ڇنڇر, 18 سيپٽمبر 2021

حجة الاسلام شهيد ديدار علي جلباڻي (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

مهاڳ

زندگيءَ ۾ اوهان ڪجهه اهڙن عظيم انسانن سان ضرور مليا هوندؤ جن توهان جي زندگيءَ تي تمام گھڻو اثر ڇڏيو هوندو. لمحو لمحو انهن کي ياد ڪندا هجو ۽ انهن جي ياد توهان جي زندگيءَ جو حصو ٿي ويئي هجي.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

اهڙن انسان منجهان هڪ علامه ديدار علي جلباڻي جن آهن.

سندن پيدائش

سندن سنڌ صوبي جي خيرپور ضلعي، تعلقه ٺري ميرواهه جي ويجهو ڳوٺ رحيم خان جلباڻي ۾ پيدائش ٿي. شهيد جي والد صاحب جو نالو رسول بخش جلباڻي هو. سلام هجي اهڙين مائرن تي جن شهيد ديدار علي جهڙا سپوٽ پٽ هن دنيا تي وڏا ڪري انسانيت جي خدمت خاطر قربان ڪيا.

واڌ ويجھ ۽ تعليم

بابا ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ علم دوست هئا، تعليم سان گڏوگڏ پنهنجي چاچي وٽ درزڪو ڪم به سکندا هئا. مئٽرڪ جي تعليم ڳوٺ مينگهي فقير شر مان مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواهه ۾ داخلا ورتائون.

شهيد کي ننڍي هوندي کان ئي ديني تعليم سان ڏاڍي دلچسپي هئي، جنهن جو اظهار پنهنجي ڳوٺ جي عالم دين علامه احمد علي طاهري سان ڪيائون. سائين احمد علي طاهري صاحب جن شهيد کي پنجاب صوبي جي شهر ميانوالي ۾ علامه افتخار حسين نقوي جي مدرسي ۾ داخلا وٺرائي ڏني. ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور شهر ۾ جامعة المنتظر مدرسي ۾ پڙهڻ ويا ۽ جامعة المنتظر مان فارغ التحصيل ٿيا.

سندن اولاد

کين ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون جن مان وڏو پٽ بنده حقير آهيان، آئون هن وقت مدرسه امام خميني ۾ ڪارشناسي علوم حديث ۾ پنهنجي تعليمي سرگرمين ۾ مصروف آهيان ۽ سندن ننڍو پٽ شاهد حسين المصطفي ڪراچي ڪيمپس ۾ پڙهي رهيو آهي. ۽ سندن باقي اولاد هن وقت به ڪراچي ۾ پنهنجن چاچن (صدر الدين ۽ صوبدار علي) سان گڏ رهندا آهن.

لک آفرين شهيد جي اولاد کي جيڪي شهيد جي وڇوڙي جو صدمو پنهنجي دل ۾ سانڍي گهمندا ٿا وتن، جيئن دشمن اهو نه سمجهي ته شهيد جو اولاد شهيد جي جدائي ڪري پريشان آهي. دشمن جي اها ڀل آهي ڇو جو شهيد جو اولاد به شهيد جهڙو ئي آهي، انهن پنهنجي مصيبت کي وساري سيدالشهداءِ امام حسين عليه السلام جي مصيبتن کي نمونه عمل قرار ڏنو آهي. اها ئي اصلي شيءِ آهي جنهن کان شهيد جو دشمن ڊڄي ٿو.

بابا سائين اسان لاءِ اجهي ۽ ڇانو وانگر هئا. ان سايي ۾ نه رڳو اسان، بلڪه لطيف ڳوٺ جي سڀني غريبن کي پڻ سڪون ايندو هو. بابا هڪ مجاهد انسان ۽ الله سائين کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊڄندا هئا. هڪ ئي سوچ ذهن ۾ رکندا هئا ته ڪراچي جي غريب عوام جي خدمت ڪيئن ڪجي؟ بابا سائين جن ثابت ڪري ڏيکاريو ته انسانيت جي خدمت ڪيئن ڪبي آهي؟

سندن سڄو گهراڻو اهلبيت عليهم السلام جي حبدار هجڻ جو اعلى نمونو هو ۽ سندن سڄي گهراڻي مان محبت اهل بيت عليهم السلام جا واضح اثر ڏسي سگهجن ٿا.

ديني، سياسي ۽ سماجي خدمتون

فارغ تحصيل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ واپس موٽي تبليغي سرگرميون انجام ڏيڻ شروع ڪيائون.

پاڻ هڪ بهترين خطيب پڻ هئا، خطابت سان گڏوگڏ وطن عزيز پاڪستان جي مشهور شيعه تنظيم ”شيعه علماء ڪونسل ۾ به خدمتون انجام ڏيندا رهيا. قائد محترم علامه سيد ساجد علي نقوي صاحب جن شهيد کي تمام گهڻو چاهيندا هئا. ڪجهه عرصو ضلعي ڪنڊياري ۾ ديني خدمتون پڻ انجام ڏنائون ۽ بعد ۾ ڪراچي منتقل ٿي ويا.

ڪراچيءَ ۾ هڪ خالي پلاٽ ۾ صرف هڪڙو ڪمرو هوندو هو، جتي شهيد مذهبي خدمتون انجام ڏيندا هئا. پاڻ ديني خدمتن سان گڏوگڏ گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ ڌوٻي جو دڪان کوليائون، جتي پاڻ ڪم ڪندا هئا. سچل ڳوٺ ۾ اڪثر ماڻهو غريب هئا، جنهن کي ذهن ۾ رکندي شهيد سچل ڳوٺ جي مومنن جي لاءِ حسيني ويلفيئر ٽرسٽ جو بنياد رکيو ۽ هڪ ذاتي ايمبولنس خريد ڪيائون (ڇو جو سچل ڳوٺ ۾ ايمبولنس نه ايندي هئي) هن ايمبولنس وسيلي سچل ڳوٺ جي غريب عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي ويندي هئي.

شهيد ڪجهه مومنن ۽ قبله مجاور حسين جي تعاون سان انهي هڪڙي ڪمري کي جامعه مسجد ۾ تبديل ڪري ٻه منزله مسجد تيار ڪيائون، جتي پاڻ نماز جمعه جي امامت جا فرائض انجام ڏيندا هئا. شهيد جو جمعي وارو خطبو ايترو ته مشهور هو جو پري پري جا مؤمنن صرف جمعي جو خطبو ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا. پنهنجي خطبي ۾ حالات حاضره تي بهترين تجزيو ڪندا هئا. شهيد هن ٽرسٽ وسيلي ڪيترن ئي غريب ماڻهن ۽ غريب مومنن جي خدمت ڪئي.

سندن پوري ڪوشش هوندي هئي ته ڪراچي جي عوام جي خدمت ڪن. جنهن به وقت کين ڪوئي ڪال ڪندو هو ته اتي پهچي ويندا هئا. هڪڙي دفعي شهيد جي کيسي ۾ صرف 100 روپيه هئا. ڪنهن غريب ٻار چيو ته سائين پائڻ لاءِ چپل ناهي، شيهد پنهنجي کيسي ۾ هٿ هنيو ۽ پنهنجي ضرورتن کي ڇڏي، اهي سئو رپيا ٻار جي هٿ ۾ ڏيندي، چيائين: پٽ! جيڪڏهن هنن پيسن مان توکي جتي ملي پوي ته مون کي خوشي ٿيندي.

شهيد پنهنجي ڪجهه دوستن سان ملي ڪري سچل ڳوٺ ۾ محرم الحرام ۾ عزاداريءَ جو بنياد رکيو، جيڪو هر سال مسجد، امام بارگاهه علي المرتضي کان مسجد الحسيني تي اختتام پذير ٿيندو هو. وهابي دهشتگردن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهيءَ جلوس کي بند ڪيو وڃي. ڪيترائي ڀيرا ان جلوس تي حملا به ٿيا پر پوءِ به شهيد همت نه هاري.

مارچ 2013 ۾ مجلس وحدت المسلمين حيدرآباد ۾ جلوس ڪرايو، جتي وحدت المسلمين جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس جي تقرير شهيد کي متاثر ڪيو جو شهيد، راجا ناصر عباس جو ديوانو ٿي ويو.2013 جي عام انتخابات ۾ مجلس وحدت المسلمين ڪراچي ڊويزن وارا شهيد وٽ آيا ۽ چيائون ته اوهان ps.126 تي اليڪشن وڙهو. شهيد چيو ته پنهنجن مومن ڀائرن سان مشورو ڪرڻ کان پوءِ ئي توهان کي جواب ڏيئي سگھان ٿو. مومنن جي اصرار تي پاڻ اليڪشن وڙهيا، جنهن ۾ کين ظاهري طور ته ڪاميابي ڪانه ملي سگهي، پر دشمن جي نگاهه شهيد تي هئي ۽ دشمن شهيد کان ڊڄندا هئا. پنهنجي اليڪشن جي مهم جي هر تقرير ۾ شهيد ٻين شين تي گھڻو زور ڏنو.

پنهنجي دؤر جي جابر حاڪمن جي خلاف تمام گهڻو ڳالهائيندا هئا، جن بي گناهه پاڪستانين جو خون وهايو هو. گورنر هائوس ۾ ميٽنگ هئي ان وقت عشرت العباد جو دور هو، ميٽنگ دوران عشرت العباد جي اکين ۾ اکيون ملائيندي شهيد جيڪي يادگار لفظ چيا، اهي ڪڏهن به وسرڻ جوڳا ناهن: اي عشرت العباد! ڪراچيءَ ۾ جيڪي به بي گناهه ماريا وڃن ٿا انهن جي خون جو تون ئي ذميوار آهين.

پاڻ امام خميني جي فرمان جي پيروي ڪندي هميشه سني، شيعه وحدت جي ڳالهه ڪندا هئا. وحدت واري ڳالهه سپاهه صحابه ۽ لشڪر جهنگوي کي ڏکي لڳندي هئي ۽ ڪيترا ڀيرا شهيد کي دشمنن طرفان ڌمڪيون به ملنديون رهيون. انهيءَ ئي سال کين ڪراچي ڊويزن جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

شهادت ۽ نماز جنازه

3 ڊسمبر 2013 عيسويءَ تي جڏهن بابا سائين گهر کان وحدت المسلمين جي دفتر وڃي رهيا هئا ته يونيورسٽي روڊ تي پهچندي ئي 6 موٽر سوار مسلّح دهشتگرد بابا سائين جن جي گاڏي جي پويان لڳا. بابا سان سندن حفاظتي گارڊ سرفراز حسين بنگش به گڏ هو. فائرنگ ٿيندي ئي سرفراز بنگش بابا جي جان جي حفاظت ڪندي، اڳيان ٿي ويو، جنهن ڪري سرفراز حسين (ٿڏي تي ئي) شهيد ٿي ويو ۽ پوءِ کين پسٽل جون 6 گوليون لڳيون. کين شهيد ضياءُ الدين هسپتال پهچايو ويو، پر پاڻ پنهنجي وفادار ساٿي سرفراز سان گڏ راهه رباني ڏانهن روانا ٿي ويا. ان کان پوءِ سندن جسد کي انچولي امام بارگاهه ۾ آندو ويو. ٻئي ڏينهن علامه راجا ناصر عباس جنازه نماز پڙهائي. هزارين مومنن سندن جنازي ۾ شرڪت ڪئي. وصيت مطابق سندن جسد کي هيليڪاپٽر وسيلي ڪراچيءَ کان سکر تائين آندو ويو. پوءِ سکر کان اباڻي ڳوٺ آندو ويو. سکر کان ٺري تائين صرف ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي، پر ان ڏينهن مومن احتجاج طور روڊن تي ويٺل هئا، جنهن ڪري ٻن ڪلاڪن جو سفر اٺن ڪلاڪن ۾ طي ٿيو. ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ قبله محمّد محسن مهدوي صاحب جن ٻيهر بابا سائين جن جي نماز جنازه پڙهائي. پوءِ کين مولا عباس عليه السلام جي علم جي سايي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي