ڇنڇر, 18 سيپٽمبر 2021

حجة الاسلام شهيد اشفاق حسين الحسيني (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

مھاڳ

اسان جي سنڌ ڌرتي تي اھڙا ته نوراني گل وجود ۾ آيا جو انھن جي علم جي نور سان ڪيترائي انسان سلجھي سڌري ۽ چمڪي ويا ۽ انھن جي علم ۽ عمل جي خوشبوء سان معاشرو سھڻو ۽ سيبتو بڻجي ويو

جن سالڪن سڌاري سنڌ

جو اڄ اسان جي معاشري ۾ اھڙن سلڇڻن عالمن جي علم ۽ عمل جھڙي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ لاء ٻيون به بھترين ۽ سلڇڻيون نوراني شخصيتون وجود ۾ اچي ڪري انھن عالمن سڳورن جي نقش قدم تي ھلي ڪري علم جو نور پکيڙي رھيا آھن. انهن منجهان هڪ مرحوم قبله اشفاق حسين الحسيني آهن. اسان هن تحرير ۾ سندن سوانح عمريءَ تي ڪجھ روشني وجھڻ چاهيون ٿا.

ولادت ۽ واڌ ويجھ

مولانا اشفاق حسين الحسيني جي ولادت 20/11/1969 عيسوي ۾ سنڌ جي سھڻي ڌرتي جي ھڪ ننڍڙي شھر ٻٻرلوء ڳوٺ دونھون ابراھيم شاھ تعلقہ و ضلعہ خيرپور ميرس ٿي. پاڻ پنھنجي ننڍپڻ جو دور بھترين اخلاق سان پنھنجي والد گرامي جي شفقت، پيار ۽ محبت جي سائي ۾ گذاريائون.

 

ابتدائي تعليم

مولانا اشفاق حسين الحسيني جڏھن پڙھڻ جي لائق ٿيا تہ سندن والد گرامي پنھنجي فرزند جي ٻٻرلوء شھر جي ھڪ پرائمري اسڪول م تاريخ 10/09/1975 عيسوي ۾ داخلا ڪرائي جڏھن سندن داخلا ٿي ته پاڻ شوق ۽ ذوق سان علم حاصل ڪرڻ لڳا اھڙيء ريت مولانا پنھنجي ابتدائي تعليم 31/03/1980 عيسويءَ ۾ پوري ڪئي.

ديني تعليم

مولانا اشفاق حسين الحسيني پنھنجي ابتدائي ديني تعليم پنھنجي ئي اباڻي شھر ٻٻرلوء جي ھڪ مدرسي دارلحڪمت ۾ استاد العلماء حجة الاسلام والمسلمين قبله ثابت علي نجفي جي شفقت ڀري سايي ۾ بھترين انداز ۾ حاصل ڪندا رھيا ڪجھ عرصي تائين مدرسہ دارالحڪمت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوء وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاء سنڌ ڌرتي جي وڏي ء مشھور شھر ڪراچي جي ھڪ بھترين مدرسي جامعة الحسين گلشن اقبال ۾ بھترين بااخلاق ۽ باتقوا استادن جي زير سايہ تعليم حاصل ڪيائون

دين جي لاء تبليغي خدمتون

مولانا اشفاق حسين الحسيني دين جي تبليغ 1986 عيسوي ۾ شروع ڪئي مولانا جن ڪجھ عرصو ڪراچي شھر جي مختلف جڳھن ۽ سينٽرن تي تبليغ ڪئي اتي جي رھاڪن کي دين جي باري ۾ معلومات پڻ ڏنائون ان سان گڏوگڏ اتان جي ماڻھن جي فرزندن کي بہ قرآن، دينيات، شرعي مسائل، امام معصومين جا نالا ياد ڪرائڻ ۽ انھن جي سوانح حيات تي روشني وجھي کين سمجھائيندا هئا. ان کان پوء مولانا ڪجھ عرصي جي لاء پنھنجي اباڻي ڳوٺ موٽي آيا تاڪہ دين جي تبليغ جون خدمتون پنھنجي اباڻي شھر ۾ بہ انجام ڏين تہ جيئن پنھنجي حاصل ڪيل ديني معلومات جو ڪجھ فرض ادا ڪري سگھن ٿوري عرصي تائين مولانا جن پنھنجي شھر ۾ بہ ديني تبليغ ڪئي مگر پنھنجي اباڻي شھر م باوقار، بااخلاق ۽ پرھيزگار شخصيت محترم حجة الاسلام والمسليمين ثابت علي نجفي جي وجود کي پائيندي مولانا اشفاق حسين پنھنجي اباڻي ڳوٺ شھر ٻٻرلوء کان تعلقہ لکي غلام شاھ ضلعہ شڪارپور جي شھر ڀرڪڻ ۾ مسجد جعفريہ ۾ دين جي خدمت لاء آيا اتي مولانا صاحب پنھنجي حاصل ڪيل علم ۽ اخلاق سان ماڻھن جي دلين ۾ سمائجي ويا ۽ اتان جو ھر ھڪ رھاڪو مولانا سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي کين دين جي خدمت لاء مدد لاء اچي گڏ ٿيو 

شھادت

مولانا اشفاق حسين الحسيني  جي شھادت ۷ صفر، 20/06/1996 عيسوي م ڀرڪڻ شھر تعلقہ لکي غلام شاھ ضلعہ شڪارپور ۾ اھلبيت عليہم السلام جي دشمنن رات جي وقت ننڊ ۾ بيدردي سان خنجر جا وار ڪري کين شھيد ڪري ڇڏيو، جنھن وقت اھي ظالم صفت انسان مولانا  کي خنجر پيا ھڻن ان وقت مولانا انھن چئي رھيو ھيو تہ مونکي قتل نہ ڪيو منھنجو توھان سان ڪو شخصي جھيڙو وغيرہ تہ نہ آھي ڇوٿا مونکي قتل ڪيو. مگر افسوس انھن ظالمن کي مولانا جي ڪنھن بہ ڳالھ تي رحم نہ آيو ۽ مولانا کي بي دردي سان شھيد ڪري ڇڏيو.

دفن ٿيڻ جي جڳھ

مولانا اشفاق حسين الحسيني جي شھيد ٿيڻ جي خبر قبله سائين ثابت علي نجفي جن وٽ پھتي ڏاڍا غمگين ٿيا. مولانا جي دفن ڪفن جو بندوبست مولانا جي والد گرامي ۽ لواحقين جي اجازت سان سائين ثابت علي نجفي صاحب جن ڪيو ۽ جنازہ نماز پڙھائي ۽ پنھنجي مدرسي دارلحڪمت ٻٻرلوء ۾ دفن ڪيو

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي