنڌ مان قم المقدسه ۾ تحصيل علم لاءِ ايندو هو انهيءَ جي دعوت ڪندا هئا. ان کان علاوه طالبعلن جي خدمت جي باري ۾ وڌيڪ حال ۽ احوال حجت الاسلام محمد ابراهيم حڪمتي، حجت الاسلام سفير علي حيدري ۽ ٻيا ڏيئي سگهن ٿا جيڪي تقريبن سائين جن سان بحث ۽ مباحثي ۾ پڻ گڏ رهيا.

ايتري حد تائين جو جمعي جي رات سندن گهر ۾ وڏي ڪچهري (گڏجاڻي) ٿيندي هئي جنهن ۾ سنڌ جا بزرگ عالم جهڙوڪ قبله دوست علي سعيدي، قبله رضا محمد سعيدي قبله اعتقاد علي خاڪي وغيره شرڪت ڪندا هئا ۽ ان گڏجاڻيءَ ۾ علمي بحث ۽ مباحثو ٿيندو هو.

علم سان محبت

سائين جن جو ساٿي قبله وسيم رضا سبحاني بيان ٿو ڪري ته  مان جڏهن به ساڻن ويهندو هئم ته پاڻ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي بحث کولي ڇڏيندا هئا ۽ بحث ڪندا هئا. اڪثر بزرگ عالمن جي قول کي بيان ڪندا هئا. مون کي ياد آهي ته انهيءَ ڪچهري جو پاڻ اهتمام ڪندا هئا. پنهنجي گهر هفتي ۾ تقريبا هڪ مرتبه مون کي ۽ قبله مولانا اختر علي شريعتي کي دعوت ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن اتفاق سان هفتي ۾ سائين جن وٽ نه ويندا هئاسين ته اسان کان پڇا ڪندا هئا ته توهان ڇو ڪونه آيؤ؟ مطلب ته علم سان دلي لڳاءُ ۽ محبت هين. جيترو وقت ساڻن ملاقات ٿيندي هئي ته پاڻ اهو چوندا هئا ته علم پرايو، بحث ڪريو، اشڪال ڪريو. مطلب ته واقعا شهيد هڪ حقيقي عالم ۽ علم سان محبت رکڻ واران مان هئا. سندن وڇوڙي کي برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، بس راضي آهيون رب جي رضا تي. مولا سندن درجا بلند فرمائي.

نياڻيءَ جي چنتا

کين 3 نياڻيون آهن، انهن مان ٻن جي شادي سائين جن جي اغوا ٿيڻ کان پهريان ٿي چڪي هئي، ليڪن جڏهن پاڻ آزاد ٿيا ته مون کي اها سعادت نصيب ٿي ته آزاد ٿيڻ کان وٺي آخر تائين مان ساڻن گڏ رهيس. سائين مون سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون، ليڪن انهن مان هڪ ڳالھ اها هئي ته سائين جن چيو ته مان 4 مهينا اندر هئس ليڪن مون کي ٻيو ڪجھ به نه فقط مون کي منهنجي نياڻيءَ کي اٿارڻ جي چنتا هئي. انهيءَ ڪري جيستائين منهنجي نياڻي جو بار نه لهي، واپس ايران نه وڃ. ليڪن افسوس جو سائين نياڻي جي بار لاهڻ کان پهرين هن دنيا مان هليا ويا.

بنا ڪنهن ڏوھ جي

28 مارچ 2018 جي ڳالھ آهي جو پاڻ نامعلوم افراد جي هٿان اغوا ڪيا ويا ۽ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيا ويا، جتي کين چار مهينا تمام سخت حالات ۾ رکيو ويو. جڏهن مختلف ذرائع کان سندن بابت پڇا ڪئي ويندي هئي، اهي چوندا هئا ته توهان پريشان نه ٿيو توهان جو همراھ صحيح ۽ تندرست آهي. جڏهن چئن مهينن کان بعد کين آزاد ڪيو ويو ته سائين جن اهو ٻڌايو ته مون کي چئن مهينن ۾ ڪا به دوا نه ڏني ويئي. آخر تائين مان چوندو رهيس ته ٻيو ڪجھ نه ليڪن فقط انسولين انجيڪشن ڏيو، ها ڪري وري هليا ويندا هئا، پر آخر تائين مون کي انجيڪشن ڪانه ملي. ياد رهي ته سائين جن شگر ۽ بلڊپريشر جا مريض به هئا . چار مهينا پاڻ دوا کان بغير رهيا. سائين آخر تائين اهو چوندا رهيا ته منهجا گردا ختم ڪري پوء ڇڏيو اٿن. سائين جن آزاد ٿيڻ کان بعد 12 ڏينهن زندھ هئا. سائين جن 12 آگسٽ 2018 بمطابق  29 ذي القعد 1439 تي ھ ق حيدرآباد راجپوتانه اسپتال ۾ فجر جي وقت دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. خداوند عالم سندن درجا بلند فرمائي

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي