ڇنڇر, 18 سيپٽمبر 2021

حجة الاسلام شهيد بدر الدين ميکو (رح) جي سوانح حيات

  • انداز قلم

شهيد بدر الدين ميکو جي پيدائش سن 1969 عيسويءَ ۾ ٽنڊو بهار نالي ضلع شڪارپور جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿي. شهيد پنهنجي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي ۽ اعلى تعليم ضلعي شڪارپور (جي ڪاليج) مان حاصل ڪئي.

جن سالڪن سڌاري سنڌ

کين ننڍپڻ کان ئي اهل بيت عليهم السلام  ۽ حضرت امام حسين عليه السلام جي عزاداريءَ سان ڏاڍو لڳاءُ هوندو هو ۽ اها ئي شيءِ شهيد کي ديني تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي. سن 1982 عيسويءَ ۾ مرحوم علامه بدرالدين سنڌ جي هڪ عظيم ديني درسگاھ دانشگاھ جعفريه واگھريجي ضلع ميرپور خاص ۾ علوم اسلاميه ۽ دين محمّدي جي تعليم کي حاصل ڪرڻ خاطر داخلا ورتي ۽ پنجن سالن تائين وادي مهراڻ جي هن عظيم ديني درسگاھ ۾ تعليم حاصل ڪندا رهيا.

سن 1987 عيسويءَ ڌاري پاڻ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ مذهب اهل بيت عليهم السلام  جي تبليغ خاطر جامع مسجد ۽ امام بارگاھ سادات محله خانپور ضلع شڪارپور ويا. سندن هڪ مهيني جي تبليغ مان علائقي جا مؤمن ايترو ته متاثر ٿيا جو دانشگاھ جعفريه وڃي مدرسي جي مدير کي درخواست ڪيائون ته مولانا صاحب کي مستقل طور اسان جي علائقي ۾ دين محمّدي جي تبليغ ۽ ترويج لاءِ موڪليو وڃي. مؤمنن جي درخواست ۽ مدير جي امر آڏو آخرڪار شهيد کي جھڪڻو پيو ۽ پنهنجي پڙهائيءَ واري سلسلي کي ختم ڪندي خانپور ويا.

ان کان پوءِ پاڻ ڪافي عرصي تائين خانپور ۾ مبلغ ۽ خطيب جي عنوان سان امام جمعه ۽ جماعت جا فرائض انجام ڏيندا رهيا ۽ آهستي آهستي سندن تبليغ جي نتيجي ۾ پوري علائقي ۾ حضرت عباس علمدار عليه السلام  جو پرچم لهرائڻ لڳو.

مرحوم شهيد بدرالدين جا استاد:

حجة الاسلام والمسلمين قبله غلام مهدي نجفي صاحب

 حجة الاسلام والمسلمين قبله عباس علي نجفي صاحب

حجة الاسلام والمسلمين قبله منظور حسين لکنوي صاحب

حجة الاسلام والمسلمين قبله سيد ارشاد علي نقوي صاحب

حجة الاسلام والمسلمين قبله محمّد حنيف صادق صاحب

سن 1991 عيسويءَ ۾ شڪارپور جي مؤمنن جي بيحد اصرار تي پاڻ خانپور کي ڇڏي مسجد ۽ امام بارگاھ شاھ نجف حيدري محله شڪارپور آيا ۽ اتي دين محمّدي صلي الله عليه وآله وسلم جي تبليغ ۽ ترويج ۾ مصروف ٿي ويا. شڪارپور ۾ پاڻ ديني خدمتن سان گڏوگڏ ملي ۽ فرهنگي خدمتن ۾ پڻ مصروف ٿي ويا ۽ نتيجي ۾ سنڌ شيعه اثنا عشري آرگنائزيشن جا صدر منتخب ٿيا. ان حوالي سان پاڻ نه رڳو شڪارپور بلڪه پوري سنڌ ۾ شيعه آرگنائزيشن کي منظم ۽ فعال ڪيائون ۽ مڪتب اهل بيت عليهم السلام  جي پيروڪارن جي خدمت ۾ راتوڏينهن رُڌل رهيا. سندن ان فعاليت کي ڏسندي شيعان حيدر ڪرار جي واحد نمائنده جماعت تحريڪ جعفريه پاڪستان کين شموليت جي دعوت ڏني، جنهن تي لبيڪ چوندي علامه صاحب تحريڪ جعفريه ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي ۽ قائد ملت جعفريه علامه سيد ساجد علي نقوي جي سرپرستيءَ ۾ ملت جعفريه جي فلاح ۽ بهبود جو ڪم جاري رکيو. پاڻ تحريڪ جعفريه پاڪستان شڪارپور کان علاوه تحريڪ جعفريه ضلع نصير آباد ۽ نصير آباد ڊويزن بلوچستان جا صدر پڻ رهيا ۽ ان حوالي سان پڻ سندن خدمتون تعريف جوڳيون آهن.

ان کان پوءِ پاڻ سن 1996 عيسوي ڌاري بلوچستان جي مؤمنن جي درخواست تي مدرسه فيضيه صحبت پور ضلع جعفر آباد ويا ۽ اتي مدرّس (استاد) جي حيثيت سان خدمتون انجام ڏيڻ لڳا.

ٻن سالن تائين سهڻي ڪارڪردگيءَ تي قبله محمّد جمعه اسدي کين ڊيرا مراد جمالي ۾ مرڪزي جامع مسجد امام صادق عليه السلام ۽ امام بارگاھ حضرت عباس علمدار عليه السلام ۾ بطور خطيب ۽ امام جمعه ۽ نماز جماعت انجام ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي، جنهن کي شهيد قبول ڪندي، ڊيرا مراد جمالي ڪوچ ڪيو. ڊيرا مراد جمالي ۾ اندرون بلوچستان جي سڀ کان وڏي مسجد ۽ امام بارگاھ واقع آهي. شهيد نه رڳو ڊيرا مراد جمالي ۾ دين اسلام جي تبليغ ۽ ترويج کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، بلڪه ان شهر جي اطراف ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ماڻهن سندن ڪوشش ۽ ڪاوشن سان مذهب حق کي قبول ڪيو ۽ ڊيرا مراد جمالي کي سندن خدمتن جي ڪري مرڪزي حيثيت حاصل ٿي، جنهنڪري مرحوم نه رڳو بلوچستان ۾ بلڪه پوري پاڪستان ۾ پنهنجي مذهبي خدمتن جي حوالي سان معروف ۽ مشهور ٿي ويا.

بهترين خدمت ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڪري کين بلوچستان ۾ خدمات سرانجام ڏيڻ وارن مبلغن جو مسئول پڻ مقرر ڪيو ويو. شهيد ان ساڳئي شهر ۾ مدرسه زينبيه سلام الله عليها جو پڻ بنياد رکيو، جنهن ۾ سندن گھرواري جيڪا هڪ عالمه هئي، شهر جي ڇوڪرين کي ديني تعليم ڏيڻ شروع ڪئي.

مرحوم جي ڀرپور ڪوشش هئي ته ڊيرا مراد جمالي ۾ هڪ مدرسو قائم ڪري، علائقي جي ٻارن (ڇوڪرن) کي پڻ دين اسلام جي تعليم جي زيور سان آرسته ڪجي.

شهيد بدرالدين ميکو هڪ عالم باعمل هجڻ سان گڏوگڏ، عامل به هئا، سندن دم ۽ تعويذ ۾ وڏي تاثير ۽ شفا هوندي هئي ۽ علائقي جا مؤمن ان حوالي سان به کانئن فيض حاصل ڪندا هئا.

پاڻ انتهائي خوش مزاج ۽ مهمان نواز پڻ هئا، هر هڪ سان مسڪرائيندي ملندا هئا. ڪو اهڙو وقت نه هوندو هو جو وٽن مهمان نه هجن، گھڻو ڪري هر وقت وٽن چار پنج مهمان هوندا هئا، پاڻ ڪڏهن به مهمانن جي خدمت ڪرڻ کان نه ڪيٻايائون، بلڪه هر هڪ جي وس آهر خدمت ڪندا هئا. سندن نظرياتي مخالفن بلڪه پنهنجي دشمنن سان به سهڻي سلوڪ سان پيش ايندا هئا. ڪجھ اسلام ۽ شيعه دشمنن جڏهن کين ڌمڪيون ڏنيون، ته پاڻ انهن کي به چانهن پيئن جي پيشڪش ڪئي ۽ انهن کي گار ۽ گند بدران سهڻي نموني دليل جي زبان ۾ گفتگو ڪرڻ جو چيو، جنهن تي هو مڇرجي شهيد ۽ شيعن کي گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيندي هليا ويا.

 ان کان پوءِ مرحوم اسلامي تبليغي مشن بلوچستان جي پليٽ فارم تان مذهب حق جي تبليغ ۽ ترويج هڪ نئين انداز ۾ ڪري رهيا هئا. سندن تعاون ۽ رهنمائي سان اسلامي تبليغي مشن مختلف ڏهن ڳوٺن ۾ ڏھ مسجدون تعمير ڪرايون. شهيد جو ڇتر ۾ مسجد امام علي رضا عليه السلام ڳوٺ رئيس غلام مصطفى گولاباري شاخ ۾ مسجد علي بن ابي طالب عليه السلام ۽ باري شاخ ۾ هڪ ديني مدرسي سيدالمرسلين پڻ تعمير ڪرائڻ جو ارادو هو.

سندن ديني ۽ مذهبي خدمتون اسلام ۽ اهل بيت عليه السلام  جي دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيون هيون ۽ انهن ڪيئي ڀيرا کين ڌمڪيون ڏيئي مذهبي فعاليتن کان هٽي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر پاڻ محب حيدر ڪرار هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهادر انسان پڻ هئا، دشمنن پاران انهن سڀني ڌمڪين ۽ مشڪلاتن هوندي به پاڻ دين جي خدمت ۾ مصروف رهيا.

2 سيپٽمبر سن 2005 عيسوي ڌاري پاڻ پنهنجي فرزندن حسنين عباس ۽ ثقلين عباس کي موٽرسائيڪل تي اسڪول ڇڏڻ ويا، ٻارن کي گاڏيءَ تان لاهي مڙڻ وارا ئي هئا جو ٻن نامعلوم دهشتگردن مٿن فائر ڪيا ۽ سندن مٿي ۾ گوليون لڳيون، شهيد جي فرزندن دانهون ڪندي چيو: ڏسو دشمن بابا کي ماري رهيا آهن، گولين جي لڳڻ سان پاڻ موٽرسائيڪل تان ڪري پيا ۽ اهڙي نموني بزدل دهشتگرد، اسلام جي هن چراغ کي گولين جي تيز طوفان سان وسائي فرار ٿي ويا. حسنين ۽ ثقلين سندن زخمي بابا سان چنبڙي روئڻ لڳا، ماڻهو خوفزده ٿي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا، ڪنهن به دشمنن ۽ قاتلن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ اهڙي نموني ڊيرا مراد جمالي جي هر دل عزيز شخصيت خون ۾ لت پت پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي ملي. سندن شهادت جي خبر باھ جيان سنڌ توڙي بلوچستان ۾ پکڙجي ويئي ۽ هزارين ماڻهو شهيد جي غم ۾ روئندا مراد جمالي پهچي ويا. ڊيرا مراد جمالي ۾ سندن جنازي نماز ڪوئٽه جي امام جماعت حجة الاسلام والمسلمين علامه غلام مهدي نجفي پڙهائي. ان کان پوءِ سندن جسد کي سندن آبائي ڳوٺ نيو ويو. شهيد جي جنازي جي پهچڻ سان هزارين ماڻهو عزا ۽ ماتم ڪندا سندن جنازي ۾ شريڪ ٿيا. ڳوٺ ۾ سندن ٻيهر جنازي نماز پڙهائي ويئي، ان کان پوءِ سوين آلين اکين سان کين مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا، پر اڄ تائين شهيد جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا. اميد آهي ته شهيد جو خون رائيگان نه ويندو. آخر ۾ دعا آهي ته ڌڻي تعالى محمّد ۽ آل محمّد صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي شهيد کي جوار رحمت ۾ جڳھ عطا فرمائي ۽ قيامت واري ڏهاڙي ڪربلا جي شهيدن سان گڏ محشور ڪري. (آمين ربّ العالمين)

مهمان طور راءِ ڏيو

  • بغير راءِ جي